فاضل جا انداز
شهيد فاضل راهو جي عظمت جا نِرالا انداز. بابل جي زباني. مان ڏينهن جو هڪ بجي ڌاري راهوڪي پهتس، فاضل اوطاقت تي، اڪيلو آرام ڪُرسيءِ تي، اکيون بند ڪريو ويٺل هو، مون سلام ڪيو ته همراهه هڪدم اُٿيو، مسڪرائيندي ڀاڪر پائي ڀليڪار ڪيائين ۽ پڻ معذرت ڪندي چيائين، يار بس ائين اکيون پوري ويٺو هُئس، مون چيو سائين ٿڪل پيا ڏسجو، اڪيلا ويٺا آهيو، سامهون گهر آهي وڃي آرام ڪريو. چيائين بابل سچ پڇين ته ٿڪل به آهيان، صُبح جو ساجر ٿڌ ۾ ڪراچي مان ان ڪري نڪتس ته گاڏي ڊبل ڊور وين نئين زيرو ميٽر آهي، اُنکي روان ڪرڻ لاءِ ٿڌي پور ۾ آهسته آهسته هلائيندو چئين ڪلاڪن ۾ پهتو آهيان، سنگت ساٿ وارا ملڻ اچن پيا، توکان اڳ همراهه اُٿي ويا آهن، ٻيا اچڻ وارا آهن، تون به آيو آهين، ڀلا اها ڳالهه سونهي ٿي ته آئون وڃي گهر سمهان، پويان تو جهڙا يار اچن ۽ خبر پوي ته همراهه ننڊ پيو ڪري، ڳالهه ٺهي ڪا نه ٿي. ڀلا ڇڏ ان ڳالهه کي تون ٻُڌائي، اڄڪلهه ڏسجين ڪو نه ٿو، پارٽي ڪم ۾ به سُست آهين، پريشان پيو ڏسجين، خير ته آهي، مون چيو سائين توهانکي ته خبر آهي، اها هڪڙو پراڻي کٽارو بس آهي، روزگار جو ذريعو سو اُها به روز ڦٽي خراب ٿيو بيٺي آهي، ان کي ٺهرائڻ ۽ هلائڻ ۾ پورا آهيون، ان مان ڪا جان ڇُٽي ته ٻيو ڪو ڌنڌو ڪريون. فاضل پڇيو وڪڻڻي آهي؟ مون چيو ها ساين پر ڪير وٺي نٿو، پئسا به تمام گهٽ پيا لڳائين. فاضل چيو اهو ڪو مسئلو ڪونهي، بس وڪامي وئي. ٻُڌائي گهڻو ٿي لهي ۽ گهڻي ۾ ڏيندين؟ مون چيو سائين، لهي ته ساڍا ٽي لک ٿي پر آئون ايڏو بيزار آهيان جو ٽي يا پوڻا ٽي لک ملن ڪر ته ڏئي ڇڏيان. فاضل چيو، ڪو مسئلو ڪونهي، تنهنجو ڪم ٿي ويندو، ترس ٿوري دير کان پوءِ هلون ٿا. پوءِ ڪُجهه ٻيا دوست به آيا، اُنهن کان خبر چار ورتي، تيستائين ماني آئي، سڀني گڏجي کاڌي، گهڙي ساعت رکي اُٿيو، چيائين هلو، مونکي اڳيان ويهاريو، پٺيان ٻه ٽي دوست ويٺا، رستي ۾ چيائين، اول هلون ٿا هڪ سنڌي وڏيري ٽائپ ڪاموري وٽ جيڪو وڏوٺڙ حرامي آهي، ڪئي ڏوهه ڪيا اٿس، اُن جو ٿورو ٽڪ مان ور ڪڍي پوءِ تو وارو ڪم ڪنداسين، سڌو آياسين، گولاڙچي شهر ۾ اُنهي S.D.M جي جاءِ تي همراهه ڏاڍي قَرب سان مليو، ڪجهه همراهه ٻيا به ويٺل هئا، خوش خير عافيت کان پوءِ فاضل چيو، ابا ڀلا هت سڀني جي سامهون ڳالهائيندي يا ٺڙڪو وڏيرن وانگر اندر ڳالهائيندي. همراهه گهٻرائجي هٿ ٻڌي اُٿي بيٺو، چيائين سائين رحم ڪريو، اسين ٻانها آهيون، ائين چئي شرمندا، مُرڪ سان فاضل جو هٿ جهلي اندر ڪمري ۾ وٺي هليو، فاضل بابل کي به ساڻ ڪري اندر هليو. اندر ويهندي فاضل وڏي اعتماد سان چيو، ابا ٻُڌ، ڏوهه نمبر پهريون تو وارو اهو ٺڙڪو ڇورو فلاڻي غريب جي ٻانهن کڻي، دينا دستي آڻي ويهاري ڇڏي آهي، توکي نياپا ڪياسين، ماڻهو موڪلياسين، پر تون به هُن نڀاڳي جو پيءُ آهين نه، هاڻي ڪن کولي ٻُڌ، سڀاڻي، معنيٰ سُڀاڻي شام تائين يا ته ٻانهن اسان جي حوالي ڪر يا ٻانهن جي بدلي پنهنجي نياڻي جو سڱ هُنن کي ڏيڻ لاءِ تيار رهه. ٻيو نمبر ڏوهه، چاچي چڀڙ غريب جي اٺ ايڪڙ زمين تي تو جيڪو قبضو زوري ڪيو آهي، اُهو ۽ اُن سان گڏ چار سال ٻنهي ولي کاڌي اٿئي، اُن جو حساب ٽن ڏينهن اندر قبضي سوڌو نه ڏنئين ته تو واري زمين جا پنجاهه ايڪڙ اسان قبضو ڪري وٺنداسين، ڏوهه نمبر ٽيو، آئل فيلڊ جي مزدورن جو ٺيڪو تو وٽ آهي ۽ تون هر مزدور جي پگهار مان پنج سئو رپيا هر مهيني خوامخواهه کڻيو ٿو وڃين، اهو هڪدم بند ڪر. همراهه ۽ سندس پُٽ جيڪي ٿُلها متارا پهلوان مُڙس هُئا، پر ڪُڇن جهڙي بت، بس اهو جملو، حاضر سائين، حاضر سائين، هٿ ٻڌي چوڻ وارو انداز پيو ٻُڌائي ته هو ائين ئي ڪندا. فاضل به اُٿندي وارننگ ڏني ته، ٻُڌي ڇڏ ڪامورا، جي ائين نه ٿيو ته ڏاڍو ڏکيو ٿيندين، همراهه قسم کڻندا ۽ حاضر سائين حاضر سائين ڪندا رهيا. اسان واپس ورياسين، گاڏي ۾ ڪڙيو گهنور آياسين، فاضل جي دوست سيٺ ڪشو مل وٽ، جن جا سارين جا ڪارخانا، دڪان ۽ بسون به اٿن، اچي ويٺاسين، فاضل چيو، سيٺ ڪشو بابل واري بس ڏٺي اٿئي؟ هُن چيو ها، ڀلا گهڻو ٿي لهي اها بس، ڪشو ٿورو سوچي چيو، ٽي سوا ٽي لک فاضل چيو، يار پوءِ ته بابل سچو آهي، هو ته صرف پوڻا ٽي لک پيو چوي ته بس سيٺ ڪشو اها بس پوڻن ٽن لکن ۾ آئي توکي ۽ تون بابل کي هيترا ڪئش ڏيندي ۽ باقي هيترين قسطن ۾، ڪشو چيو ٺيڪ آهي، سائين سودو پڪو، ڳالهه ختم، چانهه پي وري اُٿياسين، فاضل چيو هاڻ هلون ٿا ايگريڪلچر بئنڪ، جتان هن غريب ڪاشتڪارن کي لون وٺي ڏيڻي آهي.... اهو هو فاضل جو انداز ۽ طريقيڪار فاضل جو تڪيو ڪلام اهو هو ته ”اهو ڪو مسئلو نه آهي“ ڪهڙو به ڏکيو ڪم هُجي، فاضل چوندو، ڪو مسئلو ناهي. فاضل جي ڊڪشنري ۾ ناممڪن جو لفظ ئي ڪو نه هو. چوندو بس ٿي ويو. ڪو مسئلو ناهي.