منهنجو مڱڻو
امان ڏٺو ته ڇوڪرو هاڻي اصل هٿن مان ٿو وڃي، سو هڪڙي ڏينهن مون کي ويهاري اڪيلائي ۾ هڪڙو انڪشاف ڪيو. چيائين ته تون جڏهن ڏهن سالن جو هُئين تڏهن مُنهنجي خواهش هُئي ته تنهنجي ڪنوار مان پنهنجي ڀيڻ جي ڌيءَ کي بنائي هن گهر ۾ آڻيان. امان جي اها ٻيو نمبر ڀيڻ تلهار ۾ پرڻيل هُئي. ان جي ٻيو نمبر ڌيءَ رضيه جيڪا خوبصورت ڊگهي قد جي سُلڇڻي ڇوڪري هُئي، اُنکي پنهنجي نُنهن بنائي هن گهر ۾ آڻيان. امان چيو منهنجي خواهش هُئي ته هن وڏي گهر ۾، ملڪيت، مال دولت سون مين ۽ خوشيون ڪا پنهنجي اچي ماڻي، ڌارين ڇو اچي، هيءِ پنهنجي ايندي ته اسان جي به خدمت ڪندي، ڌارين تي ڪهڙو ڀروسو سو ابا پڻين کي مون ٻڌايو ته اهو به راضي ٿيو ۽ پوءِ اسان ان وقت تلهار وڃي رضيه کي سونو هار پارائي انکي پنهنجو ڪري آيا هُئاسين، ان وقت تون ڏهن سالن جو ۽ رضيه صرف ڇهن سالن جي هُئي، ان ڪري اسان ڪنهن سان به ذڪر ڪو نه ڪيو هو، پر هاڻ ڇورا تون ته اصل جهل نٿو ڏين، ڪٿي ڪٿي پيو عشق ڪرين، مورڳو ڦاسي پئين، ڪنهن اوڙاهه ۾، ان ڪري هاڻ توکي ٻڌايان ٿي ته، اصل حقيقت اها آهي، ۽ اسان چاهيون ٿا ته توهانجي مڱڻي جو اعلان ڪري ڇڏيون، هاڻ تون سوچي ٻُڌائي ته راضي آهين يا نه، جيڪڏهن راضي نه آهين. تڏهين به خير آهي، پوءِ وري اسان ننڍي پٽ لاءِ سوچينداسين. زور زبردستي ڪانهي، تون ڀلي سوچ ويچار ڪري پوءِ ٻُڌائج. امان جون اهي ڳالهيون ٻڌي آئون سوچن ۾ ٻڏي ويس. انهن ڏينهن مان بلڪل فارغ هُئس، ڪٿي به ڪنهن سان ڪو چڪر ڪو نه هو. مون سنجيدگي سان غور فڪر شروع ڪيو. ٻه پاسا اهم هُئا جيڪي انجي حق ۾ ٿي ويا. هڪ ته، مُنهنجي پسند اها هُئي ته، ڇوڪري قد جي ڊگهي اڇي ڳوري ۽ خوبصورت هُجي، ان سان گڏ گهريلو سُلڇڻي به هُجي، نُوري ۾ ٻه اهي ٻئي خوبيون هيون. تڏهين عشق ٿيو هو. سو رضيه ۾ به اهي ٻئي خوبيون هيون، بلڪ انهن کان به وڌيڪ خوبين جي مالڪ هُئي. رضيه پڙهيل پنج درجا هُئي پر تمام نيڪ گهريلو هُنر ۾ ماهر، سلائي ڪڙاهي ۾ هشيار، قَرآن پاڪ حفظ ڪيل مذهبي گيت ۽ گنان به شآندار ڳائيندي هُئي. قد به ڊگهو، اڇو رنگ ۽ سُهڻي ڇوڪري هُئي ٻيو پاسو هو، مُنهنجي مٺڙي امان جي خواهش ۽ پسند، انجي اهميت به مون لاءِ تمام اهم هُئي. ان کان پوءِ انڪار جي ڪا به گنجائش نه رهي هُئي، ان ڪري مون امان کي ها چئي، ته امان به ڏاڍي خوش ٿي مونکي ڀاڪر پائي چمي ڏني ۽ خوب دعائون ڏنيون. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ امان ۽ بابا تلهار ويا، امان جيئن ته زماني جي ماڻهو هُئي سو ڳالهه پڪي ڪرڻ کان اڳ، رضيه کي اڪيلائي ۾ وٺي هُنجي مرضي به معلوم ڪُئي، رضيه ته شرمائجي ڪنڌ هيٺ ڪيو، پر اُنجي ماءُ، امان کي ٻڌايو ته رضيه راضي آهي، بلڪ تمام خوش آهي، گُلان جو فوٽو به پاڻ وٽ لڪائي رکيو ويٺي آهي. امان ۽ بابا مڱڻون پڪو ڪري کير پي، رضيه کي به ٻه گنيون، سون جا سِڪا خرچي ڏئي آيا، اچي مبارڪ ڏني، مٺائي کاڌي ۽ اهڙي طرح منهنجو مڱڻو ٿي ويو. مڱڻي کان پوءِ آئون مهيني ڏيڍ تلهار ويندو هُئس، اول ته رضيه مُنهنجي سامهون ڪو نه ايندي هُئي شرمائيندي هُئي، ڳوٺاڻون ماحول هو. پر جيئن ته اسان ويجها مائٽ هئاسين، اڳي به ملندا ۽ ڳالهائيندي هُئاسين، سو جلدي ان کي فري ڪري ڇڏيو، پوءِ سڀني جي اڳيان ملندا کل ڀوڳ ڪندا هُئاسين، سواءِ رضيه جي والد چاچا غلام علي گولو جنهنجي سامهون رضيه ڪو نه ايندي هئي.