آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي
فوٽو گرافر جي آتم ڪٿا
ڪتاب ”فوٽوگرافر جي آتم ڪٿا“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو، جنهن جو ليکڪ خواجه غلام علي کوساڻي آهي. سيد عالم شاه لکي ٿو: ”غلام علي بيشڪ وڏو ۽ رجسٽرڊ اديب نه آهي پر بنيادي طور تي هُو هڪ فوٽو يا وڊيو گرافر آهي ان ڪري سندس آتم ڪٿا جو هي ڪتاب ٻه اکرن بدران نقش گري يا تصوير ڪشيءَ جو هڪ شاهڪار لڳي ٿو. ...“
- 0/5.0
- 7774
- 914
- 3 سال اڳ
- 0
سنڌ سلامت پاران
سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو هڪ نئون ڪتاب ”فوٽوگرافر جي آتم ڪٿا“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو، جنهن جو ليکڪ خواجه غلام علي کوساڻي آهي. سيد عالم شاه لکي ٿو:”غلام علي بيشڪ وڏو ۽ رجسٽرڊ اديب نه آهي پر بنيادي طور تي هُو هڪ فوٽو يا وڊيو گرافر آهي ان ڪري سندس آتم ڪٿا جو هي ڪتاب ٻه اکرن بدران نقش گري يا تصوير ڪشيءَ جو هڪ شاهڪار لڳي ٿو. تحرير ۾ سادگي، اسلوب ۾ دلڪشي ۽ واقعات ۾ ايمانداري ۽ سچائي جو اهڙو نمونو ڄڻ ڪر پينٽنگ ڪئي هجي جيڪو يقينن سنڌي ادب ۾ هڪ وڏو اضافو آهي، هن نه رڳو پنهنجي جيوت جو ذڪر ڪيو آهي پر ان سان گڏ، سياسي، قومي ۽ ادبي تحريڪن جو به تفصيلي احوال ڏنو آهي جيڪو مستقبل جي مورخ کي هڪ حوالي ۽ Reference جو ڪم ڏيندو.“
هي ڪتاب سمبارا پبليڪيشن حيدر آباد پاران 2016ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون پياري دوست ساجد سنڌيءَ جا جنهن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي، ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
[b]محمد سليمان وساڻ
[/b]مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com ڪتاب جو مطالعو ڪريو
ڪتاب تي آيل ريٽنگ ۽ رايا
ھيستائين ڪابہ ريٽنگ ناھي مِلي
ڪتاب تي راءِ ڏيڻ لاءِ مھرباني ڪري لاگ ان ڪريو.
- ليکڪ خواجه غلام علي کوساڻي
- ڇپيو ويو 2016
- ڇپائيندڙ سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد
- ڇاپو پھريون
- عالمي ڪتاب نمبر
- آن لائين ٿيو 04/Feb/2017
- ترجمو آھي؟ جي نہ
- ٽيڪسٽ ۾ آھي؟ جي ھا
- لاٿو ويو 914 ڀيرا