اڃا تو منجهان ڪک ڇتي رت نڪري
”جيون جو پهريون پيار“
انهن ڏينهن منهنجو پهريون پيار ٿيو. ڪنهن شهري ڇوڪري سان نه، پر ٽنڊي محمد خان جي هڪ ڳوٺاڻي ڇوڪري سان، جيڪا برادري جي، ۽ اسان جي پري جي مائٽ به هُئي ٿيو هيئن ته ميرپورخاص کان ٻارهن ميل اورتي سُلطان آباد نالي اسماعيلي خواجن جو ڳوٺ آهي، جتي آبادگار، ننڍا زميندار هاري ناري رهندا هُئا، اسان جي به ويهه ايڪڙ زمين هُئي اُتي، اسان جا ڪجهه رشتيدار به رهندا هُئا. ان ڪري مرڻي پرڻي اچڻ وڃڻ ٿيندو هو. انهن ڏينهن مان سلطان آباد ويس، ماما رمضان، اسان جي ڏاڏي جو ڀاءُ هو، ان جي اٺ ڏهه ايڪڙ زمين هُئي، ڪچا پڪا مٽيءِ جا گهر هُئا، ماما رمضان جي وڏي پٽ جي شادي ٽنڊي محمد خان مان ٿيل هُئي، اُنجي ننڍي سالي، نوربانو به اُتي ڀيڻ وٽ آيل هُئي، چوڏهن سالن جي نوربانو، جنهن کي سڀ نوري چوندا هُئا، ان ڪري جو هوءَ بيحد اڇي ڳاڙهي سُنهري وار ڊگها نيڻ نقش به پيارا، قد به مناسب ڏاڍي خوبصورت، گُڏي جهڙي لڳندي هُئي. ان ڪري هن جو نالو نُوري رکيو هو. مان جو ويس ۽ نُوري ء کي ڏٺم ته ڏسندو رهجي ويس، پهرين نظر ۾ بيحد متاثر ٿيس، نُوري به ان کي محسوس ڪيو. مطلب ته ٻنهي طرف باهه برابر لڳي هُئي. نُوري جا مائٽ حيدرآباد ۾ به هُئا. ۽ هوءَ حيدرآباد ايندي رهندي هُئي. مون کي سڃاڻندي هُئي. پوءِ ته مان جيڪو هڪ ٻن ڏينهن لاءِ ويو هُئس، چار پنج ڏينهن رهي پيس، سلطان آباد ۾ اڃا بجلي ڪو نه آئي هُئي. چانڊوڪي راتيون هيون، ماما رمون جي وڏي ورانڊي ۾ پينگهو هو، جنهن ۾ رات جو ماني کائي ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون لڏندا ۽ ڪچهري ڪندا هئاسين. نُوري منهنجي ڀر ۾ ويهندي هُئي، اسان کل ڀوڳ چرچا ڪندا هئاسين، ٻن پهرن جو پتي راند رهندا هئاسين، هڪ صبح جو سڀ مرد مايون ٻني تي وياسين، جتي انبن جو باغ به هو. جتي وڻ ۾ رسي ٻڌي جولا لڏياسين، لڪ لڪوٽي راند رهياسين، وڻ تي چڙهي ويٺاسين ۽ ان دوران نوري ۽ مان ويجها ٿيندا وياسين، آخري رات چانڊوڪي جي سُهائي ۾، مان ۽ نوري اڪيلا پينگهي ۾ ويٺا هُئاسين. اسان هڪ ٻين سان ڳالهائڻ ٿي چاهيو، پيار جو اظهار ٿي ڪرڻ چاهيو، پر ٻئي نوان نڪور عاشق، لفظ نه پيا ملن مون چيو نُوري ڪجهه ڳالهائي ماٺ ڇو آهين، هونءِ ته فر فر ڳالهائيندي آهين، هُن مرڪندي چيو ڇا ڳالهايان؟ چيو مانس ته مان سڀاڻي ويندس حيدرآباد، تون اڃان هتي ڪيترا ڏينهن هوندئين ۽ حيدرآباد ڪڏهين ايندئين؟ نُوري چيو آئون چنڊرات هتي ڪري پوءِ ٽنڊي وينديس، حيدرآباد ته خبر ناهي ڪڏهين اچان. تون ٽنڊي اچج. ٽنڊي اچڻ جي دعوت ڏئي شرمائجي وئي ۽ مسڪرائي ڪنڌ هيٺ ڪيائين، جهڙوڪر پيار جو اقرار ڪيائين.
منهنجي چيچ ۾ سون جو سنهڙو ۽ هلڪو ڇلو هو. اهو لاهي نُوريءَ جو هٿ جهلي ان جي آڱر ۾ پاتم ۽ چيم، ”نُوري هاڻ پيار ڪيو آهي ته ضرور نڀائينداسين“ هوءَ شرمائجي وئي، پوءِ چيائين، ”مون تو کي حيدرآباد ۾ آرڪيسٽرا وڄائيندي ڏٺو هو، تڏهين مونکي ڏاڍو سٺو لڳو هُئين، پر توهان شهري ڇوڪرا آهيو. ڪيترين ڇوڪرين سان دوستي هوندي، توهان تي ڪهڙو ڀروسو.“ مون کلندي چيو مانس ها شهرن ۾ ڇوڪريون ته جام آهن، اسان کي پسند به ڪنديون آهن، پر ڪڏهين به ڪنهن سان محبت نه ٿي، پيار سچو ۽ پهريون عشق ٿيو آهي ته توسان ٿيو آهي، جيڪا شهر جي ڇوڪري ڪونهي. اهڙي طرح ڪچهري ڪئي سين، آخر ۾ نُوري مونکي رومال ۽ مٺو پان ڏنو جيڪو اڌ مون کاڌو اڌ نوري کي هٿ سان کارايم اها هُئي منهنجي پهرين پيار جي پهرين ملاقات ۽ مختصر ڪچهري، ٻي ڏينهن مان واپس ٿي آيس، ته نوري چيو، ٽنڊي اچج. مون واعدو ڪيو ته ايندس ۽ مان واپس آيس ٽنڊي محمد خان ۾ اسانجا جام مائٽ آهن، پر اسان پڦي شيري جي گهر ويندا ۽ رهندا هئاسين، پُڦي جي ڌيءَ نُوري جي سهيلي هُئي، آئون مهيني ۾ هڪ ٻه ڀيرا ٽنڊي ويندو هوس، نُوري به اُتي ايندي هُئي ۽ اسين ڪچهري ڪندا هُئاسين. نُوري جي گهر به مان ڪڏهن ڪڏهن ويندو هُئس ته هن جي ماءُ مونکي ڀائيندي هُئي، باقي هنجو والد ٻي طبعيت جو ماڻهو هو. نُوري جي ماءُ اسانجي ڏاڏاڻي ڪُٽم مان مائٽ هُئي، ان ڪري مون کي پسند ڪندي هُئي، ان جي مرضي هُئي ته اهو رشتو ٿئي. پر نُوري جو والد، جيڪو زميندار هو، اهو اسان جي ڏاڏا سان ڪو نه ٺهندو هو ۽ کوساڻي خاندان سان ڪو نه پوندي هُئس، نُوري جي ٻي وڏي ڀيڻ حيدرآباد ۾ پرڻيل هُئي، هنجا چاچا به هتي هُئا. ان ڪري هوءِ اڪثر هتي ايندي هئي. هتي هنجي سهيلي وري منهنجي وڏي چاچا جي ڌيءَ هُئي جيڪا اسان جي همراز هُئي. انهن جي گهر تي ملاقات ٿيندي هُئي. اسان ٽئي هڪ ٻه ڀيرا فلم ڏسڻ سئنيما ۾ وياسين. اسان جون ملاقاتون هميشه تهذيب و اخلاق جي دائري ۾ رهيون. صرف هٿ ملائڻ، هٿ جهلڻ جي حد تائين هوندو هو. اڪيلائي ۾ به ڪا حرڪت نه ڪرڻ، نه چُمي نه ڀاڪر، ظاهر آهي ته ان وقت اسان سچي پاڪ محبت جا قائل هُئاسين، ڊپ خوف به هوندو هو، همت ۽ ايڏي جُراعت به ڪا نه هُئي ۽ نه ئي ڪا خواهش هُئي. هڪ ڏينهن امان جو سٺو موڊ ڏسي، هن کي ٻُڌايم ته نوري ۽ مان هڪٻئي کي پسند ٿا ڪريون، توهان اهو رشتو ڪرايو، امان چيو ها اها نُوري سُٺي ڇوڪري آهي. مونکي به پسند آهي، پر هي وقت ڪونهي، اڃا توکي دير آهي، ڀينرن جو فرض پهرين آهي، پوءِ جڏهين وقت آيو تڏهين ڏسنداسين.
مون کي ڪجهه اُميد پيدا ٿي، مون نوري سان به اها ڳالهه ڪئي. هڪ ڀيري نوري سان ملندي ٽي مهينا ٿي ويا، نه ڪا چٺي نه نياپو، مان فڪر مند هُئس ته انهن ڏينهن ٽنڊي محمد خان ۾ خواجن جو فنڪشن ٿيو، جنهن ۾ اسان جي آرڪيسٽرا کي به گهرايو ويو، جماعت خاني جي ٻاهر ميدان تي پروگرام هو، آس پاس ۾ سڀئي خواجن جا گهر آهن، نوري وارن جو گهر به سامهون هو. پروگرام شروع ٿيو، عورتون هڪ پاسي، مرد ٻي پاسي، منهنجون نظرون محبوب کي ڳولهڻ لڳيون پر ڪافي ڪوشش جي باوجود هوءِ مون کي نظر ڪو نه آئي. سامهون هن جي سهيلي به اڪيلي ويٺل هُئي، هڪ ٻن آئيٽمن کان پوءِ، مون اڪاڙڊين ساز کنيو، جيڪو ڳچي ۾ لٽڪائي، ڇاتي تي رکي وڄائبو آهي، هڪ هٿ طرف بٽڻ آهن، ٻي طرف دمڻ جنهن سان هوا برجندي آهي، انگريزي ساز آهي. پر ڏاڍو مٺو ۽ درديلو سُر به آهي. سو اهو کڻي مان اسٽيج تي آيس، ڍولڪ ۽ ڊرم جي سنگت ۾ مون سولو (Solo) اڪيلو انتي انڊيا جو هڪ درديلو گانو وڄايو، ”بچپن ڪي محبت کو دل سي نه جدا کرنا“ ۽ ٻيو هو ”ميرا دل يي پڪاري آجا“ مون اهي ٻئي گانا ڏاڍا سُر ۽ لئي ۾ وڄايا، گانو ختم ٿيڻ وارو هو ته مون ڏٺو سامهون، پويان گيٽ کان منهنجي محبت، ننڍي ڀاءُ ساڻ داخل ٿي. پري کان مون کي اداس ڪمزور نظر آئي، هوءِ پويان عورتن واري پاسي ويهي رهي. مان واندو ٿي پٺيان ويس، هنکان خيريت پڇيم، هن ٻڌايو، ٻن هفتن کان بخار ۾ بيمار آهيان، هوءِ مون کي تمام پريشان ۽ ڏکويل نظر آئي، پڇيومانس ته هن صرف اهو چيو ته، تون جمعي جي ڏينهن ٽنڊي ضرور اچ. اهم ڪم آهي، وڌيڪ ڳالهائڻ جو موقعو ڪو نه هو، هوءِ به فورن واپس گهر هلي وئي... مان جمعي جي ڏينهن ٽنڊي پُڦي جي گهر ويس ته منهنجي محبت اڳ موجود هُئي. مان پڦي وارن سان ملي، ڪمري ۾ ويس ته، نوري روئڻ شروع ڪيو، مان هن جي سامهون ويهي هن کي آٿت ڏيڻ لڳس، هُنجا هٿ جهلي، حوصلي همت ۽ صبر جي تلقين ڪرڻ لڳس، مون چيو ته پريشان نه ٿي سڀ ٺيڪ ٿي ويندو، همت ڪر، مون کي ٻڌائي ڇا ٿيو آهي؟ هن کي پاڻي پيئاري ڪجهه سامت ۾ آندو، تڏهين هن ڳالهايو. گُلان سڀ ڪجهه ختم ٿي ويو، پاڻ جي نصيب ۾ ملاپ ڪونهي. مون چيو اهو ڇا پئي چوين؟ اهڙي ڪهڙي آفت آئي جو نصيب بدلجي ويا. هن چيو گُلان مان توکان سوا مري وينديس، هي دنيا وارا پاڻ کي ملڻ ڪو نه ڏيندا. پڇيو مانس آخر ڇا ته ٿيو آهي. تفصيل سان ٻڌائي. تڏهين هن ٻُڌايو ته بابا منهنجو مڱڻو پنهنجن مائٽن ۾ ڪري ڇڏيو آهي، جلدي شادي ٿيڻ واري آهي، چيائين ته مان گهڻو ئي رُنيس رڙهيس، امان کي چيم مان پاڻ کي مارينديس مان ٻي ڪنهن سان شادي ڪو نه ڪنديس، امان ته راضي هُئي پر بابا جي اڳيان هن جي به ڪا نه ٿي هلي. امان بابا کي ٻُڌايو ته توهان رشتو ڪرڻ لاءِ تيار آهيو. بابا اهو ٻڌي وڌيڪ ڪاوڙجي پيو. کوساڻي جي نالي کان هنکي چڙ هئي..... سندس جو والد جيڪو قدآور بدن ۾ ڀريل، مڇون وڏيون وٽيل رعبدار وڏيراڻي شخصيت جو مالڪ هو ۽ پنهنجي ڪڙم ۽ راڄ جو چڱو مڙس به هو. هن جو فيصلو پٿر تي لڪير هو، سو نُوري ۽ اُنجي ڪمزور ماءُ ڇا ٿي ڪري سگهيون.
نوري اها ڳالهه ٻڌائي وري روئڻ لڳي، مون چيو پوءِ ڇا ٿيڻ گهرجي؟ هن چيو مون کي خبر ناهي ڇا ٿيندو... تڏهين مون هن کي چيو هڪ رستو آهي، قانوني رستو آهي، تون همت ڪرين ته پاڻ ڪورٽ ۾ نڪاح ڪري سگهون ٿا، مائٽ ڪجهه وقت ناراض ٿيندا، پر ڪجهه عرصي کان پوءِ هو به معاف ڪري ڇڏيندا... نوري چيو نه نه گهر مان ڀڄي وڃي شادي ڪرڻ بدنامي آهي، تنهنجي لاءِ به ۽ اسان لاءِ به، ۽ بابا ڏاڍو ڏنگو ماڻهو آهي، هو ڪُجهه به ڪري سگهي ٿو.
چيو مانس ته ان ۾ بدنامي جي ڳالهه ناهي. پاڻکي شادي جو حق مذهب به ڏي ٿو ۽ قانون به، پاڻ باقاعده نڪاح ڪنداسين، بس تون همت ڪر، مان سڀ ڪجهه سنڀالي وٺندس، بس تون فيصلو ڪر... نوري چوي نه گُلان اهو پاڻ ٻنهي خاندانن لاءِ درست ناهي... سڀ ڪجهه ختم ٿي ويو آهي، پاڻ ڪڏهين به ملي ڪو نه سگهنداسين. حالانڪه مون گهڻو سمجهايو پر هوءِ روئندي رهي ۽ روئندي روئندي هميشه لاءِ هلي وئي. ٻن مهينن ۾ هن جي شادي ٿي وئي. هوءِ پرڻجي حيدرآباد آئي هُئي، هوءِ مُئي ته ڪا نه، پر ڪڏهين سامهون ايندي هُئي ته بيحد اُداس نگاهن سان، مون تي هڪ نظر وجهندي هُئي.
نوري جي جُدائي کي ٽي چار مهينا گذريا هئا جو هڪ ڪراچي جي ڇوڪري سان اتفاقي ٽڪر ٿي ويو ۽ ان سان هڪ سلسلو شروع ٿي ويو، اسان جي برادري جي هڪ پير اولياءَ، پير شاهه تاج الدين جي درگاهه، تلهار ۽ ٽنڊي باگي جي وچ ۾ آهي. جتي هر سال ميلو لڳندو آهي. جنهن ۾ سڄي سنڌ مان اسماعيلي خواجه ٻارن ٻچن سودو شريڪ ٿيندا آهن. چار ديواري اندر وڏو ميدان آهي. وچ ۾ درگاهه آهي ۽ چئني پاسن ٻه سئو کن پڪيون لانڍيون ٺهيل آهن. جن ۾ فئمليون اچي رهنديون آهن. ڪراچي کان به جام ماڻهو ايندا آهن. چار ديواري ٻاهران هوٽلون مٺائي جا دڪان وغيره لڳندا آهن. سامهون هڪ ڍنڍ به آهي. جنهن ۾ ٻيڙيءَ جو سير به ماڻهو ڪندا آهن. اُن سال ميڙو زور هو، جام ماڻهو آيا هُئا، لانڍيون ڀرجي ويون ته وچ ۾ ٽينٽ لڳايا ويا. اسانجي فئملي به درگاهه جي سامهون ٽينٽ ۾ لٿل هُئي، سج لٿي کان پوءِ ميلو متل هو، ڪي درگاهه ۾ ويا پي ته ڪي آيا ٿي، ڪُجهه بئنچن تي ۽ ڌڪين تي ويٺا هئا. پر سڀ پنهنجن ٻارن ٻچن ۽ گهر وارن سان پي گهميا ڦريا. اوڏي مهل مان دوستن کي بيهاري ٽينٽ مان ڪا شئي کڻڻ لاءِ تڪڙو آيس ۽ اندران اها شئي کڻي تيزي سان جيئن ٽينٽ مان نڪتس ته اوڏي مهل هي ڪراچي جي ڇوڪري به ٻي پاسي کان تيزي سان اُتان گذري. اسان ٻنهي جو اچتو ٽڪر ٿي ويو. ٽڪر به اهڙو زوردار هو، جو هُن مونکي جهلي ورتو ۽ مون هن کي جهليو نه ته ٻئي ڪري پئون ها، ڪجهه لمحن لاءِ اسان ٻئي هڪ ٻي جي ڀاڪرن ۾ اچي وياسين. اهو سڀ اوچتو ۽ غير ارادي ٿيو هو. بس چند گهڙيون ۽ پوءِ ، هڪ دم جدا ٿياسين، ٻنهي هڪ ٻي کي سوري Sorry چيو، پر جيئن ته سڀني ماڻهن اهو حادثو ڏٺو ۽ کلڻ لڳا، ته هوءِ شرمائجي وئي ۽ فورن هلي وئي. ان واقعي کان پوءِ ميلي ۾ گهمندي ڦرندي بار بار اسان جون نظرون ملنديون رهيون ۽ هر ڀيري هوءِ شرمائي مُسڪرائي ڪنڌ هيٺ ڪندي رهي. ان واقعي کان پوءِ اسان ٻنهي جي دلچسپي وڌندي رهي، مسڪراهٽن جا تبادلا ٿيندا رهيا.
ٻي ڏينهن، ميلي جو آخري ڏينهن هو، هر ڪو نياز کائي واپس وڃڻ جي ڪوشش ۾ هو. صبح جو ڏهين بجي مان ٻاهر نڪتس ته، هوءِ پري سهيلي سان بيٺل هُئي. مون کي ڏسي هو ٻئي ٻاهر طرف هلڻ لڳيون. هلڻ وقت ڪجهه اهڙو اشارو ڪيائين ته تون اچ. مان به هنن جي پٺيان ويس. هي ٻئي ڍنڍ جي ڪناري وڃي بيٺيون، مون وڃي يا علي مدد ڪئي، اردو ۾ ڳالهايوسين، ڇاڪاڻ ته هوءِ ڪڇي هُئا، مون هنکان نالو پڇيو ته هن پنهنجو نالو بلقيس ٻڌايو، ائڊريس به ڏني ورتي سين، هن ٻڌايو ته ڪراچي ۾ ميران واري علائقي ۾ هنن جو گهر آهي، مون کي اچڻ جي دعوت به ڏني. اهڙي طرح اهو سلسلو شروع ٿيو. حيدرآباد ۾ پنڌرهن ويهن ڏينهن کانپوءِ هن جو خط آيو. جنهن ۾ مُحبت جو اظهار هو. هن جا خط پيار جي اظهار سان پُر هوندا هُئا. پر مونکي هن سان ايترو پيار نه هو ان ڪري مان جواب ۾ سُستي ڪندو هوس. هن تمام گهڻو اسرار ڪيو ته ڪراچي اچ. مون واعدو به ڪيو پر ڪو نه ويس. مهينو کن گذريو ته هڪ ڏينهن حيدرآباد ۾، هي ٻئي، بلقيس ۽ سندس ماءُ اسان جي گهر اچي نڪتيون، گهر وارا به حيران ٿيا. هُنجي ماءُ، امان کي چيو ته هي ٻئي هڪ ٻئي کي پسند ٿا ڪن، ان ڪري هنن جي شادي ٿيڻ گهرجي، مائي چيو ته منهنجي ڌيءَ تنهنجي پٽ جي لاءِ ديواني ٿي پئي آهي، هر وقت هن کي پئي ياد ڪري، بيمار ٿي پئي آهي. وغيره وغيره، امان ۽ منهنجون ڀينرون حيران پريشان، آئون اوڏي مهل گهر ۾ ڪو نه هُئس، پوءِ امان هن کي چيو ته منهنجي پٽ جي مڱڻي ٿيل آهي، ان ڪري اهو ناممڪن آهي، منهنجي وڏي ڀيڻ هنن کي ٽارڻ لاءِ چيو ته، ڀاءُ زمينن تي ويل آهي، هو ٻه ٽي ڏينهن کان پوءِ ايندو ۽ ٻيو ته هن جي ته شادي به ٿيڻ واري آهي، ان ڪري اهو خيال ڪڍي ڇڏيو. امان جن هنن کي چانهه پاڻي پياري روانو ڪيو. آئون آيس مون کي امان جام ڌڙڪا ڏنا ته ڇورا هي تون پرائي نياڻين سان ائين ڇو ٿو ڪرين، پاڻ به نياڻين وارا آهيون، خبردار جو آئيندا اهڙا ڪم ڪيا اٿئي... اهڙي طرح اهو سلسلو ختم ٿيو.....