شيخ اياز سان ٻي ملاقات
”27 سيپٽمبر 1984ع“ سنڌ جي عظيم شاعر، محترم شيخ اياز جي مقبول ترين شاعري، سندن ئي زباني رڪارڊ ڪرڻ لاءِ سکر روانگي.... مُحترم محمد ابراهيم جويو، مُحترم ع. ق. شيخ، جناب مُراد علي مرزا، ادا نور احمد ۽ مان، اسان گڏجي سکر وڃڻ جو پروگرام ٺاهيو هو، جنهن جو سڄو انتظام مُنهنجو وڏو ڀيڻيويو نيزار علي خواجه، جيڪو چيف انجنيئر هائي ويز سکر هو، ۽ لَبِ مهراڻ تي وڏي سرڪاري بنگلي ۾ رهائش هيس، اُن اهو سڄو انتظام ڪرڻ لاءِ خوشي سان دعوت ڏني هُئي. نيزار صاحب هڪ روايتي بيورو ڪريٽ هوندي به، قومي جذبن سان سرشار هو. اهو ئي سبب هو جڏهين اسان هن کي پروگرام لاءِ چيو ته هُن فورن خوشيءِ سان اها سڄي ذميواري قبول ڪئي ۽ پاڻ سکر کان نئين ايئرڪنڊيشن ڪار اسان لاءِ حيدرآباد موڪلي ته جيئن هِنن مُحترم بُزرگن کي ڪا به تڪليف نه ٿئي... 27 سيپٽمبر تي ٻن پهرن جو اسان سڀ گڏجي روانه ٿياسين، تمام آرام سان، بهترين موڊ ۾ کل ڀوڳ ڪندا هلياسين، ع. ق شيخ ۽ نور احمد پاڻ ۾ ڪجهه حُجتي هئا. سو هڪ ٻي سان چرچا ڪندا رهيا. شيخ صاحب نور احمد تي نالو رکيو، نُور شاهه شيخ صاحب چيو، بابا اسان جو پير و مُرشد ۽ قبلو آهي، نُور شاهه سو مُرشد جي پويان هٿ ٻڌي پيا هلون. نور احمد وري شيخ صاحب جي ڪا ڪمزوري ٻُڌائي کلائيندو رهيو، اٽڪل اڍائي بجي ڌاري سوچيوسين ته ماني کائون، جيڪا نور احمد ٽفن باڪس ۾ گهران ٺهرائي کنئي هُئي، هڪ واهه جي ڪپ تي موجود هوٽل وٽ جويو صاحب گاڏي روڪائي، اهو روهڙي ڪئنال هو، وڻن سان ڍڪيل ٿڌي ڇانو ۾ کٽن تي ويهي ماني کاڌيسين ۽ چانهه جو آرڊر ڏنو، تيستائين جويو صاحب سڀني جو ڌيان ڇڪائيندي چيو، اڙي هي پکين جون ٻوليون سندن آواز ته ٻُڌو، ڪهڙا نه سُريلا مٺڙا آواز آهن، سڀني جو ڌيان اوڏانهن ويو. واقعي مُختلف پکين جا گڏيل آواز جن مان اهڙي ته مڌر مِٺي موسيقي پيدا ٿي رهي هُئي جيڪا دل کي بيحد وڻي رهي هئي... چانهه پي وري سفر جاري رکيوسين، آرام سان هلندا، اٽڪل پنجين بجي ڌاري درياهه سنڌ مٿان، ايشيا جي سڀ کان وڏي سکر بئراج تي پُهتاسين ته اسان سڀني جا وجود ۽ روح سَرها ٿي پيا. اسان لَبِ مهراڻ پهتاسين ته، اسان جا ميزبان جناب نيزار علي خواجه ۽ سندن بيگم منهنجي وڏي ڀيڻ آجيان لاءِ منتظر هُئا. هنن اڳواٽ ئي سمورا انتظام مڪمل ڪري ڇڏيا هُئا... انگريزن جي دور جو جوڙايل هي ڊاڪ بنگلو پُراڻي انگريزي طرز تعمير جو بهترين نمونو هو. ٻه ماڙ بنگلي جي هيٺ وڏي ايئرڪنڊيشن ڪمري ۾ بيٺڪ جو انتظام هو. نيزار صاحب ٻُڌايو ته شيخ اياز ٻه ڀيرا فون ڪري توهان جو پُڇيو آهي. جويو صاحب جن اياز کي فون ڪري پُهچڻ جو اطلاع ڏنو، ۽ پروگرام ٺهيو ته اٺين بجي اسان اياز صاحب کي وٺڻ لاءِ سندن جاءِ تي وينداسين، نُور احمد ۽ مون وڊيو رڪاڊنگ لاءِ تياري ڪئي، ڪئميرا ۽ لائيٽون وغيره سيٽ ڪري، اٺين بجي جويو صاحب ، نور احمد ۽ مان اياز صاحب کي وٺڻ پُراڻي سکر سندن گهر تي وياسين، جويو صاحب جيئن ته اياز سائين جو رشتيدار به هو، سو اندر ويو ۽ ٻارن لاءِ آندل تحفه وڃي ڏنائين. پوءِ اياز سائين ۽ اسان گڏجي بنگلي تي آياسين، نيزار صاحب، هنن معزز مهمانن لاءِ انتهائي قيمتي مَئي جو انتظام ڪيو هو، ساقي جا فرائض مون انجام ڏنا، اياز سائين مون کي چيو بابا مون کي هلڪو پيگ ٺاهي ڏي ته جيئن ڪلام پڙهڻ ۾ رڪاوٽ نه ٿئي، اياز سائين تمام آهسته سُرڪ سُرڪ ڀري پيئڻ ۽ پنهنجو ڪلام پڙهڻ شروع ڪيو. اياز پنهنجي شاعري جا ڪتاب کڻي آيو هو، اُنهن مان پڙهڻ شروع ڪيو. اول جويو صاحب ۽ ٻين جي فرمائش تي شروعات ڪئي ۽ پوءِ ته ڄڻ درياهه پلٽڻ لڳو، اياز جو ڪلام ڪيترا ڀيرا پڙهيو ۽ ٻُڌو اٿئون، ظاهر آهي اياز جو ڪوثاني ڪونهي، پر اُن ڏينهن، اياز جي زباني، سندن مدُر مخصوص انداز ۾ ۽ وري مئي جي موج ۾، آواز جو اُتار ڇڙاءُ، گن گرج اهڙو ته سماع پئيدا ڪيو جو اسان سڀ ان ۾ قيد ٿي صرف ڪنڌ لوڏيندا رهياسين. جيئن ته رڪارڊنگ ٿي رهي هُئي، ڳالهائڻ ۽ واهه واهه ڪو نه ڪرڻي هُئي، ان ڪري صرف اشارن سان داد ڏيندا رهياسين، اياز سائين پهاڙي نديءِ مثل، ڪيڏي مهل گجگوڙ سان انقلابي ڪلام ٿي پڙهيو ته ڪٿي وري سنڌو جيان پُرسڪون ۽ ماٺي انداز ۾ حُسن و جمال جا اظهار ٿي ڪيا. ڪلام جي معنيٰ ۽ مفهوم مطابق آواز جو اُتار ۽ چڙهاءُ، اُٿڪ ۽ بيهڪ اهڙو ته ترنم ۽ سحر تاري ڪيو هو جو ائين ٿي لڳو ڄڻ ڪر ڪو آسماني ڪلام، الوهي آواز پولارن مان اچي رهيو هجي، جذبا واقعا، ڪردار ۽ اُنهن جو سٽاءُ ڪنهن انسان جو ڪارنامو هرگز نٿي لڳو. اهڙو بيمثال فن ايتري خوبصورت انداز، ايڏي اثرائتي نموني ڪو انسان تخليق ڪري سگهي ٿو؟ اهو سوال هر هر ذهن ۾ ٿي آيو. اُن وقت، اُن جاءِ تي، اهڙي حسين ماحول ۾، اسان چار پنج ڄڻا پاڻ کي خوش نصيب محسوس ڪري رهيا هئاسين، جو اهڙي عظيم شاعر کي، هن دور جي وڏي پيغمبر کي سندس زباني ٻُڌي رهيا هُئاسين. ٽي ڪلاڪ اهو سلسلو هليو، اياز ڪتاب بند ڪري ٽيبل تي رکيو ته ڄڻ سڀ ڪنهن خواب و خيال مان جاڳي پيا... پوءِ ماني کاڌي. ماني ٺهرائڻ ۽ کارائڻ ۾ اسان جي ڀيڻ ادي شاهه سلطانه وڏي ذوق واري آهي. جنهن اُن وقت به پنج ڇهه طعام تيار ڪرايا هُئا، جنهن ۾ مُرغي جا ٽي چار قسم، ننڍي ٻڪر جو حلواڻ گوسٽ، اڱرن تي پڪل رانون، پُلاءُ ۽ ٻوڙ هُئا، مٺي ۽ فروٽ ڪسٽر جيڪو جهونن کي بيحد پسند آيو، اياز سائين ڀاڄي جو ڊش به پسند ڪيو. ماني کان پوءِ شيخ اياز کي سندن گهر پهچائي آياسين. سمهڻ لاءِ ٽنهي بزرگن کي هڪ وڏي ايئر ڪنڊيشن ڪمري ۾ ٽي کٽون لڳائي ڏنيون، مان ۽ نور احمد جدا ڪمري ۾ سُتاسين.
ٻيو ڏينهن جمعي جو هو، پروگرام مطابق ٻارهين بجي اياز سائين کي وٺي اچڻ لاءِ يارهين بجي مان ۽ نور احمد، نيزار صاحب جي سرڪاري جيپ کڻي نڪتاسين، اول نور احمد کي ڪجهه سامان وٺڻو هو، ڪلاڪ کن رُلياسين پر سامان ڪو نه مليو، واٽ تي هڪ ٽانگو مليو جيڪو اسان جي جيپ جي اڳيان ٿي هليو، اُن ۾ ٽي ڇوڪريون ڪارن برقعن ۾ ويٺل هيون، اُنهن مان هڪ جا هٿ برقعي مان نڪتل هُئا، اڇن کير جهڙن نازڪ هٿن تي لڳل ميهندي سان اهڙا خوبصورت هٿ ڏسي اسان موهجي پياسين، نور احمد بي اختيار ٿڌا شوڪارا ڀرڻ لڳو، ڇا ته ميندي رتا هٿ هئا، ڪاري برقعي جي نقاب مان ڪاريون ڪجليون اکيون ۽ اُهي ميندي رتا هٿ ڪُجهه دير ڏٺاسين، جيڪي اڃان تائين اسان کي ياد آهن. اسان پراڻي سکر جي جنات مُحلي پهتاسين، اياز سائين تيار ويٺل هُئا، سائين گاڏي ۾ ويٺا، ته نور احمد پُڇيو، سائين اهو ”جنات پاڙو“ نالو ڪيئن پيو، اياز سائين، آڱر سان اشارو ڪري اسان کي ڏيکاريو ته هو سامهون چوراهي تي جيڪا پٿر جي وڏي جاءِ ڏسجي پئي، ان جاءِ لاءِ مشهور آهي ته هن ۾ جن آهن، سائين چيو اصل ۾ ڇا جا جن ٻن، مهاجرن جو هڪ ڇورو لغر اُڏائيندي ڇت تان ڪري پيو ۽ مري ويو، هنن چيو جنن ڪيرايو آهي، بس تڏهين کان هن جاءِ ۽ پاڙي تي اهو نالو پئجي ويو. اياز سائين سان ڪچهري ڪندا، درياهه جي ساڄي ڪپ تان، بندر روڊ تي چڙهياسين ته نور احمد هڪ سوال ڪيو ته، سائين توهان سکر ڇڏي ڪراچي يا حيدرآباد ۾ رهڻ متعلق ڇا سوچيو آهي؟ اياز سائين درياهه ڏانهن ڏسندي، وڏو ساهه کڻندي چيو، ها سکر هاڻ مُشڪل ٿي پيو آهي، دل به ڀرجي وئي آهي، هاڻ ڪم ڪري ڪري ٿڪجي پيا آهيون، وڪالت هُونءِ به ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي، اياز سائين فيصلا ڪن انداز ۾ چيو، بس هاڻ ٻن ٽن سالن ۾، وڪالت مان رٽائر ٿي، پوءِ آرام سان صرف علمي ۽ ادبي ڪم ڪندس... هتي وري مون هڪ سوال ڪيو ته سائين توهان جي وڪالت کان سواءِ به ٻي ڪا آمدني آهي، مثال ڪو بزنس زمين يا پراپرٽي وغيره، سائين فورن چيو نه نه بابا ڪجهه به نه، نه ڪا جائيداد نه زمين، نه بزنس، بس ايترو بچائي رکيو اٿم، جنهن مان باقي زندگي آرام سان گذري ويندي. لب مهران وٽ پهتاسين ته نور احمد چيو سائين توهان رٽائرمينٽ کان پوءِ حيدرآباد ۾ اچي رهجو، اياز سائين چيو، حيدرآباد مونکي به پسند آهي، سڀ يار دوست به حيدرآباد ۾ آهن، پر منهنجي لاءِ مجبوري اها آهي جو مُنهنجا ٻار اڳ ئي ڪراچي ۾ سيٽ آهن، هڪ جاءِ به اُتي ورتي آهي، ان ڪري ڪراچي ۾ رهڻو پوندو، پر ڪراچي ۽ حيدرآباد ته گڏيا پيا آهن، اچڻ وڃڻ ٿيندو رهندو. اسان هڪ بجي بنگلي تي پهتاسين، جويو صاحب ۽ ٻيا دوست به تيار ويٺا هئا، ته اُن وقت نور احمد جو ۽ پوءِ اسان سڀني جو دوست سيد سقلين رضه، عَسڪري به اچي نڪتو، هن جا ساهرا خيرپور جا آهن، جتي هو آيل هو، هن کي خبر هُئي ته اسان سکر ۾ آهيون، ان ڪري ملڻ هليو آيو. ياد رهي ته عسڪري هڪ مهاجر آهي، هن جو والد نواب مظفر وارن سان اتحاد ۾ شامل رهيو. پر هي جوان بلڪل مُختلف، ننڍپڻ کان تلهار ۾ رهيو، اُتي پڙهيو ۽ نور احمد وارن سان دوستي ۾ هو بهترين صاف سنڌي ڳالهائي ٿو ۽ اوترائي وري هن جا خيال صاف سٿرا آهن. پاڻ بئنڪ مئنيجر آهي پر ترقي پسند، روشن خيال ۽ قوم پرست سوچ جو مالڪ آهي ۽ علم ادب جو متوالو آهي، اياز سائين جو معتقد آهي، ان ڪري ديدار يار لاءِ هليو آيو هو. خير سائين، اسان سڀ هم تن گوش ٿي ويٺاسين ۽ اياز سائين علم، ادب فن ۽ فڪر جو درياهه واهڻ شروع ڪيو. ائين کڻي چئجي، علم، ادب جي اُڃايل ڌرتي تي، علم و ادب، عشق و مُحبت، انقلاب ۽ امن جا ٿڌا مٺا مينهن وسڻ شروع ٿي ويا ۽ اسان جهڙا اُڃايل، سيراب ٿي اها اُڃ اُجهائي رهيا هئا. انهي آب حيات جي جام اسان کي، هن ڌرتي قوم ۽ ٻولي کي سدا لاءِ سيراب ڪري ڇڏيو آهي. سچ ته شيخ اياز جو سنڌ تي اهو وڏو احسان آهي، شاهه لطيف کان پوءِ اڍائي ٽي سئو سال سنڌ ۾ علم و ادب جو ڏڪار رهيو، اياز آيو، ڀورن ناسي بادلن وانگر ڀرجي آيو، سانوڻي جو مينهن بڻجي وسڻ لڳو، ڏڪار ختم ٿيو ۽ سُڪار شروع ٿيو آهي... مسلسل ٽي ڪلاڪ، اسان سڀ حيرتن جي سمنڊ ۾ غرق هئاسين.. پوءِ سڀني گڏجي ماني کاڌي، رات جو وري نشست جو پروگرام ٺاهي، اياز سائين کي سندن جاءِ تي پهچائي آياسين. هتي سڀني ٿورو آرام ڪيو. اتڪل ستين بجي سڀ دوست تيار ٿي ان ارادي سان نڪتاسين ته ٿورو سکر شهر جو واءُ سواءُ وٺون پوءِ چڪر لڳائي اٺين بجي اياز سائين کي وٺي اينداسين، سو اسان سڀ وڏي پيجارو جيپ ۾ گهمڻ نڪتاسين، اول روهڙي ڏسڻ جو ارادو ٿيو، لب مهراڻ وٽان بئراج ٽُپي روهڙي جي شهر ۾ آياسين، محرم جي ماتم ۽ مجلسن کان مشهور روهڙي جو شهر سنڌ جي ٻين شهرن وانگر اُداس ۽ بيحال نظر آيو، الم ۽ آنگاس اُبا ۽ روشن هُئا، پر پڙن ۽ اوتارن تي سُڃ ۽ ويراني هُئي. روڊ ۽ گهٽيون ٽٽل فٽل گند ڪچري جا ڍير نظر آيا، اسان گاڏي ڦيرائي مين روڊ تي آياسين، سينٽرل جيل جي وڏين اوچين ديوارن ۽ مورچن هيٺان گذرندا اُن هنڌ پهتاسين جتي ڀٽو حڪومت دوران آيل ٻوڏ کان، بئراج کي بچائڻ لاءِ ۽ پڻ لاڙڪاڻي کي ٻُڏڻ کان بچائڻ واسطي، درياهه کي هٿ سان ٽُڪا هڻي، بند ٽوڙيا ويا هئا، هن جاءِ تي خود ڀٽو صاحب به آيو هو، خير اُتان ڦرندا، سکر جي لينڊس ڊائون پل ڏسندا سنڌو درياهه جا چانڊوڪي ۾ نظارا ڪندا ڪوئينس روڊ تي پهتاسين، جتي اياز سائين جي آفيس هئي، آفيس جي ڀر ۾، سنڌ جي هڪ ٻي محبوب شاعر، ”فتاح ملڪ“ جو گهر ۽ آفيس پڻ هئي، فتاح به وڪيل آهي، اياز سائين فتاح ملڪ وٽ ويٺل هئا، قومپرستيءَ واري دور ۾ فتاح ملڪ جي هڪڙي شعر کي ڏاڍي شهرت ملي، اِهو هو. ”جيئن ڪڪر مان ڪوجهي اک ڪا ماروئڙن جي لڄ تڪي، تيئن آسان جو هيڻو هڏ بي واسينگن جيان وار ڪري“ ٻئي گڏجي آيا، فتاح جو خيال هو ته اڄ جي محفل هُن وٽ ٿئي ۽ هو به ميزباني جو شرف ماڻي، پر سڀني ساٿين جو خيال هو ته محفل رٿيل جاءِ تي ٿئي ۽ پوءِ فتاح به اسان ساڻ هليو. اياز سائين اسان کي سندن آفيس ۽ ڪتاب ڏيکاريا. ٽي وڏا ڪمرا ۽ ورانڊو سڄا ڪتابن جي شيلف ۽ ڪٻٽن سان ڀريل هُئا. سڄي آفيس ڪتابن سان سٿيل هُئي، ٻاهر وڏو اڱڻ هو. اياز سائين ٻُڌايو ته سڄي سنڌ ۾ قانون جا ڪتاب سڀ کان وڌيڪ اي ڪي بروهي وٽ هئا ۽ ٻي نمبر تي مان وٽ آهن.... بهرحال اسان روانه ٿياسين، اياز، جويو ۽ نور احمد جيپ ۾ ويٺا، مرزا، فتاح ۽ مان فتاح جي ڪار ۾ واٽ تي فتاح ڌٻيل ڌٻيل آواز ۾ اياز تي تنقيد ڪئي ته اياز جي آفيس جو فون ٽي چار سال ٿيا آهن، ڪٽيل آهي پر ٺهرائي نٿو ۽ هر وقت مان وٽان اچي فون ڪندوآهي، بابا اياز ڏاڍو پڪو ماڻهو آهي، چار پنج هزار جو بل به ڪو نه ٿو ڀرائي.
فتاح جي اها ڳالهه ڪنهن کي به ڪا نه وڻي، فتاح پاڻ شاعر هو شايد اياز سان حسد ٿو رکي. ان ڪري هو مسلسل اياز جون ڪمزوريون ۽ خاميون پيو بيان ڪري، جيڪا ڳالهه اسان کي بلڪل پسند نه ٿي آئي... بهرحال بنگلي تي پهچي، محفل شروع ٿي، اياز سائين اڄ پنهنجو بهترين ڪلام شاندار انداز ۾ ٻُڌائي رهيو هو، فتاح ملڪ به بي اختيار واهه واهه پيو ڪري. فتاح هڪ جملو چيو، ”بابا هي ڪلام اسان جو قرآن آهي، ۽ هي شخص پيغمبر آهي،“ ولائتي مئي جي موج ۾ فتاح ملڪ بي اختيار اياز جي تعريف ڪندو رهيو... هڪ بجي تائين ڪلام هليو، آخر ۾ اياز سائين ٻه نظم اُردو جا به ٻُڌايا، جيڪي واقعي ڪمال و بيمثال هُئا، سڀني جي اها راءِ هُئي ته اهڙو اُردو ڪلام، اُردو دان به ڪو نه چئي سگهندا، آدهي رات جو ماني کائيندي، اياز سائين فيض احمد فيض سان ڪيل ڪچهري جو احوال ٻُڌايو ته ”مون فيض کي چيو، تون پنهنجي ڪلام جو ڪو هڪ شعر اهڙو ٻُڌائي، جنهن جي طرز اڳ ڪنهن اُردو شاعري ۾ استعمال ٿيل نه هُجي، ان تي فيض لا جواب ٿي ويو، هن ڪا به نئين شئي، نئين طرز ايجاد نه ڪئي آهي، بلڪه اُردو جي پُراڻي طرزن کي استعمال ڪيو آهي.. ماني کائيندي فتاح ملڪ اياز سان بحث ڪيو ته اُردو جي ڪا به اهميت ڪانهي دنيا ۾، فتاح چيو دنيا ۾ سنڌي ڪتاب ۽ رساله ملندا، پر اُردو کي دنيا ۾ ڪير به نٿو پُڇي، اياز سائين چيو نه ائين نه آهي، اُردو جي پنهنجي اهميت آهي، اُردو ۾ دُنيا جي ادب جو وڏو حصو ذخيرو ٿيل آهي ۽ اردو ڏاڍي ترقي ڪئي آهي. جو اڄ انڊيا وارا پنهنجي فلمن ۾ ٻولي اُردو رکڻ تي مجبور آهن. اياز ۽ فتاح جو اهو بحث ڪافي دير هليو، رات به ڳچ گذري چُڪي هُئي، آخر ۾ اياز سائين روانو ٿيو ۽ اسان سڀني به آرام جو فيصلو ڪيو. صُبح جو اسان واپس ورڻ جي تياري ڪئي. گذريل ٻن ڏينهن ۾ اسان اياز جو ڪلام سندن زباني، تقريبن سڀني ڪتابن مان اهم ترين ڪلام، ڇهن ڪلاڪن جو رڪارڊ ڪيو هو، اسان پنهنجو ڪم مڪمل ڪيو هو ۽ هاڻ موڪلاڻي هُئي، نيزار صاحب پنهنجي بهترين بلڪه شاندار مهمان نوازي جا فرض پورا ڪيا هُئا، هُن سڀني مهمانن کي سوکڙيون پاکڙيون به ڏنيون، رستي ۾ کائڻ لاءِ فروٽ ۽ بسڪيٽ وغيره جو به سُونڊو ڀري ڏنو، سڀني دوستن نيزار صاحب جو اهڙي شاندار مهمان نوازي ڪرڻ تي شڪريو ادا ڪيو ۽ بيحد تعريف ڪئي، آخر ۾ نيزار صاحب پنهنجي بهترين نئين ڪار ۾ اسان کي حيدرآباد روانو ڪيو. اسان اٽڪل يارهين بجي سکر مان روانه ٿياسين. واٽ تي گذريل ٻن ڏينهن جي عاليشان محفلن ۽ شاندار ڪچهرين تي تبصرا ڪندا رهياسين سڀني جي اها راءِ هُئي ته گذريل ٻه راتيون ۽ ٽي ڏينهن زندگي جا يادگار ڏينهن هُئا، اڌ پنڌ کان پوءِ هي ٽئي بزرگ ته آهلي پٺيان آرام ڪرڻ لڳا، تڏهين نُور احمد مونکي ٻُڌايو ته جڏهين مون اياز سائين کان پُڇيو ته توهان وائس چانسلر ڪيئن ٿيا ۽ ڇو ٿيا هُئا، تڏهين اياز سائين تفصيل ۾ جواب ڏنو ۽ ٻُڌايو ته ”هڪ شام مان گهر تي ويٺو هوم ته فون آيو، منهنجي ڪِڪيءِ کنيو، جنهن چيو توهان سان ڪير ڳالهائڻ ٿو چاهي، مان رسيور کنيو ۽ چيو اياز، ته ٻي طرف کان آواز آيو، مان ميجر جنرل فلاڻو ٿو ڳالهايان، توهان ساڻ صدر پاڪستان، جناب ذوالفقار علي ڀُٽو صاحب ڳالهائڻ ٿا گُهرن، هولڊ ڪجو، مان حيران ٿيس ته خبر نه آهي ڇا آهي؟ ڪجهه دير ترسي آواز آيو هيلو، شيخ صاحب ڪهڙا حال آهن؟ سڀ ٺيڪ ٺاڪ آهي، مان چيو سائين سڀ ٺيڪ آهي، وري پڇيائين ڪيئن پئي ٿي گذري، مان چيو سائين بلڪل ٺيڪ پئي گذري، پوءِ چيائين شيخ صاحب اڄ مان توهانکي هڪ ڪم ٿو ڏيڻ گهران، اول واعدو ڪر ته ضرور ڪندين، مان اخلاقن چيو سائين مان ڪنهن قابل آهيان، توهان حڪم ڪريو، ڀُٽي صاحب وري چيو، نه شيخ صاحب اول واعدو ڪر ته انڪار نه ڪندين، مان ٿورو پريشان به ٿيس، پر وري به چيم، سائين توهان چئو مان ضرور ڪندم، ڀٽو صاحب چيو، شيخ مان تو کي سنڌ يونيورسٽي جو وائس چانسلر مقرر ٿو ڪريان، ڪيئن ٺيڪ آهي نه، مان چيو سائين مان هڪ وڪيل ماڻهو، مان کي انتظامي صلاحيت بلڪل ناهي. مان ڪٿي ڪري سگهندم. ڀُٽي صاحب چيو گهٻرائي نه، تون ڪري ويندين، يونيورسٽي کي تُنهنجي ضرورت آهي، مان چيو سائين مونکي ڪو به تجربو ناهي ڀُٽي صاحب فورن چيو، مان کي وري هي ملڪ هلائڻ جو ڪو تجربو هو ڇا؟ ڇا مان ڪو نه پيو هلايان، مُلڪ، تون به هلائي ويندين، گهٻرائي نه مان ويٺو آهيان، مان تنهنجي مدد ڪندم.. اهڙي ريت مانکي وائيس چانسلر مقرر ڪيو ويو. پر هاڻ مان سوچيان ٿو ته مان ڪهڙن ڪارڻن ڪري اهو عهدو قبوليو، اول ته مان سور سختيون برداشت ڪري ٿڪجي پيو هُئس، هاڻ وڌيڪ مقابلي جي سگهه مون ۾ نه هُئي، ٻيو ته حڪومت جيڪا مونکي صرف پاسپورٽ ڏيڻ لاءِ به تيار نه هُئي، اها حڪومت هاڻ مون کي سڄي دُنيا جي ملڪن ۾ خود موڪلڻ ٿي چاهي، ۽ مان ان ريت دنيا ڏسي پيو سگهان، ٽيو سبب اهو ته، ان علمي اداري ۾ رهي مان علم و ادب جي بهتر خدمت ڪري پيو سگهان، اهي ئي سبب هُئا، وائس چانسلري وٺڻ جا.