ڊائري جا ورق
مان چاليهه سالن کان ڊائري لکندو رهيو آهيان، هتي ڊائري جي ورقن مان ڪجهه اهم ترين واقعا ۽ يادگيريون پيش ڪريان ٿو.
5 مئي 1992ع“ شيخ اياز ساڻ چوٿين ملاقات“..
نُور احمد ۽ مان ڪئميرا خريد ڪرڻ لاءِ ڪراچي وياسين، ٻارهين بجي صدر ۾ پُهتاسين، ڪئمرا خريد ڪئي، پوءِ نور احمد اياز سائين کي فون ڪئي، ملڻ جي درخواست ڪئي، سائين چئين بجي اچڻ لاءِ چيو، اسان ماني کاڌي ۽ پوري چئين بجي پرنس ڪامپليڪس جي اپارٽمينٽ تي پهتاسين، اياز سائين خوش دلي سان مليا. نور احمد پُڇيو ته سائين توهان جي صحت ڪيئن آهي، سائين چيو، هاڻ مان بهتر آهيان، ٻه پروگرام پڻ اٽينڊ ڪيا اٿم، جمال ابڙي سان شام ۾ به ويس... اياز سائين ڪُجهه دوستن ۽ واقف ڪارن جي شڪايت به ڪئي ۽ چيائون ته مونکي سمجهه نٿي اچي انهن جي سوچ جي، فقير محمد لاشاري، هدايت بلوچ ۽ ٻيا مان کئون اچيو پُڇن ته هنن حالتن جو حل ڇا آهي؟ سائين جن ڪاوڙ جو اظهار پيا ڪن، چيائون ٻين کي ته ڇڏيو پر سوڀي کي ڇا ٿيو آهي، چوي ٿو مان ته ڪلاشڪوف ٿو کڻان، توهان به کڻو ته هلي ڌاڙيلن کي ماريون. اياز سائين، بين الاقوامي حالتن تي ڳالهائيندي چيو، ته هتي سنڌ ۾ ته سڀ پيا اُونداهه ۾ هٿوراڙيون هڻن، هنن کي ڪو به رستو هٿ نه پيو اچي، پر وقت ۽ دُنيا تيزي سان اڳتي پيا وڌن، حيران ڪُن تبديليون رونما پيون ٿين، لينن جي بُت کي ڳچي ۾ رسو وجهيو پيا گهيلين، روس سڄو وکري ويو، ڪميونزم کان به آمريت وارو ڪردار، زار وانگر ادا ڪرايو ويو، هاڻ آمريڪا به پنهنجيون پاليسيون بدلايون آهن، آمريڪا هاڻ اقتصادي فائدا وٺندو، پر فنڊامينٽلزم جو پابند رهڻو پوندس، انساني، سماجي، ثقافتي ۽ جمهوري حق آمريڪا کي به ڏيئڻا پوندا، دُنيا سڄيءَ جي موجوده، قومي عوامي انقلابي ولوڙ مان جيڪو آزادي جو مکڻ نڪرندو نظر اچي پيو، اُهو سڻڀ سُڪل آنڊن لاءِ قوت بخش غذا هوندو.. اياز سائين ڳالهائيندو، بحر بيڪران وانگر وهندو، مُختلف موضوعن تي، عالمن، دانشورن، مُفڪر ۽ فلسفين جا حوالا ڏيندو، انهن جا قول ۽ چوڻيون، انهن جا نظريه ۽ اصول ٻُڌائيندو، دليل ۽ ثبوت ڏيندو، علم معلومات ۽ ڄاڻ جا خزانه لُٽائيندو رهيو. سنڌي ادبي بورڊ بچايو تحريڪ طرفان، سنڌي اديبن جي هڪ گروپ حيدرآباد ۾ مظاهرو ڪيو هو، نور احمد پُڇيو ته سائين توهانجو ڇا خيال آهه. اياز سائين چيو، سنڌ سڄي پئي ٿي ظلم جي باهه ۾ سڙي، ڪو هڪ به اهڙو پاسو نه آهي، جتي ظُلم نه هُجي، ان صورتحال ۾ اسان خاص طور تي اسان جو سڄاڻ طبقو، اديب شاعر دانشور ڪن ننڍڙن ننڍڙن مسئلن کي خُوامخواهه ڇڪي وڏو بنائي، بجاءِ اڳتي وڌڻ جي، ترقي ڪرڻ جي، پاڻ ۾ ڄُنڊا پٽ ڪريو پنهنجو پاڻ کي زبردست نقصان پيا پهچايون. سائين چيو، ڀلا پرڀو ناشاد جي معمولي عهدي جي ترقي واري مسئلي لاءِ سڄي سنڌي ادبي بورڊ جي مُفادن کي نقصان ٿئي ته اها ڪٿي جي عقلمندي آهي. مخدوم صاحب استعيفيٰ ڏني آهي ۽ هاڻي اهو عهدو ڪنهن بيورو ڪريٽ کي ملندو، ڇا سنڌي ادبي بورڊ جو فائدو مخدوم صاحب ۾ وڌيڪ آهي يا حميد آخوند ۾، سائين چيو ته اسان کي انهن ننڍن ننڍن مسئلن تي پاڻ ۾ وڙهڻ جي بجاءِ، وڏن بُنيادي ۽ اهم مسئلن تي مُتحد ٿي، سڄي قوم جي مڪمل آزادي لاءِ پنهنجيون قوتون صرف ڪرڻ گُهرجن... اياز سائين ٻُڌايو ته، ڪُجهه ڏهاڙا اڳ مانکي نور الهُدا شاهه فون ڪري چيو ته، مخدومن جي خلاف بيان ڏيو ۽ سنڌي ادبي بورڊ واري تحريڪ جي حمايت ۾ به بيان جاري ڪريو، تڏهين مان چيو مانس ته، بي بي مان جڏهين بيمار هُئس اسپتال ۾ تڏهين مخدوم صاحب جن به پاسي واري وارڊ ۾ داخل هُئا ۽ روزانو مون ڏانهن گُلدستو پنهنجن فرزندن هٿان موڪليندا هُئا، ڪڏهين امين فهيم، ته ڪڏهين جميل يا رفيق مان وٽ ايندا هُئا، مزاج پرسي ڪندا هُئا، ڪم ڪار پڇندا هُئا، انکان اڳ مُنهنجو مخدومن سان ڪو به ويجهو تعلق نه رهيو آهي، ڇا مخدوم صاحب جي انهي اخلاقي عمل جو جواب مان هن جي خلاف بيان ڪڍي ڏيان؟ اهو مان هرگز نه ڪندم، هن مائي کي ٻُڌايم ته مان هاڻ گوشه نشين ٿي ڪم ڪرڻ ٿو گُهران، پنهنجو وقت ۽ توجهه ٻي پاسي ڪاڏي وڃائڻ نٿو چاهيان، توهان مون کي معاف رکو... نُور احمد چيو سائين توهان مائي کي بلڪل مناسب ۽ درست جواب ڏنو آهي، پر پاڻ جي انهن اديبن، شاعرن جي ذهني حيثيت ايڏي بلند ڪونهي جو هو توهان جي صورتحال کي سمجهن، ان ڪري هو توهان جي ان جواب تي ناراض ٿيا هُوندا ۽ عجيب ڳالهيون ٺاهيندا، اياز سائين پُڇيو مثلن ڪهڙيون؟ نور احمد چيو مثلن چوندا، ابا ڏٺو شيخ صاحب جا ڪم، مخدوم جي هڪ گلدستي موڪلڻ تي، سنڌي ادب جي قاتل کي معاف ڪري ڇڏيائين، تڏهين اياز سائين يڪدم چيو ته هُن ته گُلدستو موڪليو، پر اسان مُحبت ڪرڻ وارن کي جيڪڏهن ڪير هڪ گُل به موڪلي، ته اسان اُن تان جان به قُربان ڪري ڇڏيون.
انهيءَ دور ۾، سنڌي ادبي بورڊ جو مسئلو کڙو ٿيل هو. مخدوم صاحب جي استعيفيٰ کان پوءِ، ان پوسٽ لاءِ ڪيترن ماڻهن جا نالا گردش ۾ هُئا، مُحترم ابراهيم جويو، سائين غُلام مُصطفيٰ شاهه، جناب غُلام رباني آگرو وغيره، جيئن ته سائين غُلام مُصطفيٰ شاهه حڪمرانن جي ويجهو هو ۽ وزير به رهي چڪو هو، ان ڪري اُنجا امڪان وڌيڪ هُئا، پر سنڌ جي سُڄاڻ، محب وطن عالمن دانشورن جو خيال هو ته، هن اهم ترين اداري ۾، غير جانبدار، حقيقي لائق ۽ عملي ماڻهو اچڻ گُهرجي ۽ اهو صرف جويو صاحب هو. پر جويو صاحب خُود، هرگز خواهش مند ڪو نه هُئا،.. ان دور ۾ جويو صاحب سان مُلاقات ٿي ته نور احمد پُڇيو، سائين توهان جو ڇا خيال آهي؟
جويو صاحب چيو، مانکي ڪو به شوق ڪونهي ۽ ٻيو ته حالتون به خراب آهن، اڳوڻو دور ٻيو هو، هن وقت مفادن جي ڊوڙ آهي، ان ڪري مان ان ڊوڙ ۾ شامل ٿيڻ پسند نٿو ڪريان. پر سنڌي قوم جي مجموعي مفادن، سنڌي ٻولي ۽ علم و ادب جي حالت، حيثيت ۽ طاقت کي ٿو ڏسان ته، لاچار پنهنجن پوڙهن هڏن کان به ڪم وٺڻ لاءِ جيڪر تيار ٿيان، پر مان حُڪمرانن جي چوڻ تي هرگز اهو عهدو قبول نه ڪندس. جويو صاحب چيو، مون وٽ وزيراعليٰ جو صلاحڪار شاهه محمد شاهه آيو هو، پيغام کڻي، ته مان اهو عهدو قبول ڪريان، پر مون هن کي صاف جواب ڏنو ته بابا مان حُڪمران يا وزيراعليٰ جي چوڻ تي ائين بلڪل ڪو نه ڪندم، باقي ها، جيڪڏهن سنڌي ٻولي ۽ علم و ادب جي سڄڻن طرفان، يعنيٰ سنڌ ادبي ڪائونسل طرفان، باقاعده آفر ٿيندي ته پوءِ سوچيندس، ورنه مان اهو عهدو نه قبوليندم... ادا نور احمد چيو، سائين هن اداري کي توهان جهڙي ماڻهوءِ جي سخت ضرورت آهي. سائين چيو، آهي ته ائين پر هاڻ نه اهو وقت آهي، نه اڳوڻا ماڻهو ۽ نه ئي اُها سوچ آهي، انهيءِ ڪري ڏکيو ڪم آهي. هن اداري کي جيڪو ڪجهه ڪرڻ گهرجي اهو نه پيو ٿئي، نه صرف فنڊ رائيگان پيا وڃن، پر هي عظيم علمي ادبي ادارو خود رائيگان پيو وڃي. جنهن اهم ترين اداري کي سڄي انقلاب ۽ عمل جي رهنمائي ڪرڻي آهي، اهو خود معذور ۽ جڏو ٿيو پيو آهي. جويو صاحب چيو، اول ته مان چيئرمين ڪو نه ٿيندس، پر جيڪڏهن ٿيس ته سب کان پهرين هي جيڪي لکا رپين جون پجارو گاڏيون ۽ لگزري ڪارون ۽ جيپون وغيره آهن، وڪڻندس بس صرف سخت ضرورت تحت ڪجهه سواريون استعمال ٿينديون، انهي ڪچهري جي ڪُجهه ڏينهن بعد امداد حُسيني کي چيئرمين مقرر ڪيو اٿن. عام ڳالهه پئي هلي ته، امداد حُسيني ڪنهن به صورت ۾ هيڏي اهم نظرياتي قومي اداري لاءِ بلڪل مناسب ڪونهي، هو مُلن، مخدومن ۽ حڪمرانن جو ماڻهو آهي، انقلاب، ترقي پسندي وغيره واري ڳالهه هاڻ هن ۾ بلڪل ڪونهي، هاڻ هو صرف هڪ بيورو ڪريٽ آهي.