آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

فوٽو گرافر جي آتم ڪٿا

ڪتاب ”فوٽوگرافر جي آتم ڪٿا“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو، جنهن جو ليکڪ خواجه غلام علي کوساڻي آهي. سيد عالم شاه لکي ٿو: ”غلام علي بيشڪ وڏو ۽ رجسٽرڊ اديب نه آهي پر بنيادي طور تي هُو هڪ فوٽو يا وڊيو گرافر آهي ان ڪري سندس آتم ڪٿا جو هي ڪتاب ٻه اکرن بدران نقش گري يا تصوير ڪشيءَ جو هڪ شاهڪار لڳي ٿو. ...“
Title Cover of book فوٽو گرافر جي آتم ڪٿا

”علم و ادب سان عشق“

”علم و ادب سان عشق“

1967ع ۾ منهنجو مڱڻو ٿيو هو، مهيني ڏيڍ ۾ هڪ چڪر تلهار ويندو هُئس، اڪثر منهنجو پيارو دوست سليم ۽ عاشق علي به هلندا هُئا، نُور احمد سان مائٽي کان وڌ دوستي ٿي وئي هُئي، اسان هن وٽ ترسندا هُئاسين، نور احمد حيدرآباد ايندو هو، تڏهين به اسان ٽئي گڏ هوندا هُئاسين، نور احمد جيئن ته اسان کان پنج ست سال سينيئر هو ۽ اڳ ئي علم ادب جو رسيا هو، ڪتاب ۽ رساله پڙهندو هو، اُن اسان کي به ڪتاب پڙهائڻ شروع ڪيا، تلهار ۾ نور احمد جي دوستن سان واقفيت ٿي، جيڪي سڀ سڄاڻ ۽ باذوق هُئا، نور احمد جو بچپن جو دوست حميد جعفري جيڪو خوبصورت نازڪ ۽ نفيس جوان هو، ٻيو سيد عسڪري رضه زيدي جيڪو مهاجر هو، پر ننڍپڻ کان تلهار ۾ رهيو ۽ پڙهيو هو. ان ڪري صاف سنڌي ڳالهائيندو هو، نبي بخش ڪلهوڙو، امداد خواجه، عزيز خواجه انور علي، پريتم پنجواڻي، ذوالفقار خواجه وغيره هُئا، جن سان تلهار ۾ ملاقاتون ۽ ڪچهريون ٿينديون هيون، نور احمد ۽ حميد وارا دوست تلهار ۾ ڳچ عرصي کان قومي علمي ادبي سرگرمين ۾ مصروف رهيا. دوستن ٻڌايو ته ڪجهه وقت اڳ هنن سائين جي ايم سيد جو تلهار شهر ۾ زبردست استقبال ۽ جلسو ڪرايو هو. ان کان اڳ مُحترم ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي به تلهار آيو هو.
اُن دور ۾ ادا نور احمد وارن جي ممتاز رائس مل ۽ برف جو ڪارخانو به هو، جيڪو نور احمد پاڻ سنڀاليندو هو، ۽ اسان دوستن جون ڪچهريون به اُتي ٿينديون هيون. اُتي نور احمد وارن جو هڪ ملازم هو نور الله خواجه جيڪو تلهار جو مڃيل چرچائي هو، موقعي جي مناسبت سان اهڙو چرچو هڻندو هو جو سڀ کل ۾ ٻُڏي ويندا هئا... ڪڏهين وري پنڌ نڪرندا هُئاسين، ريلوي اسٽيشن تان، پٽڙي تي هلندا ڪچهري ۽ کل ڀوڳ ڪندا، ميرواهه تائين ويندا هئاسين، سج لٿي واپس ورندا هئاسين، تلهار ۾ هڪ ٻي تفريحي جاءِ، گوني، ڪناري لُطف علي شاهه جي درگاهه آهي جيڪا وڏن وڏن وڻن سان مڪمل ڍڪيل آهي، ڀرسان ڦليلي جنهن کي گوني به چوندا آهن، تارو تار وهندي هئي. ڀَڙ، نم، ٻٻر، پپر، گدامري ۽ کجين جا وڏا ۽ گهاٽا وڻ گونيءَ جي ڪنارن تي هوندا هئا ۽ ايترا ته گهاٽا هئا، جو اُس جو ذرو به هيٺ نٿي آيو. اُتي تمام گهڻي ٿڌڪار ۽ فرحت وارو ماحول هوندو هو. لطف علي شاهه تي هڪ تمام پُراڻو تاريخي ڀڙ جو وڻ آهي، جيڪو پري تائين ڦهليل آهي، هن جو ٿُڙهه پنجاهه سٺ فٽن جو آهي، چون ٿا هڪ هزار سال پُراڻو آهي. لُطف علي سان لڳ منهنجي سُهري جي پنج ايڪڙ زمين آهي، جتي نار ۾ اُٺ هلندو رهندو هو. تلهار ۾ اسان جون ڪچهريون نور احمد جي گهر واري اوطاق ۾ ٿينديون هيون. اهم ڳالهه اها ته سڀ دوست پڙهيل ذهين، ترقي پسند سوچ جا مالڪ هُئا، اسان جا موضوع علمي، ادبي، قومي سياسي ۽ سائنسي هوندا هئا، دوست هر ڳالهه دليل ۽ منطق سان ڪندا تجزيه تعميري ۽ معلوماتي هوندا هُئا، جن مان اسان به گهڻو ڪُجهه پرايو. اُن ئي دور ۾، حيدرآباد جي بسنت هال ۾ تاريخي جشن بزم روح رهاڻ ٿيو هو، جيڪو ٽي ڏينهن هليو هو، اسان سڀ دوست اُن ۾ جوش جذبي سان شريڪ ٿيا هُئاسين، سچ اهو آهي ته بسنت هال جو جيش بزم روح رهاڻ، اسان جي زندگي جو ٽرننگ پائينٽ هو. قوم وطن ۽ انسانيت جا ٻج اسان جي دلين و دماغن ۾ هتي ڇٽيا هُئا، ان جشن روح رهاڻ ۾ اسان پهريون ڀيرو پنهنجن عالمن، اديبن، قومي عوامي شاعرن، دانشورن ۽ فنڪارن کي ٻُڌو ۽ ڏٺو، خاص طور شيخ اياز جو انقلابي ڪلام، رسول بخش پليجي جي شعلا بياني، حفيظ قريشي جون دل پذير ڳالهيون، امداد حُسيني، نياز همايوني، اُستاد بخاري جي شاعري ۽ رهنمائن جون تقريرون ٻُڌي، اسان جي دماغن جا ڪپاٽ کُلي ويا هُئا. خاص طور تي شيخ اياز جو تاريخي گيت، فقير عبدالغفور جي آواز ۾، ”سنڌڙي کي سر ڪير نه ڏيندو، سهندو ڪير ميار او يار“ ان ڪلام اسان نوجوانن جي دلين ۾ قوم پرستي جا ڀنڀٽ ڀڙڪائي ڇڏيا هُئا. شيخ اياز جڏهين پنهنجو ڪلام پنهنجي زباني ٻُڌايو، ”اڄ نار وانگر ڇال ڏئي تون آءُ پهاڙي پاڇي ۾، تون گوليون هيٺ هلائي ڏس، ۽ ٺاٺا ٺاٺا جي سُرتي ڳُڻ آزادي جا ڳائي ڏس“ ته اسان جي جسم جا وار اُبا ٿي ويا هُئا، ۽ سڄو هال جيئي سنڌ جي نعرن سان گونجڻ لڳو هو. ان جشن روح رهاڻ سڄي سنڌ ۾ قوم پرستي جي وڏي سُنامي آڻي ڇڏي هُئي. ان عمل ۾ اسانجن عالمن اديبن ۽ شاعرن جو زبردست ڪردار رهيو هو. اسانجو گروپ شيخ اياز جو مداح ۽ معتقد هو. نور احمد ۽ حميد ته اياز جا ديوانه عاشق هُئا، اهي ٻئي جڏهين ڪنهن ڳالهه جو يقين ڏيارڻ لاءِ قسم کڻندا هئا ته چوندا، يار شيخ اياز جو قسم، هي ڳالهه سهي آهي، خُدا جو قسم کڻڻ بجاءِ اياز جو قسم کڻندا هُئا. سڄي سنڌ ۾ ڪٿي به ڪنهن به شهر ۾ شيخ اياز جو پروگرام ٿيندو هو ته اسان سڀ سموري سنگت سميت ضرور شريڪ ٿيندا هئاسين. حيدرآباد جي بسنت هال واري جشن روح رهاڻ کان پوءِ، ڪُجهه عرصي بُعد، نور احمد، حميد وارن پروگرام ٺاهيو ته تلهار ۾، بزم روح رهاڻ جي برانچ آفيس کولجي، ان جو افتتاح، حميد سنڌي ۽ اديبن کان ڪرائجي، ۽ اُن ڏينهن لاڙ جي عظيم عوامي شاعر، مُفڪر ۽ اُستاد مُحترم، ”مرحوم محمد صديق مسافر“ جي ورسي به ملهائجي جنهن ۾ سنڌ جي عالمن اديبن شاعرن کي دعوت ڏئي گهرائجي.
بزم روح رهاڻ جي برانچ آفيس جو انتظام ڪيو ويو ۽ بيدم خواجه واري اوطاق تي ورسي جو پروگرام ڪيو ويو، جنهن ۾ بزم روح رهاڻ جو روح روان محترم حميد سنڌي، جناب رسول بخش پليجو، نياز همايوني، عبدالرحمان نقاش، پروانو ڀٽي ۽ مُقامي اديبن ۽ شاعرن کانسواءِ وڏي تعداد ۾ شهر جا ادب دوست پڻ شريڪ ٿيا. اسان به شامل هُئاسين ۽ ڏاڍا زوردار جيئي سنڌ جا نعرا هنيا هُئاسين، محترم پليجي صاحب جي دُهوان دار تقرير اصل وڻ وڄائي ڇڏيا، بي اختيار زبردست نعرا ماڻهن هنيا هُئا. ان جلسي جي ڪمپئرنگ تلهار جي هونهار، پُرجوش ۽ ذهين نوجوان، جناب عزيز خواجه مرحوم ڪئي هُئي ۽ ايڏي ته شاندار ڪمپيئرنگ ڪئي، اياز، شاهه لطيف ۽ محمد صديق مسافر جا بهترين شعر پڙهيا جو آخر ۾ پليجي صاحب خاص طور تي عزيز خواجه کي شاباس ڏني ۽ تعريف ڪئي هُئي. افسوس جو هي اعليٰ تعليم يافته باصلاحيت نوجوان، نوخيزي ۾، هڪ حادثي ۾ گذاري ويو. ياد رهي ته عزيز خواجه، اسان جي دوست حميد جعفري جو ننڍو ڀاءُ هو. بهرحال، محمد صديق مسافر جي ان ورسي ۾ مرحوم عزيز خواجه پنهنجي شعر جون هي مصراعون اسٽيج تان پڙهيون ته واهه واهه ٿي وئي،
”زاهد تون ڀلي دير ۽ ڪعبي جي پڇا ڪر
منهنجو ته فقط دين ۽ ايمان مسافر“
مارشلا، ايوب خان، 65 واري جنگ، ايوب خان خلاف ذوالفقار علي ڀُٽو جي تحريڪ، ايوب ڪُتا هائي هائي جا نعرا، يحييٰ خان جو اچڻ، 70 ۾ اليڪشن، پهريون ڀيرو عوام کي حق رائي دهي جو ملڻ، هتان مغربي پاڪستان مان ڀٽو جو کٽڻ، مشرقي پاڪستان مان مجيب جي ڪاميابي، يحييٰ خان ۽ اسٽيبلشمينٽ جي ڳٺ جوڙ، بنگال جي اڪثريت کي قبول نه ڪرڻ، اقتدار مُجيب الرحمان کي مُنتقل نه ڪرڻ، سگهارين قوتن جون سازشون، مشرقي پاڪستان ۾ خوني آپريشن، جنرل ٽڪا خان جي ڪمان ۽ اُن جو تاريخي ظلمانه جملو، ”اسان کي بنگالي عوام نه گُهرجي بنگال جي زمين کپي،“ بنگالي عوام جو تاريخي ڪوس، خانه جنگي ۽ پوءِ انڊيا جي مُداخلت، زبردست جنگ ۽ پوءِ پاڪستاني فوج جي شڪست، 90 هزار مسلم فوج جو هندو جنرل اروڙا جي اڳيان پيش پوڻ ۽ هٿيار ڦٽا ڪرڻ جو شرمناڪ عمل به ڏٺوسين... ان سڄي دور ۾ اسان ملندا رهياسين، تلهار ۾ زياده وقت هئاسين. مون کي ياد آهي ته تلهار ۾ نور احمد واري اوطاق ۾ شام کان ڪچهري شروع ٿيندي هُئي، پوءِ رات جو دير تائين سڀ دوست، بي بي سي، وائس آف آمريڪا ۽ انڊيا جون خبرون ٻُڌندا هُئاسين، خاص ڪري بي بي سي جي هندي ۽ اردو پروگرام سيربين جو انتظار ڪندا هُئاسين، پوءِ جڏهن خبرون شڙوع ٿينديون، سڀ هم تن گوش هوندا هُئا، جنگ جاري هُئي، هتي مغربي پاڪستان ۾ به حملا شروع هُئا. هوائي حملا به جاري هُئا اسان به اوطاق جي شيشن تي ڪارا ڪاغذ لڳايا هُئا، لالٽن جي روشني ۾ اسان جا ان صورتحال تي تبصرا، تجزيه ٿيندا هُئا. اسان جون همدرديون ظاهر آهي. مظلوم بنگالين سان هيون، ٽڪا خان جي آپريشن جي سخت خلاف هُئاسين، بنگال سان ظلم ٿي رهيو هو. مجيب الرحمان جي ڪاميابي کان پوءِ بجاءِ اقتدار ڏيڻ جي، ان کي جيل ۾ وجهي، بنگالين جو قتل عام شروع ڪيو ويو هو. اُن وقت اسانکي سخت تڪليف ۽ پريشاني ٿيندي هُئي جڏهين فوج، معصوم ۽ بيگناهه عوام جو ڪوس ڪندي هُئي.
تلهار ۾ حميد وارن ۽ ٻين دوستن سان، سنجيده ڪچهريون ته ٿينديون هيون، پر ڪُجهه اسان چند مخصوص دوستن جون نجي رهاڻيون به ٿينديون هيون. جن ۾ کل ڀوڳ چرچه ۽ هڪ ٻي کي ٽارگيٽ بڻائي مزو وٺڻ به شامل هو. نور احمد، عاشق علي، سليم حميد امداد ۽ مان، اهي مُستقل هُئا، باقي ڪڏهين ڇوٽو، عسڪري يا ڊاڪٽر قاسم وارا به جهڙپ ۾ اچي ويندا هُئا. انهي محفل جو خاص آئٽم هوندو هو، ٽارگيٽ بنائڻ، يا بڻجن“ ڪنهن دوست جي ڪا ڪمزوري، خامي يا غلطي جهلي پوءِ سڀ گڏجي ان کي ڊپريس ڪرڻ، ان ڪمزوري، خامي يا غلطي کي جهلي ان کي وڏو ڊگهو ڪري ننڍي ڳالهه کي وڏو، شيطلن جي آنڊي وانگر ڇڪي وڏو ڪري دوست کي پريشان ۽ حيران ڪري ڇڏڻ، اُنکي بيوقوف بڻائي عجيب عجيب حرقتون ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏڻ ۽ پوءِ ان صورتحال مان مزو وٺڻ ۽ ٽهڪ ڏيڻ شامل هوندو هو. نور احمد ۽ عاشق علي ٽارگيٽ بڻائڻ جا ماهر هئا. گهڻو ڪري اهي ٻئي مِلي اسان کي ٽارگيٽ بڻائيندا هئا... مثلن نور احمد چوندو يار گُلان اڄ ڪجهه سُست پيو لڳين ٺيڪ ته آهين، مان چوندس، مان بلڪل ٺيڪ آهيان، ڪُجهه ڪونهي ٻه منٽ ترسي وري عاشق علي چوندو، يار تنهنجي طبعيت خراب پئي لڳي، ڪمزور پيو لڳين، ڇا بخار ته ڪونهي، اتي مان چوندس ته يار ڪجهه ڪونهي بس ٿوري سُستي آهي، وري تمام پيار ۽ همدردي سان نور احمد چوندو، يار گُلان طبعيت ٺيڪ ناهي ته ڊاڪٽر کي ڏيکاريون، مان چوندس ته نه يار ڪجهه ڪونهي بس ٿورو مٿو ڳرو آهي، ننڊ گهٽ ڪئي اٿم، ان ڪري سُستي آهي، ٿوري دير رکي وري ٻيو چوندو يار تون سڄو پيلو پيلو پيو لڳين، تنهنجا هٿ به پيا ڏڪن، لڳي ٿو بخار آهي، ڏس توکي پسينو به پيو نڪري. اُتي گُلان کي به کٽڪا ٿيندا، پر يار گذريل هفتي بيمار هوس نه ان ڪري ٿوري ڪمزوري آهي، ڪالهه کان نزلو به آهي، بس گوري کائيندس ته ٺيڪ ٿي ويندس، سو اهڙي طرح هڪ بلڪل ٺيڪ ماڻهوءِ کي بيمار بڻائي پوءِ سڀ کلندا ۽ مزو وٺندا هئاسين... هڪ ڀيرو اسان جو دوست قاسم علي، جيڪو پوءِ ڊاڪٽر ٿيو، اهو اچي ڦاٿو، تلهار ۾، نور احمد واري ماڙي تي اونداهي رات هجي اسان ڪچهري پئي ڪئي، ڳالهيون جنن ڀوتن جون ٿي هليون، ڊپ ۽ خوف جا واقعا پي ٻُڌايا، قاسم مڙئي وڌيڪ پيو حيران ٿئي، ته نور احمد چيو يار اسانجي هن ماڙي تي به اثر آهي. خاص طور تي اُهو ڪُنڊ وارو ڪمرو، اُن ۾ عجيب مخلوق ڏسڻ ۾ ايندي آهي، ڪڏهين ته عجيب واقعا ٿيندا آهن، اسان ان ڪمري کي بند ڪري ڇڏيو آهي. قاسم سوڙهو سوڙهو پيو ٿئي، پريان ڪنڊ ۾ غور سان پيو ڏسي وري نور احمد چيو يار ڪيترا ڀيرا اسان عجيب لقاءُ ڏٺا آهن، ڪيڏي مهل ڪنهن عورت جي روئڻ جو آواز ايندو آهي، ڪيڏي مهل اونداهي ۾ ڪا مخلوق، پاڇن وانگر هلندي بند دروازي مان اندر ڪمري ۾ هلي ايندي آهي. نور احمد چيو يار هڪڙي ڏينهن ٻار حيدرآباد هئا، آئون اڪيلو هن پاسي کٽ تي سُتس، صبُح جو اٿي ڏسان ته کٽ پريان هن ڪنڊ ۾ پئي هجي، مطلب ته همرائن اهڙو خوفناڪ ماحول ٺاهيو جو قاسم سڄو ڊپ ۾ وٺجي ويو، پاسي کان اُٿي سڀني جي وچ ۾ ٿي ويٺو، آخر ۾ پيشاب پاڻي لاءِ به ڪو نه اُٿيو. سڀني جي وچ ۾ کٽ تي سُتو، اهو گرمي ۾ به چادر سان پاڻ کي ڍڪي جيئن سُتو ته وري صُبح جو اُٿيو. ٽارگيٽ بڻائڻ جو اهو سلسلو اتان شروع ٿيو هو، جيڪو پوءِ حيدرآباد ۾ نانگا هائوس تائين پهتو ۽ پنهنجا نوان رنگ ڍنگ ۽ انداز بدلائيندو وڌيڪ دلچسپ ۽ مزيدار ٿيندو ويو. ان جو مزيد ذڪر نانگا هائوس واري حصي ۾ بيان ٿيندو. فل حال اڳتي ٿا هلون.