آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

فوٽو گرافر جي آتم ڪٿا

ڪتاب ”فوٽوگرافر جي آتم ڪٿا“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو، جنهن جو ليکڪ خواجه غلام علي کوساڻي آهي. سيد عالم شاه لکي ٿو: ”غلام علي بيشڪ وڏو ۽ رجسٽرڊ اديب نه آهي پر بنيادي طور تي هُو هڪ فوٽو يا وڊيو گرافر آهي ان ڪري سندس آتم ڪٿا جو هي ڪتاب ٻه اکرن بدران نقش گري يا تصوير ڪشيءَ جو هڪ شاهڪار لڳي ٿو. ...“
Title Cover of book فوٽو گرافر جي آتم ڪٿا

”منهنجا گهر ڀاتي“

”منهنجا گهر ڀاتي“

اسانجو بابا، خواجه قُربان علي کوساڻي ۽ اسانجي امان کتيجه بيبي جن کي ڪُل نَوَ ٻار ٿيا، ٽي پُٽ ۽ ڇهه ڌيئرون، ٽي اسان ڀائر غُلام علي، حَسن علي ۽ منصور علي، ماشاءَ الله ڇهه ڀينرون آهن، سڀ کان وڏي اسان جي ڀيڻ، ادي شاهه سُلطانه، ان کان پوءِ مان پئدا ٿيس، مون کان پوءِ منهنجو ڀاءُ حَسن علي هو، جنهن کي اسان سڀ ڇوٽو چوندا هُئاسين، حَسن کان پوءِ لڳاتار پنج ڀينرون آيون، ياسمين، حميده، زيب النساءِ، نيوين ۽ فرزانه، آخر ۾ اسان جو سڀني کان ننڍو ڀاءُ منصور علي آهي، اسان سڀ ڀائر ۽ ڀينر هيرآباد واري گهر ۾ پئدا ٿياسين، اُتي ئي رانديون رهندا وڏا ٿياسين، اسڪول ، ڪاليج پڙهياسين ۽ اسان جون شاديون به انهي گهر ۾ ٿيون، صرف منصور جي شادي مبارڪ ڪالوني ۾ ٿي... اسان جي وڏي ڀيڻ ادي شاهه سلطانه ۽ ٻيو نمبر ادي ياسمين جي شادي گڏ ٿي، ادي شاهه گريجوئيشن ڪئي، ادي ياسمين مئٽرڪ ڪئي، ٻنهي جي شادي ٻن سول انجنيئرن سان ٿي، جيڪي ٻئي دوست هُئا ۽ گڏجي پڙهيا، تازو انجنيئرنگ ڪري نڪتا ۽ ٻنهي جي شادي به گڏ ٿي. ادي شاهه جو گهوٽ نيزار علي خواجه، اصل ٽنڊي محمد خان جا، اسان جا پري جا مائٽ آهن. ادي ياسمين جو گهوٽ، اسان جي پُڦي جو پُٽ، صدر الدين خواجه هو، ادي شاهه سُلطانه تمام سمجهدار ذهين هُئي، نيزار علي جيئن ته مُشڪل حالتن مان گُذري پڙهيو هو، ان ڪري سمجهه داري ۽ وضعدار ماڻهو هو، اسان جي ڀيڻ ياسمين تمام خوبصورت، اڇي ڳاڙهي صحت مند ۽ کلڻي ڇوڪري هُئي، هر وقت هر ڳالهه تي پئي کُلندي هُئي، ياسمين جو گهوٽ صدر الدين به کلڻون، خوش طبعه نوجوان هو، خوش حال خاندان مان هو، اسان جي خاندان مان سڀني کان وڌيڪ زمين هنن جي هُئي... صدر الدين ۽ نيزار کي هائي ويز ۾ نوڪري به گڏ ملي. نيزار علي جيئن ته تڪليفن مان گذري مشڪل سان تعليم حاصل ڪئي هُئي. سو ته سنجيدگي سان لڳي ويو ڊيوٽي تي ۽ صدر الدين وارا جيئن ته سرندي وارا هُئا، نوڪري جي ضرورت ڪا نه هُئي، سو همراهه هڪ سال ڊيوٽي ڪئي ته بيزار ٿي پيو، بس پوءِ ته باقي رٽائرمينٽ تائين گهر ويٺي پگهارون، انڪريمينٽون ۽ ترقيون ملنديون رهيون، هي همراهه آرام پسند، خوش طبعه ۽ کلڻون، ته سندس زال به کلڻي، سو ٻئي سڄو ڏينهن پيا پينگهن ۾ لُڏندا ۽ کلندا رهندا هُئا، ماشاءَ الله ٻه پُٽ ۽ چار نياڻيون اٿن، سڀ پينگهن ۽ هندورن ۾ پليا، اُهي به پينگهن جا شوقين آهن. ياسمين ۽ صدرو جي هڪ نياڻي آمريڪا پرڻجي وئي، ته پينگهو به پاڻ سان گڏ کڻائي وئي... نيزار علي ۽ صدر الدين ٻئي دوست هُئا گڏ پڙهيا، شاديون به گڏ ٿيون، پر ٻنهي جي طبيعت ۽ مزاجن ۾ زمين آسمان جو فرق هو... نيزار علي چيف انجنيئر ٿي رٽائرڊ ٿيو، هو روايتي بيورو ڪريٽ هو، هنن کي اول ٻه نياڻيون ايلسا ۽ جوليا هُيون، پوءِ هڪ پُٽ ڪريم ڄائو نيزار صاحب ٻارن کي جام گهمايو ڦيرايو، هُنن جون جائز ناجائز خواهشون به پوريون ڪيون، پر افسوس جو ٻارن کي پڙهايو ڪو نه، داخلا وٺندا هئا پر اسڪول ڪو نه ويندا هُئا ۽ اُمتحان به هنن جي پاران ٻيو ڪير ڏيندو هو ۽ هي پاس ٿي ويندا هُئا. اهو سلسلو به مئٽرڪ تائين هليو، بس وڌيڪ ڪو نه پڙهيا، ٻارن جي تعليم ۽ تربيت به درست ڪو نه ٿي، نتيجي ۾ اڳتي هلي مسئلا پيدا ٿيا... خير، انهن ٻن ڀينرن کان پوءِ مُنهنجي شادي 1972ع ۾ ٿي، جنهن جو احوال پوئتي لکي آيو آهيان... مونکان پوءِ منهنجي ننڍي ڀاءُ حَسن علي جي شادي، اسان جي سئوٽ، چاچا شير علي جي وڏي نياڻي، دلشاد بيگم سان ٿي، حسن گريجوئيٽ هو، پر نوڪري ڪو نه ڪئي، گاڏي کاتي ۾ دُڪان هُئس، فوٽو ڪاپي مشين جو ماهر ڪاريگر هو، حَسن به تمام خوبصورت جوان هو، قد پورو، ڳورو رنگ، ڪارا گُهنڊيدار وار، نرم طبيعت خوش باش رهڻ وارو، يارن جو يار هو، جهيڙو جهٽو يا ناراض ٿيڻ ڪاوڙ ڪرڻ وارو اصل ڪو نه هو، سڀني سان کُل ڀوڳ ۽ پيار ڪرڻ وارو هو، اسان ٻئي ڀائر جيئن ته هڪ ٻين جي پويان پئدا ٿيا هئاسين، گڏجي ننڍي کان وڏا ٿياسين، هر وقت گڏ هوندا هُئاسين، اسڪول ٽيوشن ۽ نائٽ اسڪول به گڏ ويندا هُئاسين، ان حد تائين جو وهنجڻ ۽ ڪاڪوس ڪرڻ به اڪثر گڏ ويندا هُئاسين، وڙهندا به هُئاسين، پر پيار پاڻ ۾ تمام گهڻو هو، هڪڙي ننڍپڻ جي يادگيري آهي، مان ڇهن ستن سالن جو هُئس، حَسن چار سالن جو هو، اسان ٻئي رات جو اٺين بجي کن جماعت خاني جي نائٽ اسڪول مان نڪري گهر ڏانهن ٿي آياسين ته حسن مونکان جُدا ٿي ويو، مونکي لڳو منهنجو ڀاءُ وڃائجي ويو، پوءِ ته چرين وانگر هن کي گهٽين ۾ ڳوليندو رهيس، روئيندو به رهيس، ڊوڙندو دل ۾ اهو چوندو رهيس، اڙي منهنجو ڀاءُ منهنجو ڀاءُ گُم ٿي ويو، هن کي پٺاڻ کڻي ويا، بهرحال ڪافي دير ڳولهيندو ۽ رُوئندو گهر آيس ته، هو ويٺو هو راند پيو رهي.. حسن علي کي ٻه پُٽڙا ۽ هڪ نياڻي ڄائي، هن کي زال ۽ ٻارن سان ڏاڍو پيار هو، اڪثر ٻارن کي موٽر سائيڪل تي شام جو گهمائيندو هو ۽ اسان سڀ رات جو امان بابا جي گهر ٻارن کي وٺي ايندا هئاسين، جتي اسان سڀني ڀائر ۽ ڀينرن ۽ انهن جي ٻارن جو ميلو مچندو هو.. سڀ خوش هُئاسين ته هڪ ڏينهن اوچتو اسان جو ڀاءُ حَسن علي 36 سالن جي عمر ۾ گُذاري ويو، جڏهين ته هو بلڪل ٺيڪ ٺاڪ هو، مَحنتي ۽ صحت مند هو، حسب معمول دُڪان تي ويو، ڏينهن جو ٻارهين بجي داري هن جي طبيعت خراب ٿيڻ لڳي، شيرو پنهنجي رڪشا کڻي تقريبن روز وٽس چانهه پيئڻ ايندو هو، اُهو به ويٺل هو، گڏجي چانهه پيتي اٿن، اُن وقت ڇوٽو شير علي کي چيو يار طبيعت ڪجهه خراب پئي ٿئي، ڇاتي ۾ به ٿورو سور پيو ٿئي، تڏهين شيري چيو، ڪو گئس وغيره هوندو، گوري وٺي اچان، يا چئو ته ڊاڪٽر وٽ هلون، ڇوٽو چيو نه تون مونکي گهر وٽ ڇڏ، آئون گهر وڃي ٿو ٽيبليٽ کايان، شيري پنهنجي رڪشه ۾ هن کي گهر وٽ ڇڏيو، ته چهرو پيلو، ڪمزوري ۽ تڪليف ۾ هو ۽ وڏي بدقسمتي اها به ته هن جو فليٽ ٽاپ تي چوٿين منزل تي هو ۽ اصل ۾ هن کي زبردست قسم جو هارڊ اٽيڪ ٿيو هو ۽ اُن شديد دل جي دوري دوران چار منزل جي چاڙهي چڙهڻ لڳو، پر چڙهي نه پيو سگهي، چوڪيدار ٻُڌايو، هو اڌ تي ويهي رهيو، پر وري اُٿي چوڪيدار جي مدد سان آهسته سان مٿي پهتو ۽ اينديئي پلنگ تي ڪري پيو، ڀاڀي دلشاد گهر ۾ اڪيلي هُئي، پريشان ٿي، پاڙي وارن کي سڏيو ۽ چوڪيدار کي امان جي گهر روانو ڪيو، پاڙي ۾ صرف هڪ مائي هُئي، جنهن اچي ساٿ ڏنو، پر اُن وقت حَسن بيهوش ٿي چڪو هو. امان جي گهر به ڪو مرد ماڻهو ڪو نه هو، اُن مونکي ماڻهو موڪليو ته ڀاءُ حسن جي طبيعت خراب ٿي آهي، تون فورن اتي پُهچ، مان فورن پهتس، ڇاڪاڻ ته منهنجو سارنگ اسٽوڊيو ويجهو ئي هو، مون ڏٺو، حَسن، مُنهنجو پيارو ڀاءُ ڇوٽو، سڄو پيلو پيلو بيهوش ۽ وات مان گج وهي آئي هُئي. اسان ٽن ڄڻن هن کي کڻي هيٺ لاٿو ۽ پاڙي واري جي گاڏي ۾ وجهي پويان ئي سول اسپتال جي ايمرجنسي ۾ فورن پهچي وياسين، امرجنسي جي ڊاڪٽرن، گهڻيون ڪوششون ڪيون، مصنوعي ساهه کڻايو، ٻه ٽي بجلي جا جهٽڪا به لڳايا، پر ڪو نه وري سگهيو، ڊاڪٽر ٻُڌايو وفات ٿئي اڌ منو ڪلاڪ ٿي چُڪو آهي. اسان کي اسپتال کڻي اچڻ ۾ مُنو ڪلاڪ لڳي ويو هو. پر اسان کي يقين نه پيو اچي ته اسان جو ٺيڪ ٺاڪ صحت مند ڀاءُ هڪدم ڪيئن ٿو گذاري سگهي، مان هر هر ڊاڪٽر کي پيو چوان، ڊاڪٽر صاحب توهان چڱي طرح چيڪ ڪريو، ٻي ڪنهن وڏي ڊاڪٽر کي سڏايو، اسان جو ڀاءُ ائين نٿو وڃي سگهي، پليز ڊاڪٽر صاحب ڪُجهه ڪريو.. پر ڊآڪٽرن چيو، هي شديد قسم جو هارٽ اٽيڪ هو، جنهن دل کي فيل ڪري ڇڏيو، ڊاڪٽر ٻُڌايو، 35 سال کان پنجاهه سال تائين عُمر وارو اٽيڪ عمومن تمام خطرناڪ هوندو آهي، بهرحال اسان جي پيرن هيٺان زمين نڪري وئي، اها خبر سڀني لاءِ ڪنهن بم مثل هُئي، گهر ۾ ڪهرام مچي ويو، دلشاد ڀاڀي ته هوش وڃائي ويٺي، اعتبار نه پئي ڪري، امان جي به حالت خراب ٿي وئي، اسان جو بابا همت وارو هو پر اُنهن جي اکين ۾ ڳوڙها هُئا، مان جيڪو ڪڏهين ڪو نه رُنو هُئس، پهريون ڀيرو، بي اختيار رُوئندو رهيس، اسان جي گهر ڀاتين لاءِ به هي پهريون وڏو دردناڪ واقعو هو، پهريون ڀيرو خبر پئي، احساس ٿيو ته پنهنجي پياري جي جدائي جو درد ڇا ٿيندو آهي؟ حسن علي جي جنازي نماز کان پوءِ آخري ديدار وقت حَسن جي ننڍڙي ڏيڍ سال جي نياڻي، سورٺ منهنجي ڪڇ ۾ هُئي ۽ ٻئي پَٽ برڪت ست سالا ۽ راجيش چار سالن جو ، انهن کي سندن بابا جو آخري ديدار ڪرايم، مان ڇوٽو جي پيراندي، سورٺ کي کڻي بيٺو هُئس منهنجي نظر هُن جي چهري تي هُئي، تڏهين مونکي ائين محسوس ٿيو ته منهنجو ڀاءُ مونکي پنهنجن ٻارن جي ۽ خاص طور تي سندس پياري دادلي ڌيءَ سورٺ جي پارت ڪري رهيو آهي. اوڏي مهل سورٺ کي پنهنجي ڇاتي سان لڳائيندي مرحوم ڀاءُ جي ميت اڳيان واعدو ڪيم ته پيارا ڀاءُ هي هاڻ مُنهنجا ٻار آهن، تنهنجي پياري نياڻيءَ کي مان هميشه پنهنجي ڇاتي سان لڳائي رکندس، هن کي پيءُ جو پيار ڏيندس ۽ هن کي ڪڏهين به پاڻ کان جُدا نه ڪندس... اهو عهد مون نڀايو، جڏهين سورٺ سورهن سالن جي ٿي ته پنهنجي ويهن سالن جي فرزند سارنگ سان پرڻائي، اُن جي ڪنوار بنائي هميشه لاءِ ان کي پاڻ وٽ ڌيءَ ۽ ننهن بنائي وٺي آياسين... شادي کان اڳ مون وري به انهن ٻنهي جي مرضي آزادانه نموني معلوم ڪئي، ته ڪنهن سان به ڪا زيادتي نه ٿئي، زور زبردستي هر گز نه ٿئي پر ڀاڀي دلشاد ۽ سڀ بزرگ به ان رشتي تي ڏاڍا خوش ٿيا، سورٺ به خوش هئي جو پنهنجن وٽ هي هميشه لاءِ اچي وئي هُئي. سارنگ به ماشا الله خوبصورت جوان هو، بئنڪ ۾ مئنيجر هو، پوءِ مونکي خبر پئي ته هي ٻئي هڪ ٻي کي پسند ڪندا هُئا.... پوءِ انهن کي مولا ٻه پُٽڙا ڏنا، وڏي جو نالو مرحوم حَسن جي نسبت سان علي حَسن رکيو، جيڪو هن وقت ٻارهن سالن جو خوبصورت ۽ ذهين ڇوڪرو آهي، ننڍي جو نالو سُهان علي رکيو، جيڪو پنجن سالن جو تمام پيارو ۽ شرارتي ٻار آهي، حسن علي جي ٻنهي فرزندن اعليٰ تعليم حاصل ڪئي، برڪت نيشنل بئنڪ ۾ مئنيجر ٿيو پر پوءِ آمريڪا شفٽ ٿي ويو، جتي پنهنجي ٻارن هڪ پُٽ ۽ هڪ نياڻي سان خوش ۽ سيٽ آهي، ٻيو راجيش حَسن ڊاڪٽري پڙهيو ۽ لنڊن مان اسپيشلائيزيشن ڪئي، هن وقت سعودي عرب جدي ۾ فوج ۾ ڊاڪٽر آهي، ان کي به هڪ پُٽڙو آهي، اهو به خوش آهي، ٻئي ڀائر ۽ سورٺ ۽ سارنگ به دلشاد ڀاڀي کي تمام گهڻو ٿا ڀائين، دلشاد به ڪڏهين سعودي ته ڪڏهن آمريڪا ۾ هوندي آهي، حيدرآباد ۾ وري سورٺ ۽ سارنگ وٽ رهندي آهي، مطلب ته هوءِ به خوش آهي.
حَسن علي کان پوءِ اسان جي ٽيو نمبر ڀيڻ، زيب النساءُ جي شادي، مُنهنجي پياري دوست سليم خوجه سان ٿي، جيڪا مُنهنجي لاءِ ٻيڻي خوشي جو سبب هُئي، هڪ ته مُنهنجو سڀ کان پيارو دوست سليم، هاڻ منهنجو مائٽ رشتيدار به بڻجي ويو هو، ٻيو سبب اهو ته اسان جي ادي زيب جو سليم جهڙو خوبصورت ۽ بهترين ماڻهو جيون ساٿي بنيو هو. اُن وقت سليم بئنڪ ۾ آفيسر هو، رشتيداري کان پوءِ به هو اسان جو ساڳيو ئي دوست هو، نانگا هائوس تي ساڳيون ڪچهريون جاري رهيون. سال کن بعد، سليم ۽ زيب کي هڪ سليم جهڙي خوبصورت نياڻي ڄائي، سليم جهڙو ڳورو رنگ شيريون بلوري اکيون، سُنهري گُهنڊيدار وار، نڪ نقشو ۽ نيڻ هوبهو سليم جهڙا هُئا، سليم جنهن کي هميشه کان ٻارن سان پيار رهيو، هو سدائين اسان جن ٻارن سان پيار ڪندو هو. سو هاڻ ته هن کي رانديڪو ملي ويو هو، ان جو نالو ڪنول سليم رکيائين، ۽ بيشڪ هوءِ ڪنول جي گُل جهڙي خوبصورت هُئي.. اهو ذوالفقار علي ڀٽو جو دور هو، اخبار ۾ اشتهار ذريعي پوليس ۾ ڊائريڪٽ ڊي، ايس پي D.S.P جون سيٽون آيون، ياد رهي ته سليم جو مرحوم والد صاحب به جواني ۾ پوليس ۾ رهيو هو، سو سليم کي شوق ٿيو، هن به اپلاءِ ڪري ڇڏيو. سليڪشن وقت، پبلڪ سروس ڪميشن جو انچارج، چيئرمين، رٽائرڊ چيف جسٽس هو، جيڪو سليم جي سڳي چاچا ۽ سنڌ جي نالي واري تعليم دان مُحترم ايڇ ايم خوجه جو شاگرد رهيو هو، سليم سليڪٽ ٿي ويو، هن کي ٽريننگ لاءِ شهدادپور پوليس ٽريننگ سينٽر موڪليو ويو، جڏهين ٽريننگ مڪمل ٿي، ٽيسٽ پاس ڪري، پهريون ڀيرو D.S.P جو فل ڊريس پائي پي (P) ڪئپ لڳائي، هٿ ۾ اسٽڪ کڻي، اسان واري ٽائيم اسٽوڊيو تي آيو، ته اسان هن کي ڏسي حيران ٿياسين، ڪيڏو نه خوبصورت باوقار پوليس آفيسر لڳي رهيو هو. هُنجو ڳورو رنگ، شيريون اکيون، قدآور جوان تمام سهڻو لڳي رهيو هو، مون هن جا ڊريس ۾ فوٽو ڪڍيا، جيڪي اڄ به يادگار آهن... بهرحال ٽريننگ کان پوءِ هُنجي پهرين پوسٽنگ لاڙڪاڻي ۾، ڀُٽي جي شهر ۾ ٿي، جتي جڏهين ڀُٽو صاحب لاڙڪاڻي ايندو هو ته اُنجي سيڪيورٽي جو انچارج سليم هوندو هو، سليم اسان کي ٻڌائيندو هو ته تازو جڏهين ڀٽو صاحب لاڙڪاڻي اچڻ جو اعلان ڪيو ته سخت سردي هُئي، صُبح کان بادل ڇانيل هُئا، ۽ ڪيڏي ڪيڏي مهل، هلڪي برسات به وسي رهي هُئي، اسان ايئرپورٽ کان وٺي شهر ۾ المرتضيٰ تائين سڄي رستي ۾ چوڪيون قائم ڪيون هيون. جتي هر چوڪي تي چار پنج پوليس وارا صُبح جو سوير کان سخت سردي ۾ ڊيوٽي ڏئي رهيا هُئا، تڏهين مان چيڪنگ لاءِ رائونڊ تي نڪرڻ کان اڳ شهر مان 5 ڪلو کن پڪوڙا، ڊبل روٽيون ۽ سگريٽن جا پاڪيٽ وٺي جيپ ۾ رکندو هُئس، پوءِ هر چوڪيءَ تي بيٺل پوليس وارن کي پڪوڙا روٽيون ۽ سگريٽ جو پاڪيٽ ڏيندو ويندو هُئس، ايئرپورٽ تائين ته پوليس وارا ڏاڍو خوش ٿيندا هُئا، مونکي دعائون ڏيندا ۽ عزت ڪندا هُئا، ڇاڪاڻ ته اهڙو آفيسر هنن کي ڪڏهن ڪو نه مليو هو جيڪو ايڏو احساس ڪري ۽ خيال رکي. ڀٽو صاحب کي ايئرپورٽ تان اسڪاڊ ڪري هُنجي ڪار جي اڳيان چيف سيڪيورٽي آفيسر طور مان هوندو هُئس، ال مرتضيٰ تائين پهچائي پوءِ اسين اطمينان جو ساهُه کڻندا هُئاسين، سليم ٻُڌائيندو هو ته، جڏهين ڀٽو صاحب ايندو هو ته هشام ماڻهن جا ال مرتضيٰ ٻاهران گڏ ٿي جيئي ڀٽو جا نعرا هُڻندا هُئا، ڀٽو صاحب آواز ٻُڌي ٻاهر نڪري ايندو هو ۽ سڄي هجوم کي اندر باغ ۾ سڏائي ماڻهن سان ملندو هو، هنن جا مسئلا ٻڌندو ۽ حل ڪندو هو. ڀُٽي صاحب جي اها خوبي هُئي ته هر عيد تي هو لاڙڪاڻي ضرور ايندو هو ۽ پنهنجي شهر جي ماڻهن سان گڏ عيد نماز پڙهندو هو. پر هڪ عيد تي ملڪ جون حالتون درست نه هيون، اپوزيشن، هن خلاف اتحاد قائم ڪيو هو، ڀٽو صاحب ڪيترين ئي مشڪلاتن ۾ گهيريل هو، ان ڪري ڪُجھه ماڻهو چئي رهيا هُئا، ته هن عيد تي شايد ڀٽو صاحب لاڙڪاڻي نه اچي ۽ اسلام آباد ۾ ئي عيد نماز ادا ڪري، پر اڪثر ماڻهن جو خيال هو ته ڇا به ٿي پوي ڀٽو صاحب ضرور ايندو، ٻي ڏينهن عيد هُئي، شام تائين ڪا به خبر نه هُئي، ڪو به اطلاع نه هو. پر آدهي رات جو پيغام آيو ته، ڀٽو صاحب ڏيڍ ڪلاڪ بعد موهن جو دڙو ايئرپورٽ تي لينڊ ڪندو، اسان فورن سڀ انتظام ڪيا، رات جو ٽين بجي هن جي جهاز لينڊ ڪيو، چئين بجي هن کي المرتضيٰ تي پهچايو، ۽ صُبح جو سڀ ماڻهو عيدگاهه ۾ ڀٽو صاحب کي ڏسي ڏاڍا خوش ٿيا، هُن پنهنجن ماروئڙن سان گڏ نماز ادا ڪئي ۽ عوام سان گلي ملي عيد مبارڪ ڏني... بهرحال سليم لاڙڪاڻي ۾ ٿورو وقت رهيو هو. ٻار به وٺي ڪو نه ويو هو، جلدي هن جي بدلي شڪارپور ٿي، جتي هِنکي فُل فليج ڊي ايس پي جي چارج ملي، رهائش لاءِ آفيسرن جا بنگلا هُئا، سليم به ٻارن کي شڪارپور وٺي ويو، ڪنول جي لاءِ هڪڙو ننڍو اڇي رنگ جو انگريزي ڪُتو ورتو هو، جنهن سان ڪنول سڄو ڏينهن پئي راند ڪندي هُئي، سليم جڏهين شڪارپور ۾ مڪمل سيٽ ٿي ويو، تڏهين اسان سڀني نانگا هائوس جي دوستن کي شڪارپور اچڻ جي دعوت ڏني ته سڀ نانگا پوري هڪ هفتي لاءِ ايندا ۽ اها ساڳي موج مستي ٿيندي، جيڪا نانگا هائوس تي ڪندا هُئاسين، ان لاءِ سليم اُتي به ڪيرم بورڊ وغيره سان سڀ لوازمات گڏ ڪيا هُئا، اسان سڀ دوست ته اڳ هي انتظار ۾ هُئاسين، پروگرام ٺاهي ست هي نانگا شڪارپور پهتاسين، نور احمد، عاشق علي، حميد، عظيم، ڇوٽو شيرو ۽مان، سليم ٻه ڪمرا اسان لاءِ مخصوص ڪيا هُئا، جن کي نانگا هائوس جو نالو ڏنو هو. پوءِ ته بس اُها ساڳي موج مستي شروع ٿي وئي. کل ڀوڳ، ٽارگيٽ بڻائڻ ۽ ڪيرم بورڊ جا مُقابلا، ساڳيو تڪيو ڪلام ته ”ابا ٿي وڃي هٿ هٿ“، يا ”عاشق اچ ته هٿ هٿ ڪريون“ ۽ پوءِ سخت مقابلا ٿيندا رهيا. روزانه شام جو شڪارپور شهر جو چڪر به لڳائيندا هُئاسني، هتي جون مخصوص شيون کائيندا هُئاسين، هاٿي در جي آئسڪريم، ٿادل ۽ چاٽ وغيره، تاريخي جايون ڏٺيون، سنڌ جي قومي شاعر شيخ اياز جو آبائي گهر، اسڪول ۽ مشهور شاهي بازار، جنهن جا آثار ٻڌائي رهيا هُئا ته واقعي ڪنهن زماني ۾ ايشيا جي وڏي بازار هُئي، ۽ شڪارپور سنڌ جو پيرس چيو ويندو هو. بهرحال اسان پنج ڇهه ڏينهن رهياسين، ڏاڍا مزا ڪياسين، سليم ڊيوٽي تان ايندو هو ته پوءِ هو ڊي ايس پي نه بلڪه عام نانگو هوندو هو، جنهن کي مذاق ۾ ايڏو ته ذليل ڪندا هُئاسين جو هن جا ماڻهو، پوليس وارا نوڪر بورچي ڏسن ته ڪر پريشان ٿي وڃن ته، سندس باس جي اها حالت ۽ اصليت آهي. بهرحال ادي زيبو اسان جي ڏاڍي خدمت ڪئي، ڪنول به خوش هُئي جو هيڏن ماڻهن سان وندري پئي، ورنه اڪيلي هوندي هُئي... سليم سڀني دوستن کي تحفه تحائف ڏئي واپس ڪيو، اهڙي طرح هي پروگرام يادگار ۽ تاريخي بڻجي ويو، سليم ساڻ نانگن جي انيڪ پروگرامن کان پوءِ، هي شڪارپور جو پروگرام آخري بڻجي ويو، جو انکان فورن بعد نه رهيو سليم، نه رهيو نانگا هائوس ۽ نه ئي نانگا مُتحد رهي سگهيا. سليم ئي نانگا هائوس جو روح روان هو، هن سان ئي نانگا هائوس جون رونقون ڪِچهريون ۽ گُهمڻ ڦرڻ جا پروگرام هوندا هُئا، سليم ڇا ويو ڄڻ تسبيح ٽُٽي پئي ۽ ڌاڻا وکري ويا... اصل ۾ اهو دردناڪ واقعو اسان جي شڪارپور مان واپسي جي هڪ هفتي بعد رونما ٿيو. اسان سڀ دوست شڪارپور جي شاندار چڪر جي سحر ۾ مُبتلا هُئاسين، اُتي جي يادن کي دهرائي خوش ٿي رهيا هُئاسين ته خبر آئي سليم جي طبيعت خراب آهي، اسان سمجهيو عام بخار زڪام وغيره هوندو، سهي ٿي ويندو، پر نه ٻن ڏينهن بعد ادي زيب بابا کي فون ڪيو ته سليم جي طبيعت وڌيڪ خراب پئي ٿئي. بابا چيو فورن حيدرآباد اچو ته ڪنهن سُٺي ڊاڪٽر کي ڏيکاريون، شام جو هي بابا جي گهر پهتا، مان به موجود هُئس، سليم ڪمزور بيمار ته لڳو پر ڪار مان لهي پند ڪري اندر آيو، اسان اوڏي مهل،ڊاڪٽر ارشاد مورياڻي وٽ وٺي وياسين، جنهن جي اسپتال اسان جي گهرن سان لڳ هيرآباد ۾ هئي. ارشاد مورياڻي پڻ، سليم جي چاچا، بابا حاجي خوجه جو شاگرد هو، تنهن چيڪ ڪري دوائون ڏنيون، هن ڪا به اهڙي پريشاني جي ڳالهه ڪا نه ٻُڌائي، اسان هفتو کن علاج ڪيو، پر ڪو به فائدو نه ٿيو، بلڪ طبيعت وڌيڪ خراب ٿيڻ لڳي، تڏهين اسان سليم کي ڪراچي کڻي وياسين، مان هن سان گڏ رهيس، اسان سليم جي چاچا، بابا حاجي (ايڇ ايم خواجا) کي به اطلاع ڪيو، جيڪو ڪراچي آيو. جناح اسپتال ۾ جڏهين مڪمل ٽيسٽ ٿيا، ڊاڪٽرن جي ٽيم تشخيص ڪئي، تڏهين خبر پئي ته ڪيڏو نه وڏو نقصان ٿي چڪو آهي ۽ اسان ڪيترو نه قيمتي وقت ضائع ڪري چڪا آهيون، ڊاڪٽرن ٻُڌايو ته سليم جا ٻئي گُردا فيل ٿي چُڪا آهن، اسان حيران ۽ پريشان ٿي وياسين، ڊاڪٽر ٻُڌايو ته، ڏهه ٻارهن ڏينهن اڳ ڪنهن سبب جي ڪري هن جي بلڊ پريشر يڪدم تمام گهڻو شوٽ ڪيو هو، اهڙي طرح وڌندڙ پريشر، جيڪو غير معمولي طور شوٽ ڪندو آهي ته اهو ڪو نه ڪو نقصان ضرور ڪندو آهي، يا دماغ جي نس ڦاٽي سگهي ٿي فالج جو حملو ٿي سگهي ٿو، هارٽ اٽيڪ به ٿي سگهي ٿو ۽ گُردا به فيل ٿي سگهن ٿا. ڪي ڀاڳن وارا ماڻهو نقصان کان بچي به ويندا آهن، ڪن جو گهٽ نقصان به ٿي سگهي ٿو پر افسوس جو سليم جا ٻئي گُردا فيل ٿي ويا هُئا، ڪراچيءِ ۾ اڃا، گردن جي ٽرانس پلانٽ يا علاج ڊائلاسس وغيره به ڪو نه آيل هو، ڊائلاسز ذريعي خون ۾ شامل ٿي ويندڙ يورين کي صاف ڪيو ويندو آهي، جنهن سان مريض هڪ ٻه هفتا ڪڍي ويندو آهي، ان دوران مريض کي ٻاهر ڪنهن ملڪ ۾ وڃي، پنهنجي ڪنهن مائٽ يا عزيز طرفان عطيو ڪيل هڪ گردو لڳائي زندگي بچائي سگهجي ٿي. پر افسوس جو اٺ ڏهه ڏينهن اسان جا مورياڻي ضائع ڪيا، هن وقت صورتحال هٿن مان نڪري چُڪي هُئي، بابا حاجي خوجه ڊاڪٽرن کي گهڻو چيو ته اسان ٻاهر ڪنهن مُلڪ ۾ وڃي آپريشن ڪرائڻ لاءِ تيار آهيون، پر ڊاڪٽرن جيڪو فيصلو ڏنو، اُن اسان سڀني کي لرزائي ڇڏيو، هنن چيو ته هاڻ نه ته هتي ڪو علاج آهي ۽ نه ئي ٻاهر ڪنهن مُلڪ ۾ پهچڻ جو وقت آهي، مريض چند ڏينهن جو مهمان آهي، هن ڳالهه اسان جا اوسان خطا ڪري ڇڏيا، بابا حاجي خوجه، ٻين وڏن ڊاڪٽرن کي سڏايو، پر انهن به اها ئي ڳالهه ڪئي ته ڏهه ٻارهن ڏينهن کن اڳ اچو ها ته، ٻاهر ڪنهن ملڪ مان آپريشن ڪري زندگي بچائي سگهجي ها، پر هاڻ صورتحال هٿن مان نڪري چڪي آهي، سليم جي طبيعت جيئن پوءِ تيئن وڌيڪ خراب ٿيڻ لڳي، هُن جو جسم سُڄڻ لڳو هو، گُردا فيل ٿيڻ جي ڪري رت ۾ يورين شامل ٿيندو آهي، جنهن جي ڪري مريض جو جسم سڄڻ لڳندو آهي ۽ اهو ئي آخري وقت هوندو آهي، مان مسلسل سليم ساڻ گڏ هُئس، پنهنجي پياري دوست کي هن تڪليف ۾ ڏسي نه پيو سگهان، هو بيهوش هو ۽ مان ڪمري کان ٻاهر پٽ تي ديوار کي ٽيڪ ڏئي ڳوڙها ڳاڙهيندو رهيس، ٻه ڏينهن اڳ، جڏهين سليم اڃا هوش ۾ هو، حالانڪه ڊاڪٽرن جواب ڏئي ڇڏيو هو، پر هن کي ڪو نه ٻڌايو هو، بلڪه اسان هن کي دل داري ڏيندا رهياسين ته سڀ ٺيڪ آهي، جلدي توهان ٺيڪ ٿي ويندا پر سليم کي به پروڻ پئجي چُڪا هُئا، هن کي اندازو ٿي چڪو هو ته هو هاڻ ڪو نه بچندو، ٻن پهرن جو ٽائيم هو، ڪمري ۾ مان ۽ نيزار صاحب هُئاسين ته سليم نيزار کي ويجهو اچڻ جو اشارو ڪيو، نيزار اُٿي اڳتي ويو ته هُنجو هٿ جهلي بلڪل پنهنجي قريب ڪندي چيو، نيزار مُنهنجي ٻارن جي توکي پارت آهي، مُنهنجي ڪنول کي مان تنهنجي حوالي ٿو ڪريان، تون هُنجو خيال رکج. سليم جي اکين ۾ ڳوڙها هُئا، مان ۽ نيزار به لُڙڪ روڪي نه سگهياسين. نيزار صاحب سليم جي هٿ کي پنهنجي ٻنهي هٿن ۾ جهلي، بوجهل آواز ۾ چيو ڪنول مُنهنجي نياڻي آهي، تون ڪو به فڪر نه ڪر، پر يار اهڙيون ڳالهيون ڇو پيو ڪرين، تون جلدي ٺيڪ ٿي ويندين، سليم اکيون پوريون پر ڳوڙها ڳڙهندا رهيا، نيزار پوئتي هٽي ڪُرسي تي ويٺو ته مان اُٿي هن جي سيراندي بيهي پنهنجي يار کي ڳراٺڙِ پائي، هن جي پيشاني ۽ ڳل تي پيار سان هٿ گهمائيندي چيم، سليم يار اسان سڀ تنهنجي ٻارن جو خيال رکنداسين، تون ائين نه سوچ، تون هميشه پنهنجن ٻارن سان ۽ اسان سان گڏ رهندين، تون جلد صحت مند ٿي ويندين ۽ پاڻ نانگا هائوس تي ڪچهريون ڪنداسين، تڏهين هُن آهسته سان لڙڪن ڀريل اکيون کولي مون کي ڏٺو جنهن ۾ عاجزي جو احساس هو. مون هُنجي پيشاني کي چُميو ۽ آهسته سان نِراڙ تي زور ڏيڻ لڳس، پوءِ بعد ۾، مون کي بار بار اهو خيال ايندو رهيو ته سليم جو سڀني کان وڌيڪ پُراڻو ۽ ويجهو دوست ته مان هُئس، ٻين دوستن ۽ اسان جي گهر وارن سان به سليم جي واقفيت ۽ مُلاقات منهنجي معرفت ٿي هُئي، پوءِ به سليم پنهنجن ٻارن جي پارت مونکي ڪا نه ڪئي، نيزار صاحب کي پارت ڪئي، سو ڇو؟ اهو سوال عرصي تائين مُنهنجي من ۾ گُهونجندو رهيو، گهڻي غور فڪر کان پوءِ مونکي هڪ سبب نظر آيو. اُهو اِهو ته مان غريب هُئس، مون وٽ مال دولت ڪو نه هئا. نه گهر پنهنجو هو، نه ڪو سٺو ڪاروبار، اهو مسواڙي فليٽ ۽ سارنگ فوٽو اسٽوڊيو، جنهن جي صورتحال جي سليم کي اڳ ئي خبر هُئي، ته هتي آڻيون ۽ چاڙهيون سومرا وارو سلسلو هو ۽ هوڏانهن نيزار صاحب اسان سڀني ۾ امير ترين شخص هو، بنگلا ڪارون مال ملڪيت ڪروڙ پتي ماڻهو هو: سليم شايد اهو سوچيو هوندو ته، هي يار غريب ماڻهو آهي، پنهنجن ٻارن ۾ پورو مس آهي، سو ٻين کي ڪيئن سنڀاليندو، بهرحال سليم اسان سڀني جي اڳيان، اسان جي هٿن مان نڪري هليو ويو. سليم جي وفات سان ائين لڳو ته سڀ ڪجهه ختم ٿي ويو، سڄي دنيا اونداهي ٿي وئي ۽ واقعي به سليم جي وڃڻ کان پوءِ گهڻو ڪجهه ختم ٿي ويو هو، جنهن جو احساس پوءِ بعد ۾ اسان سڀني کي ٿيڻ لڳو هو ته اسان ڪيڏي نه اهم قيمتي مَتاع وڃائي چڪا آهيون، سليم جي ميت اسان ايمبولينس ۾ ڪراچي کان حيدرآباد کڻي آياسين پنهنجي پياري يار جي آخري سفر ۾ مان اڪيلو گڏ هُئس، اونداهي رستي تي، تيزي سان پوئتي ڊوڙندڙ منظرن سان، مُنهنجي دل و دماغ ۾ يادن جا منظر به پويان ڊوڙڻ لڳا، سليم سان دوستي جي ابتدا، آرڪيسٽرا وارو رنگين دور، ڪنهن وڏي زبردست پروگرام ۾ اسان جو گروپ اسٽيج تي، فُل سوٽ ۾ خوبصورت نوجوان جديد سازن تي مُدر دُهن وڄائي رهيا آهن ۽ سليم سڀني کان اڳيان مائيڪ هٿ ۾ جهلي طلعت محمود جو انڊين گانو ڳائي رهيو آهي.
”نه جاني کيسا، سفر هي ميرا،“
آرڪيسٽرا ۾ روزانو پريڪٽس ڪندا هُئاسين، رات جو ڏهين کان پوءِ هيرآباد ۾ اسان جي گهر جي سامهون، فاروقي جي بنگلي واري گول پٿر جي سيڙهيءِ تي ويهي، سليم، عاشق علي ۽ مان ڪچهري ڪندا هُئاسين، سياري ۾ وري ڀر ۾ امير علي جي ڪُتر جي ڪارخاني ۾، ڳونڻيون وڇائي ويهي ڪچهري ڪندا هُئاسين، جتي مولابخش چانڊيو به ايندو هو، جيڪو ان وقت سنهڙو ڍگهو ۽ خوبصورت نوجوان هو ۽ هاڻ ته وڏا عروج ماڻيا اٿس، پيپلزپارٽي جو سينيٽر، وزير قانون ۽ هاڻ صوبائي وزير اطلاعات آهي، ماشا الله،
هي اهو دور هو جڏهن تلهار اسان تمام شوق سان ويندا هُئاسين، مُنهنجي مڱڻي ٿيل هُئي، نور احمد، حميد ۽ ٻين دوستن سان دل واريون رهاڻيون ٿينديون هيون، هڪ ڀيري، عاشق علي، ڇوٽو ۽ مان اوچتو تلهار جو پروگرام ٺاهي نڪري آياسين، سليم جي بئنڪ ۾ ڊيوٽي هُئي، اسان هن کي ڪو نه ٻُڌايو هليا آياسين، تلهار ۾ نور احمد به ٽوڪيو ته توهان سليم کي ڇو ڪو نه وٺي آيا. خير رات جا اٺ ٿيا ته، اوچتو سليم اچي ٺڪا ڪيو، اسان کي سليم کي ڏسي ڏاڍي خوشي ٿي، اسان هن سان معذرت به ڪئي پر سليم ڪاوڙيو ڪو نه، بلڪه چيائين، توهان مونکي ڇڏي سگهو ٿا پر مان توهانکي ڪڏهين ڪو نه ڇڏيندس.... پر اڄ هو واعده خلافي ڪري، اسان سڀني دوستن کي هميشه لاءِ ڇڏي هليو ويو ۽ پويان يادن جو انبار ڇڏي ويو هو. نانگا هائوس جون ڪچهريون، ٽارگيٽ بڻائڻ، سير ۽ سفر، انهن خوشي ۽ غم جي ڳالهين کي ياد ڪندا، اونداهي ۽ ر وشني جي وهڪري ۾ ترندا، حيدرآباد جي حدن ۾ داخل ٿياسين ته مسجدن ۽ عمارتن تي لائيٽون لڳل هُيون، اها رات ٻارهين ربيع الاول، عيد ميلاد النبي جي هُئي، مُسلمان حضور صلحم جي جنم مبارڪ جي خوشي ملهاءِ رهيا هُئا، پر اسان لاءِ هيءِ رات غم ۽ ڏُک جي اونداهي رات بڻجي وئي هُئي، جڏهن ته ڪُجهه ماڻهن چيو ته سليم تمام سڳوري رات لاڏاڻو ڪيو آهي، جڏهين بهشت جا دروازا کُليل هوندا آهن، هُن به جنت ماڻي آهي. سليم جنت ماڻي يا نه، اها ته خُدا کي خبر، پر اسان جي خاندان جي گهر ۾ قيامت برپا هُئي، خاص طور سليم جي امان، ڀينرون ۽ ادي زيب، دوزخ جي باهه ۾ سڙهي ۽ پچي رهيا هُئا، ادي زيب جي حالت خراب ٿي وئي هُئي. هن کي بيهوشي جا دورا پوڻ لڳا هُئا، اسان جي امان ۽ سليم جي ماءُ جو سمورو وجود رک ٿي ويو هو، اسان کي ڀاءُ حَسن علي جي وڇوڙي کان پوءِ هي ٻيو وڏو ڪاپاري ڌڪ لڳو هو، جنهن سڀني جو اندر جهوري، ساڙهي رک ڪيو هو.... سليم جيڪو سُهڻو، شهزادو جوان هو، جنهن جي ترقي ۽ عظمتن جو سفر اڃان هاڻ شروع ٿيو هو، جيڪو يقينن هڪ سچو نيڪ ايماندار ۽ انسان دوست ۽ بهادر پوليس آفيسر هو، جنهن جي سوچ ترقي پسند، قومي عوامي هُئي، جيڪو يقينن تيزي سان منزلون طئي ڪندو، ڊي آءِ جي ۽ آءِ جي ٿئي ها، عوام ۽ مُلڪ جي خدمت ڪري ها، ڇا ڇا نه اراده هُئا، ڪيترائي خواب سجايا هُئا، پلڪن تي، اڄ اُهي اکيون، بي نُور بڻجي هميشه لاءِ بند ٿي ويون هُيون، عظمتن جي رستي تي اڃا پهرين وک رکي هُئي ته جيوت جو سفر ختم ٿي ويو هو. سليم جي تدفين وارو مرحلو به ڏاڍو دردناڪ هو، هن جي جنازي ۾ تمام گهڻا ماڻهو شريڪ هُئا، خبر ناهي ڪير ڪير ڪٿان جا ماڻهو اچي خراج عقيدت پيش ڪري رهيا هئا، اهڙو شهزادو جوان، مٽي ماءُ حوالي ڪرڻ تي، اندر سڙهي رهيو هو.
غالب ياد آيو
”مقدور هو تو خاک سي پوچهون که اي لعيم
توني وه گنج هائي گران مايه ڪيا ڪئي“
ادي زيب، بابا ۽ امان جي گهر اچي رهي، ڪنول نيزار صاحب ۽ ادي شاهه سُلطانه جي گهر، اُنهن جي ٻن نياڻين، ايلسا ۽ جوليا ساڻ رهڻ لڳي، نيزار صاحب، مرحوم سليم کي ڏنل وچن کي نڀائيندي ڪنول کي پنهنجي نياڻين وانگر ئي سنڀاليو، جيڪو ڪجهه سندس نياڻي لاءِ وٺندا ۽ ٺهرائيندا هُئا، چاهي ڪپڙا هُجن يا سونا زيور ڪنول لاءِ به بلڪل اهڙا ئي هوندا هُئا.
سال ڏيڍ کان پوءِ بابا ۽ امان کي، وري ادي زيب النساءِ جو گهر آباد ڪرڻ جو اونو ٿيو، ادي زيب پهرين ته ٻي شادي ڪرڻ کان انڪار ڪيو، پر پوءِ جڏهين سڀني هن کي سمجهايو تڏهين راضي ٿي. بابا جيڪو ڇوڪرو مُنتخب ڪيو، اهو سليم جي مُقابلي ۾ بلڪل مُختلف هو، سليم ته ترقي پسند، اينٽليڪچوئل آفيسر باوقار پرسنالٽي هو، جڏهين ته هي گُل محمد، گهريلو قسم جو سيڌو سادو نوجوان هو. گُل محمد اسان جي چاچا پيار علي جو وڏو فرزند هو. اسان جو سئوٽ انتهائي شريف النفس نيڪ، هر قسم جي بُرائي کان پاڪ، نرم دل ۽ ٻين کي ڪم اچڻ وارو سُلڇڻو جوان هو، اُهو ايڏو ته نيڪ خيال هو جو جڏهين ان کي خبر پئي ته بابا هن کي مُنتخب ڪيو آهي ته هو ڏاڍو خوش ٿيو جو پنهنجي ڏکويل سئوٽ جي درد و غم کي ونڍڻ ۽ ان کي خوشيون ڏيڻ جو موقعو مليو هو، گُل محمد گريجوئيٽ ته هو، پر جاب ڪو نه ملي هُئي، جلدي اسان جي ڀيڻ جو گهر وري آباد ٿي ويو، بابا ادي زيب کي مبارڪ ڪالوني ۾ بهترين بنگلو ٺهرائي ڏنو، گُل محمد کي به ڪاروبار ڪڍي ڏنو ۽ هو خوش گذارڻ لڳا، پوءِ هنن کي چار نياڻيون ٻيون به ٿيون،ڪنول سودو پنج ڌيئر هيون، پُٽ ڪو نه ٿيو، پر هي نياڻين سان ئي خوش هئا. وڌيڪ اولاد ڪو نه ڪيو. ڪنول جوان ٿي، ته اُن جي لاءِ رشتي جي ڳولا شروع ٿي، امان ۽ ادي زيب جو خيال هو مُنهنجو سالو سليم جنهن حيدرآباد ۾ اسان وٽ رهي سول انجنيئرنگ ڪئي هُئي، سليم امان جي ڀيڻ جو پُٽ هو، رضيه مُنهنجي گُهر واري جو ننڍو ڀاءُ، ۽ منهنجو سالو هو، گهر جو ڄاتل سُڃاتل شريف ڇوڪرو هو، امان ۽ ادي زيب مون کي سڏائي پنهنجي خواهش جو اظهار ڪيو، مون کي به اها تجويز پسند آئي، پوءِ مون ۽ رضيه گڏجي سليم جو خيال معلوم ڪيو، ماسي امينا ۽ چاچا غلام علي گولو، ته تمام خوش ٿيا جو انهن جو فرزند وڏي وڳر سان، پنهنجن سان ڳنڍجي رهيو هو، مُنهنجي لاءِ خوشي جو باعث هو، جو پنهنجي مرحوم دوست جي نياڻي جي خانه آبادي ۾ مُنهنجو به ڪردار هو، ڪنول جي شادي، نيزار صاحب ۽ ادي شاهه وڏي شان مان سان ڪرائي. هنن جي گهران رخصتي ٿي. ڪنول کي پنهنجي نياڻي وانگر رخصت ڪيو، جو انهن ئي هن کي پاليو هو. نيزار صاحب جيڪو وچن مرحوم سليم سان، هن جي زندگي جي آخري گهڙين ۾ ڪيو هو، اُنکي واقعي نڀايو هو.
اسان جي چوٿون نمبر ڀيڻ، حميده بيگم هُئي، جيڪا سنهڙي ڊگهي سُهڻي ڇوڪري هُئي، ان جي لاءِ ڊاڪٽر اقبال جو رشتو آيو. ڊاڪٽر اقبال خوبصورت، خوشحال خاندان جو نوجوان هو، رشتو تمام مناسب هو، ان ڪري جلدي ان جي شادي ٿي، ٻه ٻار ٿيا، هڪ پُٽ هڪ نياڻي، تمام خوشگوار زندگي گذارڻ لڳا... ان کان پوءِ اسان جي پنجون نمبر ڀيڻ نيوين جيڪا تمام سادي،ٻالي بولي، گهٽ ڳالهائو ڇوڪري هُئي، ان جو رشتو هڪ بزنس مين، شوڪت علي خواجه سان ٿيو، انهن کي ٻه پُٽڙا ۽ هڪ نياڻي ٿي، اسان جي ڇهون نمبر ڀيڻ، سڀني ڀينرن ۾ ننڍي پر سڀني کان وڌيڪ خوبصورت هُئي، فرزانه، جيڪا بابا جي دادلي ۽ سڀني کي تمام پياري هُئي، اُن انٽر سائنس ۾ ڪئي، ميڊيڪل ۾ داخلا به ملي وئي هُئي، اُن جي لاءِ رشتو آيو، بزنس مين ڀيڻيويو شوڪت جو ننڍو ڀاءُ، ڊاڪٽر نوشاد علي جو، ڊاڪٽر نوشاد علي ظاهري طور خوبصورت ڪو نه هو، سانوري رنگ جو قبول صورت نوجوان هو، اُن جي مقابلي ۾ اسان جي ڀيڻ فرزانه بيحد حسين و جميل ڇوڪري هُئي، ڊاڪٽر نوشاد علي ظاهري طور ايترو خوبصورت نه هو پر باطني طرح سان وري ايترو ئي خوبصورت خيالن ۽ بهترين طبيعت جو نوجوان هو، اسان جي سڀني ڀينرن جا رشته مائٽن طئي ڪيا هُئا، ارينج ميرج ٿيندي رهي آهي پر ان لاءِ به ڇوڪرين جي راءِ ۽ انهن جي رضامندي به ضرور ورتي آهي. فرزانه جيڪا سڄي خاندان مان ماڊرن ۽ فيشن ايبل رهي آهي، ان کان جڏهين هن رشتي جي لاءِ پُڇيو ويو ته اُن به مائٽن جي مرضي کي اوليت ڏني. انهن جي شادي ٿي، ٻه پٽڙا اٿن، هڪ ڊاڪٽر ۽ ٻيو انجنيئر آهي، ٻئي آمريڪا ۾ اعليٰ تعليم پيا حاصل ڪن، هنن به خوشگوار مثالي زندگي گذاري آهي.
اهڙي طرح اسان جا ڇهه ڀيڻويا هُئا، جن مان ٻه انجنيئر، ٻه ڊاڪٽر، ٻه بزنس مين هُئا، هيراآباد واري اسان جي اباڻي جاءِ تي، ڇنڇر ۽ آچر تي سڀ ڀائر ۽ ڀينرون، انهن جا ٻار گڏ ٿيندا هُئا، ميلو لڳندو هو، وڏي کُليل اڱڻ ۾، ڪُرسين، کٽن ۽ صندل تي سڀ مرد ڪچهري ڪندا هُئا، اندر ورانڊي ۽ ڪمرن ۾ جهولن ۾ سڀ ڀينرون ۽ امان رهاڻ رچائينديون هيون، ٻارن جو گوڙ ۽ راند به پئي هلندي هُئي، پوءِ وري جڏهين بابا مبارڪ ڪالوني ۾ بنگلو ورتو، ته وري اُتي به محفلون ٿيڻ لڳيون. ابتدا ۾ اسان سڀني ڀينرن ۽ ڀائرن جو پاڻ ۾ پيار ۽ قرب رهيو، اسان ڀائرن سان، ڀينرن جو پيار ايستائين رهيو، جيستائين اسين ڪنوارا هُئاسين، اسان جي سماج جي اها پِٽَ آهي، ڪيترو به پڙهيو لکيو خاندان هُجي، پر سَسُ نُنهن، نڻان، ڀاڄائي جو جهيڙو ضرور ٿيندو اسان ساڻ به ائين ٿيو، اول مُنهنجي شادي ٿي، ته صرف هڪ سال ۾ گهر مان مُنهنجا ٽپڙ گول ٿيا، پوءِ مُنهنجي ننڍي ڀاءُ حَسن جي شادي ٿي، ته اُن سان به ساڳي ڪار ٿي... اهو ته ٿيو اسان ڀائرن سان، پر اسان جي ڇهن ئي ڀينرن جو پاڻ۾ پيار ۽ اتحاد مثالي هو سڀ ڄڻيون گڏجي هر ڪم ڪنديون هيون، گُهمڻ ڦرڻ جا پروگرام به گڏجي ٺاهينديون هيون، ميلن، درگاهن تي شادين مُرادين ۾ سڀ گڏ، ساٿ ۾ هونديون هيون، برادري جا ماڻهون، اسان جي ڀينرن جي ٻڌي ۽ قُرب جا مثال ڏيندا هُئا...
اهو سلسلو جيستائين بابا حيات هو، قائم رهيو، بابا جي وفات کان پوءِ ڪجهه اهڙا حالات پيدا ٿيا، اهڙا واقعات ٿيا، رنجشون ٿيون، ناراضگيون وڌيون، جو ڄڻ ته بند مُٺ کُلي وئي، اتحاد ٽُٽي پيو، سڀ ڇڙوڇڙ ٿي ويا، امان حيات هُئي، امان لاءِ اها صورتحال ڏاڍي گنڀير هُئي. امان بيمار ٿي پئي. امان کي جڏهين ڪو صدمو رسندو هو ته هڪدم ان کي موشن ۽ معده ۾ سور پوندو هو. هن واقعي جو تمام گهڻو اثر ورتو، اصل بستري داخل ٿي وئي، مون کي خبر پئي ته مان ويس، منصور به آيو، پر امان کي ملندڙ مسلسل ڏکن ڊاهي وڌو هو، امان روئندي رهي ۽ چوندي رهي ته قُربان علي تو ته مون کي سُک ڏنا، تون هليو وئين ته مون کان هي سڀ ڏٺو ۽ سٺو نٿو ٿئي، مون کي به پاڻ وٽ سڏائي وٺ، تون ته هليو وئين، مون کي اڪيلو ڪري وئين، بهرحال، امان جو درد اسان کان به ڏٺو نه پيو ٿئي، گهڻو ئي امان کي ڀاڪر پائي پيار ڪري سمجهايوسين ته امان اسان سڀ تو ساڻ گڏ آهيون، اسان سڀن جو پاڻ ۾ پيار آهي، اُن جو فڪر نه ڪر، سڀ ٺيڪ ٿي ويندو... پر افسوس جو ڪُجهه به ٺيڪ نه ٿيو، مسلسل درد و غم، ڏکن جي زخمن نيٺ امان جي اندر ۾ کاٽ هڻڻ شروع ڪيو. جوان پُٽ ڇوٽو جو موت، وري نوجوان ناٺي سليم جو انتقال، بابا جي وفات ۽ هاڻ هي گهريلو نااتفاقي امان کي ڊاهي وڌو هو... امان جو پنهنجو گهر، سڄو ڀريل تُريل وڏي اي ڪلاس جو بنگلو، جنهن ۾ نفيس قسم جو فرنيچر، تمام قيمتي سامان جيڪو امان سڄي زندگي ۾ گڏ ڪيو هو، بابا طرفان مليل اهوبنگلو جنهن ۾ منصور اسان جو ڀاءُ امان سان رهندو هو،
بهرحال اسان جي پياري امان، جنهن زندگي جو وڏو حصو سُکن ۾ گذاريو هو، هاڻ آخر ۾ مليل ڏُکن نيٺ هن کي بيمار ڪري ڇڏيو. امان بيمار ٿي ته مان روزانو ويندو هُئس، پر امان جي طبيعت وڌيڪ خراب ٿيڻ لڳي ته مان سڄو مهينو امان وٽ اچي رهي پيس، منصور ۽ مان امان کي ڪراچي وٺي وياسين، وڏن ڊاڪٽرن کي ڏيکاريو، آغا خان هاسپيٽل جي ماهر ڊاڪٽرن کي ڏيکاريو، اُنهن تمام ٽيسٽون ڪرايون، ايم آر آئي، سٽي اسڪين وغيره تقريبن اسي هزار رپين جون ٽيسٽون ڪڍائي ڊاڪٽر کي ڏيکاريون، ڊاڪٽرن جي پوري ٽيم امان کي چيڪ ڪيو، تمام غور سان سڀ رپورٽون ڏٺيون ۽ پوءِ ڊاڪٽر اسان ٻنهي ڀائرن کي آفيس ۾ سڏائي جيڪو ڪُجهه اسان کي ٻُڌايو، اُن اسان جا پير ڪڍي ڇڏيا، اسان کي وائڙو ڪري ڇڏيو، حيران ۽ پريشان ڪري ڇڏيو، ڊاڪٽر ٻُڌايو، بلڪه اطلاع ڏنو ته توهان جي امان هاڻ توهان وٽ صرف ڏيڍ مهيني جي مهمان آهي... هان! اسان ٻنهي ڀائرن جا وات ڦاٽي ويا، ڊاڪٽر صاحب هي توهان ڇا پيا چئو! ڊاڪٽر چيو افسوس جو اها حقيقت آهي اسان چيو، نه ڊاڪٽر ائين ڪيئن ٿو ٿي سگهي، ڪا غلطي ٿي آهي. رپورٽ غلط ٿي سگهي ٿي، اسان جي امان ته بظاهر بلڪل صحتمند آهي، صرف پيٽ ۾ ٿورو سور ٿو پوي، ٻيو ته ڪُجهه به ڪونهي، امان جي صحت ۽ چهرو ڏسو، اڇي ڳاڙهي لڳي پئي. هلي چلي پئي، بظاهر ته هوءِ بيمار نه پئي لڳي، ڪمزور به ڪونهي، ڊاڪٽر صاحب ڪا غلط فهمي ٿي آهي، توهان وري واپس کان ٽيسٽون ڪرايو، چڱي طرح چيڪ ڪريو، بس پيٽ ۾ ٿورو سور ٿو پوي، اها ته ڪا ايڏي وڏي بيماري ڪونهي جو امان صرف چند هفتن جي مهمان آ، پليز ڊاڪٽر صاحب توهان ٻين ڊاڪٽرن سان مشورو ڪريو، اسان ٻئي ڀائر ڊاڪٽر کي منٿون ڪندا رهياسين، پر ڊاڪٽر اسان کي خاموش ڪرائي چيو ته پُرسڪون ٿيو، حقيقت اها آهي ته توهان جي امان کي مادي جي اُها خطرناڪ ڪينسر آهي، جيڪا هزارن مان ڪنهن هڪ ماڻهو کي ٿيندي آهي، ان جي خبر تڏهين پوندي آهي، جڏهين اها سڄي مادي تي پکڙجي اُنکي جهڪڙي ڇڏيندي آهي، تڏهين مريض کي اول هلڪو سُور محسوس ٿيندو آهي ۽ پوءِ تيزي سان اهو سُور وڌندو آهي ۽ مهيني ڏيڍ ۾ مريض ختم ٿي ويندو آهي، اها واحد ڪينسر آهي، معده جي، جڏهن ٿيندي آهي ته مريض کي خبر ئي ڪو نه پوندي آهي، ڪو به سُور يا تڪليف محسوس نه ٿيندي آهي، جڏهين مڪمل معده مٿان ڇانئجي ويندي آهي، پوءِ معده اندر کاڌي پيتي جي نالين منجهه پُهچندي آهي، تڏهين مريض کي کائڻ پيئڻ کان پوءِ ٿورو سور محسوس ٿيندو، مريض بظاهر بلڪل ٺيڪ صحت مند نظر ايندو، هلندو چلندو رهندو، پر پوءِ جڏهين معمولي درد شروع ٿيندو، هر ڏينهن وڌنڌو ويندو، پنڌرهن ويهن ڏينهن کان پوءِ اهو شدت اختيار ڪندو، ناقابل برداشت ٿيندو ويندو، اسان مريض کي اُن سُور ۽ تڪليف کان بچائڻ لاءِ پين ڪلر ڏيندا آهيون، جنهن جو پاور هر روز وڌائڻو پوندو، آخري هفتي ۾ مارفين ڏيڻي پوندي آهي، جنهن سان مريض غنودگي ۾ هليو ويندو، هن جو جسم سُن ٿي ويندو، سُور جو احساس ڪو نه ٿيندو. اسان چيو هن جو ڪو علاج هوندو، آپريشن وغيره هتي نه ته ٻاهر ڪنهن ملڪ ۾ علاج ته هاڻ ڪينسر جو به ٿئي پيو. ڊاڪٽر چيو، مون توهان کي ٻُڌايو ته، هي واحد ڪينسر آهي، جنهن جي خبر اُن وقت پوندي جڏهين لا علاج حد تي پهچندي آهي. هن جو علاج دنيا ۾ ڪٿي به ناهي توهان پنهنجي تسلي لاءِ هي فائيل آمريڪا موڪلي اُتي جي ڊاڪٽرن کان راءِ وٺو. اسان کي اڃان به يقين نه پيو ٿئي، پوءِ ادا منصور اهو فائيل آمريڪا موڪليو، جتي ڊاڪٽرن جي بورڊ اُها ساڳي ڳالهه ڪئي ته هن جو ڪو به علاج ڪونهي، اسان امان کي هاسپيٽل ۾ داخل ڪيو، امان بظاهر ٺيڪ هُئي، امان کي اها ڳالهه ڪو نه ٻُڌائي، مان مسلسل امان سان گڏ هُئس، مونکي جام دُعائون پئي ڏيندي هُئي، اسپتال طرفان امان لاءِ نرم غذا رٻ وغيره ڏيندا هُئا، ته پاڻ ٻه چار چمچا مشڪل سان کائيندي هُئي، باقي زوري مون کي کارائيندي هُئي، چوندي هُئي، هيءِ مُئي الاهي ڪهڙي نُگري بيماري مون کي ٿي آهي، جيڪا جان نٿي ڇڏي، امان سڀني ٻارن کي دعائون ڏيندي رهندي هُئي، جيئن ڊاڪٽرن چيو هو بلڪل ائين هر روز امان جي طبيعت وڌيڪ خراب ٿيندي وئي. هاڻ ڪجهه به کائي نه پئي سگهي، پاڻي جا ٻه ٽي چمچا پيئاريندو هُئس ته اهي به ڏُکيا لڳندا هُئا، ڊرپ هر وقت لڳل هوندي هُئي، سُور وڌي وڃڻ جي دانهن ڪندي هُئي ته ڊاڪٽر پين ڪلر جو ڊوز وڌائيندا رهيا. ڪيئي سالن کان امان سُئي انجيڪشن هميشه مونکان ئي لڳرائيندي هُئي، چوندي هُئي گُلا ن جو هٿ هلڪو آهي. اسان لاءِ اها صورتحال ڏاڍي تڪليف داه هُئي ، امان کي لمحه به لمحه موت طرف ويندي ڏسندا رهياسين، هاڻ اڪثر غنودگي ۾ هُئي، هڪ مهينو ڪراچي آغا خان رهياسين، هاڻ مارفيا لڳڻ شروع ٿي هُئي، ڊاڪٽرن چيو هاڻ حيدرآباد گهر تي رکو، ٻيو ته ڪو علاج ڪونهي، بس اها ڊرپ ۽ مارفين اُتي ڏيندا رهو، حيدرآباد جي آغا خان هاسپيٽل ۾ کڻي آياسين، امان تقريبن بيهوش هُئي، صورتحال بلڪل اُها ئي هُئي، جيئن ڊاڪٽرن چيو هو، آخري هفتو هر روز دل جي رفتار گهٽجندي وئي، ڀينرون مسلسل قُرآن خواني ڪنديون رهيون. ڊاڪٽرن جيڪو ڏيڍ مهينو چيو هو، انکان هڪ ڏينهن پهرين امان وفات ڪئي ۽ اسان جي مٿان پناهه واري ڇت ڪري پئي، اسان کي ڏُک اهو هو ته امان آخري وقت رنجهه و غم ۾ رهي، امان جي وفات کان پوءِ تڏي تي جيڪي ماڻهو آيا هُئا، اُنهن ۾ ڪيئي غريب لاچار بيواهه عورتون به هيون، جيڪي ائين پيون روئن، ائين پيون ماتم ڪن جهڙوڪر انهن جي سڳي ماءُ وفات ڪري وئي آهي. انهن عورتن جيڪي ڳالهيون اسان کي اچي ٻُڌايون اسان کي به حيران ڪري ڇڏيو. امان جي زندگي جي هن پهلوءِ جي خبر پهريون ڀيرو پئي، هر غريب لاچار ۽ بيواهه عورت پنهنجا پنهنجا ڏک سور پئي ٻُڌائي ته ڪهڙين مشڪل گهڙين ، هن سخي عورت ڪيئن هنن جون مددون ڪندي هُئي. ڪيئي سالن کان مجبور ۽ لاچار عورتن کي باقاعده راشن وٺي ڏيندي هُئي، هر مهيني اُنهن کي خرچ ڏيندي هُئي، ڪيترين غريب ننڌڻڪين نياڻين جون شاديون ڪرايون هيون، ڪيترين بزرگ عورتن جا علاج ڪرايا، ڪن جي اکين جا آپريشن ڪرايا، ڪيترين بيواهه عورتن جي نياڻين ۽ ٻارن جي پڙهائي جا خرچ ڏيندي هُئي، چوندا آهن ته خيرات اهڙي طرح خاموشي سان ڪجي، جو هڪ هٿ سان ڏجي ته ٻي هٿ کي به خبر نه پوي. امان اهڙو ئي مثال قائم ڪيو هو. اسان گهر وارن کي به خبر نه هُئي ته هيترين غريب عورتن جي سار سنڀال لهندي هُئي، جڏهين وفات کان پوءِ تڏي تي انهن عورتن اچي جنهن طرح ڏُک جو اظهار ڪيو، جنهن نموني پيون روئن ۽ امان کي دعائون ڏين، ۽ چون پيون ته هي عورت فرشتو هئي، بهشتي عورت هُئي، هن ڪيئن مشڪل حالتن ۾ هنن جون مددون ڪيون، هن جي ڌر تان ڪڏهين به ڪو سوالي خالي نه ويو، ڪيئن ڏکويلن جا ڏُک سور ونڊيندي هُئي، گذريل مهيني تائين مهيني جا خرچ ڏئي پوءِ بيمار ٿي ڪراچي هلي هُئي، هو چون پيون ته هاڻ ڪير اسان جي مدد ڪندو، ڪيئن اسان جا ٻچا پلجندا. سان سڀ اُنهن جون ڳالهيون ٻُڌي حيران ٿياسين، اسان مان ڪنهن کي به خبر ڪا نه هُئي، امان جي هن سخاوت جي...
بهرحال، امان جي وفات سان اسان جي خاندان جو ڪِلو به اُکڙي ويو. ۽ ڇت ڪري پيئي، اسان جو مضبوط مرڪز بابا ۽ امان هُئا. بابا کان پوءِ مرڪز امان هُئي، جنهن سان وري به جُڙيل رهياسين جتي ماءُ جهڙي مٺي ماکيءِ جو مانارو هو، جتي وري به اسان سڀ ڀائر ڀينر اچي مڙندا هُئاسين، اُهي بابا واري دور وارا ميڙا ۽ محفلون ته ڪو نه رهيا، پر امان جو وجود وري به سڀني کي ڇڪيندو هو. هاڻ اهو مرڪز اُهو ڪِلو به اُکڙي ويو، اهو ماکيءِ جو مانارو به ڪِري پيو ته سڀ ڪڻو ڪڻو ٿي ويا. اڌ صدي تائين قائم رهندڙ آشيانو ڊهي پيو، هاڻ سڀڪو پنهنجي مُنهن هو، هر ڪنهن پنهنجو ڪِلو جُدا کوڙيو هو، هر ڀاءُ ۽ ڀيڻ جا پنهنجا ٻار ٻچا وڏا ٿيا، ته هر ڪنهن پنهنجو مرڪز ٺاهيو. اهو ئي فطرت جو نظام آهي، گهر ٺهن ٿا، خاندان وجود ۾ اچن ٿا، مرڪز ۽ قلعه قائم ٿين ٿا، ميڙا مچن ٿا ۽ وري وقت سان گڏ سڀ وکرن ٿا، هڪ خاندان مان ڪيئي خاندان ٿين ٿا، اهو سلسلو ائين ئي هلي ٿو. لطيف سائين جي لفظن ۾:
”ڪڻا منجهه قرار هئا، هيڪاندا سنڱ سين،
ڳاهي ڳاهه فراق جا ڪيا ڌارئون ڌار،
نه ڄاڻان ٻيهار ڪير ملندو ڪنهن سين“
اسان جي اباڻي مرڪز مان اسان ٽي ڀائر ۽ ڇهه ڀينرون هئاسين، نوَ (9) ڄڻا ۽ پوءِ نَوَ نوان مرڪز قائم ٿيا، هڪ ڪِلو، هڪ مرڪز اسان جو به جُهڙيو، مُنهنجو ننڍڙو خاندان، مان مُنهنجي شريڪ حيات رضيه، ۽ چار ٻار، اول ٻه نياڻيون، سنڌو ۽ سَدوري (جنهن کي جيما چوندا آهن) ۽ پوءِ ٻه فرزند سارنگ ۽ ساجن... اصل ۾ مون ۽ رضيه تڪليفون ۽ پريشانيون ٻه جام سٺيون هميشه غُربت ۽ تنگ دستي ۾ ئي گُذاريو. عام طور تي ڏٺو ويو آهي ته، خاندان جو وڏو فرزند ئي گهڻي عزت، مان ۽ مرتبو ماڻيندو آهي. وڏو پهريون پُٽ دادلو ۽ پيارو هوندو آهي، اهو گهڻي توجهه ۽ مُحبت سان گڏ مال ۽ ملڪيت به وڌيڪ ماڻيندو آهي، اهڙا ڪئي مثال ڏٺا آهن. ائين به ٿيو آهي جو وڏو دادلو پُٽ بگهڙي به ويندو آهي. عياشين ۽ بُرائين ۾ مال ملڪيت به وڃائي ويهندو آهي. بهرحال مان ڳالهه پيو ڪريان پنهنجي. مان به وڏو فرزند هُئس پر مون کي اهڙي ڪا به يادگيري ڪونهي، جنهن ۾ مون کي ڪا خاص توجهه يا اهميت ملي هُجي، اصل ۾ جڏهين کان سمجهه ڀريا ٿياسين، ته بابا کان هميشه اهو ئي ٻُڌوسين ته نياڻيون اول آهن، ڌيئر وڌيڪ پياريون ۽ اولين توجهه جون مستحق آهن، اُنهن کي ئي گهڻو پيار ۽ اهميت ملندي هُئي، اسان ٻارن جو پاڻ ۾ ڪو جهيڙو يا مسئلو ٿيندو هو ته بابا اسان جو ڏوهه نه هوندي به اسان ڇوڪرن کي ئي ڏوهاري چئي ڌڙڪا ڏيندو هو، ڇوڪرين جو بدلو کڻندو هو، بهرحال اهو سلسلو ايئن ئي هليو، وڏا ٿياسين، شاديون ٿيڻ شروع ٿيون، مُنهنجي شادي به بابا ۽ امان پنهنجي مرضيءَ سان ڪرائي، امان جي خواهش هُئي ته سندس غريب ڀيڻ جي سُلڇڻي ۽ گهريلو ڌيءَ کي پنهنجي نُنهن بنائي، هن گهر ۾ آڻي، پنهنجي هوندي ته هنن جي به خدمت ڪندي ۽ پنهنجي اچي خوشيون ماڻي، ڌاري نه. ٽيو خيال امان جو اهو هو ته، هنجي غريب ڀيڻ جيڪا تلهار ۾ هُئي، ان جي لاءِ مان هميشه لاءِ سهارو بنجي وينديس، اگهائي سگهائي يا ڏُکئي ويل ڪم ايندين، خير مڱڻي کان پوءِ بابا ۽ امان رضيه کي تمام گهڻو ڀائيندا هُئا، چار سال مڱڻي هلي، هر مهيني بابا يا امان تلهار ويندا هئا ته رضيه کي سون جا سِڪا، گنيون تحفي ۾ ڏئي ايندا هُئا، مطلب ته سندن مرضي مطابق رشتو ٿيو هو، ۽ پوءِ شادي به ڌام ڌوم سان ڪرائي وٺي آيا. رضيه ته اڳ ئي سُلڇڻي ۽ گهريلو ڇوڪري هُئي، هن ايندي شرط سڄي گهر جو انتظام سنڀالي ورتو، رڌپچاءُ رضيه ڪندي هُئي، اسان جو وڏو خاندان هو، ٻن ڀينرن جي شادي ٿيل هُئي اڪثر مهمان به هوندا هُئا، وڏي ڀيڻ شاهه سُلطانه ۽ نيزار صاحب جي پوسٽنگ اڪثر ٻاهر هوندي هُئي، اُتي سرڪاري رهائش به ملندي هُئي، پر هي هر هفتي ۾ ٻه ٽي ڏينهن حيدرآباد ۾ اسان جي گهر رهندا هُئا، ادي وڏي ۽ ٻار ته اڪثر اسان وٽ رهندا هُئا، رضيه روزانو ٻوڙ ڀاڄي ۽ ڍڳ مانين جا پچائيندي هُئي، رضيه کي شادي جي ٻي مهيني ڏينهن چڙهيا، چار پنج مهينن کان پوءِ سخت گرمي ۾ به ڪوئلن ۽ پرائمس جي باهه تي، وڏي پيٽ سان به ڍڳ مانين جا پچائڻ ٻه ٽي ٻوڙ رڌڻ هن جي ڊيوٽي هوندي هُئي، حالانڪه منهنجون ڀينرون به هُيون، پر تمام گهٽ هٿ ونڊائينديون هيون. صرف ڀيڻ حميده هن جي مدد ڪندي هُئي. اسان جي سماجي مرضن ۾ سڀ کان وڏو، پڪو ۽ پختو مرض آهي، نڻان ڀاڄائي ۽ سَسُ ۽ نُنهن جي اڻڀڻت نُنهن يا ڀاڄائي ڪيتري به سُٺي ڇو نه هُجي، پر ان جي ڪم مان ڪيئان ڪڍڻ، اَنجيون خاميون يا ڪمزوريون جهلڻ ۽ ان تي تبصرا ۽ طنزون ڪرڻ ضروري هوندو آهي. رضيه ويچاري جيڪا غريب گهر جي هُئي، دل و جان سان سڀ ڪم ڪندي هُئي، تڏهين به پئي ڊڄندي هُئي ته ڪا ڪمي نه رهجي وڃي، ڪا شڪايت هرگز نه ٿئي، پر تڏهين به، هن کي شاباس ڏيڻ بجاءِ ان مان خاميون نڪرنديون هيون... اسان جي گهر ۾ صرف مُنهنجو ۽ رضيه جو ڪمرو ئي هو جيڪو جُدا، پاسيرو هو، باقي ڪمرن ۾ سڀ ڀينرون ۽ ٻيا موجود رهندا هُئا، پوءِ اڪثر نيزار صاحب ۽ ادي شاهه اسان واري ڪمري کي استعمال ڪندا هُئا، يا نيزار صاحب جا مهمان يا آفيسر هن سان ملڻ ايندا هئا ته انهن کي به اسان واري ڪمري ۾ ويهاريندو هو، پوءِ رضيه ويچاري ڏينهن جو ڪاڙهي جهل ۾ به ٻاهر پئي دربدر ٿيندي هُئي، مان ته اڪثر ٻنين تي يا ٻاهر هوندو هُئس پر مان ايندو هُئس ته مونکي به ٻاهر ويهي انتظار ڪرڻو پوندو هو پر اسان ڪڏهين به شڪايت ڪا نه ڪئي. پر تڏهين به اسان کي گهر مان نيڪالي جي سازش شروع ٿي وئي، رضيه جي خلاف به امان بابا جي سوچ کي متاثر ڪيو ويو. رضيه ۽ مان تلهار ويا هُئاسين، ٻه ڏينهن رهي واپس آياسين مون پنهنجي ڪٻٽ کي کوليو ته هر شئي اُلٽ پُلٽ ٿيل هُئي، رضيه کان پڇيو ته هن ٻُڌايو ته هن جي الماري ۽ پيتي جا سامان به سڀ هيٺ مٿي ٿيل هُئا، پاڻ جي پر پُٺ ڪمري ۽ سامان جي تلاشي ورتي وئي آهي. ڪنهن اهو ڪم ڪيو هوندو، سواءِ ٻن ڀينرن جي ٻيو ڪو نٿو ڪري سگهي، رضيه مون کي منع ڪئي ته ڪنهن کي ڪُجهه به نه چئو، خوامخواهه مسئلو کڙو ٿيندو. اسان چُپ رهياسين... پر اسان جي خلاف محاذ کڙو ٿي ويو هو.ر ضيه کي پورا مهينا هُئا، اسان جي پهرين نياڻي سنڌو ڄائي، ستين ڏينهن اُن جي ڇٺي جي رسم هُئي، سنڌو نالو مُنهنجي پياري دوست سليم ڏنو هو، پر مُنهنجي ڀينرن کي پسند ڪو نه هو، اُنهن چيو اهو به ڪو نالو آهي، هنن سُميرا نالو تجويز ڪيو، بابا به ڇوڪرين جي راءِ سان متفق هو، اڃا اهو بحث هليو پي، ته سليم گهر ۾ داخل ٿيو، هن جي هٿ ۾ ڪيڪ هو، جنهن کي ٻنهي هٿن سان کڻي جهومندو نچندو آيو، اُن کي کولي جڏهين سڀني جي اڳيان ٽيبل تي رکيو ته اُنتي ”سنڌو“ نالو سنڌ جي نقشي مٿان لکيل هو، سڀني موجود ٻارن تاڙيون وڄايون ۽ اعتراض جي گنجائش نه رهي، پر دلين ۾ اعتراض، اختلاف جي دراڙ پئجي چڪي هُئي. سنڌو اڃا صرف هڪ مهيني جي هُئي، بابا اسان کي جُدا ڪرڻ جو فيصلو ٻُڌايو، بابا چيو جلد ڇوٽو جي شادي ٿا ڪرايون، نياڻيون به پرڻبيون رشتيداري وڌي پئي. گهر ۾ سوڙائي آهي، مهمان اچن ٿا ته تڪليف ٿي ٿئي، اڳ پوءِ جُدا ته ٿيڻو پوندو آهي، ان ڪري توهان جي لاءِ جُدا گهر مسواڙ تي ورتو آهي، توهان هاڻ اُتي شفٽ ٿي رهو ۽ زمين جو تنهنجو حصو به ڏهه ايڪڙ ڏيان ٿو، هاڻ پاڻ پنهنجو گهر ۽ ڌنڌو سنڀاليو.. مون اعتراض ڪيو ته، ايترو جلدي جدا نه ڪريو، اڃا سنڌو صرف هڪ مهيني جي آهي، رضيه به نئين ماءُ ٿي آهي، اڪيلي ڪيئن ڪندي، سال ٻن کان پوءِ جدا ٿينداسين، پر نه بابا ته سڀ انتظام ڪري ڇڏيا هئا، هن هيرآباد ۾ حامد منزل ۾ ٻه فليٽ مسواڙ تي ورتا هُئا، هڪ ٻن ڪمرن وارو جنهن ۾ نور احمد رهندو، اُن سان لڳ هڪ ڪمري وارو فليٽ اسان جي لاءِ هو، نور احمد به راضي هو، بهرحال ٻن ٽن ڏينهن ۾ ٽپڙ کڻي شفٽ ٿياسين، اسان کي هن وڏي گهر مان صرف هڪ هند بسترو هڪ ديڳڙي جيڪا به پراڻي ٽُنگ واري هُئي، ٻه ٽي پليٽون ۽ بس، زمين جيڪا بابا مون کي ڏني اها سڀ کان خراب، ڪلراٺي زمين هُئي، جنهن ۾ ٻه ٽي ايڪڙن ۾ جنگ هو، باقي پنج ڇهه ايڪڙ آبادي لائق هُئا، اها زمين بلڪل پويان، پُوڇڙ ۾ هُئي، جنهن کي ڪو به رستو نه هو، پرائي زمين منجهان گذري وڃڻون پوندو هو، خير اُن وقت ته ڪم کي هلايم پر پوءِ جڏهين اُن کي وڪڻڻ چاهيم ته ڪير به وٺڻ لاءِ راضي نه ٿيو، ڇاڪاڻ ته ان کي ڪو به رستو ڪونهي... خير اسان الڳ رهڻ لڳاسين پر سنڌو جي لاءِ کير گرم ڪرڻ لاءِ نه ٿانوَ هو، نه رڌ پچاءُ لاءِ ٻيو سامان، پوءِ سليم مون کي ٻه سئو رپيا اُدهار ڏنا ۽ اُن سان گڏجي قلعي تان ديڳڙا ، ويلڻ پاٽيا ۽ تئو وغيره وٺي آياسين، گاسليٽ جو چَلو به آندو، تڏهين ماني ٺهي. مان ابتدا ۾ مُشڪل دورن ۾ پنهنجي پڙهائي ڇڏي محنت مزدوري ڪندو هُئس، هميشه هنن جي ڪم آيس، پر جڏهين سٺو وقت آيو ته مونکي ڌڪي ڌار ڪيو ويو. اسان جي ڪُل زمين سٺ ايڪڙ هُئي، پر مون کي صرف ڏهه ايڪڙ ڏنائون، اها به خراب ڪلراٺي زمين، جيڪا اڌ ته غير آباد هُئي، بهرحال پوءِ ادا نور احمد سان گڏجي ٽائيم فوٽوز کوليو، زال جا زيور وڪڻي، گروي رکي اسٽوڊيو کوليو، جنهن ۾ به ابتدا ۾ ٻه ٽي سال ته رڳو نقصان ٿيو، ۽ پوءِ سخت محنتون ڪري جڏهين اسٽوڊيو کي ڪاميابي جي رستي تي آندو ۽ هاڻ جڏهين ڪجهه ڪمائڻ جو وقت آيو ته ادا نور احمد جي اعتراض تي، امان ۽ بابا زوري مونکي اسٽوڊيو ڇڏڻ تي مجبور ڪيو. وري به مون بزرگن جو چوڻ مڃيو، حالانڪه اسٽوڊيو کي ٺاهڻ ۽ ڄمائڻ ۾ مُنهنجي محنت ۽ جدوجهد وڌيڪ هُئي، پر مون امان بابا کي مان ڏنو، ٽائيم فوٽوز کي ڇڏي، وري واپس کان محنت ۽ جدوجهد ڪري سارنگ فوٽوز کي ٺاهيم... ان دوران اسان جي ٻي نياڻي جيما ڄائي ۽ پوءِ جڏهين سارنگ فوٽوز کوليم ته سارنگ ڄائو، تڏهين اسان حامد منزل کي ڇڏي، ٽنڊي ولي محمد ۾ حيدر منزل ۾ اچي رهياسين، پر ڏک جي ڳالهه اُها هُئي جو اسان جي گهر منهنجا ماءُ پيءَ ۽ ڀاءُ ڀينرن مان ڪير به ڪو نه ايندو هو، صرف منهنجو ڀاءُ ڇوٽو ايندو هو ۽ بس، امان بابا ڪڏهين به پُٽ جي گهر ڪو نه آيا.مان بيمار ٿيندو هُئس يا بار تڏهين به ڪير پڇڻ ڪو نه ايندو هو، ان حد تائين جو مُنهنجين معصوم ڀينرن جي ذهن ۾ به اسان جي خلاف زهر ڀريو ويو، جو ڪٿي ملندا هُئا، يا مان مهيني ڏيڍ امان جي سِڪ ۾ گهر ويندو هُئس ته ڪير به سڌي منهن ڪو نه ڳالهائيندو هو. مان هميشه امان جي پيار لاءِ بي اختيار ڇڪجي ويندو هُئس، بابا ۽ امان جي پيرن تي هٿ رکي هُنن کان ڪرده ناڪرداه غلطين جي معافي طلب ڪندو هُئس، امان ڀاڪر پائي چمي ڏيندي هُئي ۽ ويهڻ لاءِ چوندي، چانهه پياريندي هُئي، آخر ۾ دروازي تائين، دعائون به ڏيندي هُئي، باقي ننڍو ڀاءُ منصور ۽ ڀينرون ته سامهون ڪو نه ايندا هُئا، نه ڳالهائيندا هُئا، منهنجن گهر وارن کي مونکان به وڌيڪ نفرت مُنهنجي زال رضيه سان هوندي هُئي، حالانڪه بابا ۽ امان شروع ۾ هن کي ڪيڏو ڀائيندا هُئا، جڏهين مُنهنجن مائٽن اسان کي ڇڏي مڪمل بائيڪاٽ ڪيو هو. تڏهين مُنهنجا ساهُرا اسان کي ڪم آيا، مُنهنجي سَسُ ماسي امينا پاڻ اچي اسان وٽ رهندي هُئي، جڏهين ٻار ڄمندا هُئا ته اُها ۽ منهنجيون ننڍيون ساليون اچي رضيه جي مدد ڪنديون هيون. ماشا الله مُنهنجون ڇهه ساليون هيون، هر وقت ڪا نه ڪا اسان وٽ هوندي هئي. هڪ جي شادي ٿيندي هُئي ته وري ٻي ايندي هُئي، ٻار جي پئدائش تي ماسي پاڻ اچي ڪئي مهينا اسان وٽ رهندي هُئي، مون سارنگ فوٽو کوليو ته مان اڪيلو هُئس، ته منهنجو وڏو سالو سڪندر اچي مون وٽ رهيو ۽ ڪئي سالن تائين فوٽو گرافي جو دڪان سنڀالڻ ۾ مُنهنجي مدد ڪئي، ڀٽو کي ڦاسي آئي، شهر ۾ ڪرفيو لڳا ته مُنهنجو سُهرو ويچارو تلهار مان ان اٽو، سبزيون ۽ گوشت کڻي ايندو ۽ فتح چوڪ تي اچي بيهندو هو، جيئن ڪرفيو کُلندو هو، رڪشه ۾ سامان کڻي ايندو هو اسان جي گهر ۾ ۽ پوءِ وري ٻي ڏينهن ويندو هو واپس. مطلب ته اسان کي منهنجا ساهرا ڏاڍو ڪم آيا، باقي مائٽن ته ڌڪي ڌار ڪيو هو، اُهو به بغير ڪنهن ڏوهه گناهه جي، مُنهنجي ننڍي سالي روزينه ته پلجي وڏي اسان وٽ ٿي، مُنهنجي نياڻين وانگر هُئي، ڪيترا ماڻهو هن کي مُنهنجي ڌيءَ سمجهندا هُئا، اها وڏي ٿي ته هنجو مڱڻو ۽ شادي به اسان ڪرائي پنهنجي نياڻين وانگر پرڻائي رخصت ڪيو. سارنگ اسٽوڊيو تي به مان زياده تر وقت پارٽي جي ڪمن ۾ ڏيندو هئس، تنظيمي گڏجاڻيون اسٽوڊيو تي ٿينديون هيون، پارٽي فنڪشن ۽ پروگرام جتي به ٿيندا هُئا، مان فوٽو گرافي ڪندو هُئس، پوءِ ظاهر آهي ته پئسا ڪو نه ملندا هُئا، هارين مزدورن، شاگردن وٽ پئسا ته هوندا ڪو نه هئا، پروگرام لاءِ چندو ۽ فنڊ به اسان ڏيندا هُئاسين، ته فوٽوئن جا پئسا هوندا ئي ڪو نه هُئا، اهڙِ طرح مون اسٽوڊيو مان بلڪل ڪو نه ڪمايو بس گذر سفر به غريباڻو، ڪجهه زمين مان ڪجهه دڪان تان ٿيندو هو، پارٽي دوست ۽ ساٿي ايندا هُئا ته انهن کي به ماني ٽڪي کارائيندو هئس مُنهنجو گهر به مسواڙ تي هو. پوءِ جڏهين مبارڪ ڪالوني ٺهي رهي هُئي، مُنهنجن مائٽن اُتي بنگلا بُڪ ڪرايا، سڀني ڀينرن بنگلا بُڪ ڪرايا، مون وٽ پئسا ڪو نه هُئا، مان ماٺ ڪري ويٺو هُئس ته هڪ ڏينهن امان مون کي نياپو ڪري سڏايو، مان ويس ته هن بابا ۽ ڀينرن کان لڪي مون کي پنڌرهن هزار رپيا رمال ۾ ويڙهي ڏنا ته تون بنگلو نه ته فليٽ وڃي بُڪ ڪرائي، ۽ مون وڃي پنڌرهن هزار ايڊوانس ڏئي هڪ فليٽ بُڪ ڪرايو، جنهن جي قسط به ڪجهه مان ته ڪجهه امان ڏيندي هُئي، 1984ع ۾ اسان جو ٻيو فرزند ساجن ڄائو، 1992ع ۾ سارنگ اسٽوڊيو جي مالڪ مڪان دڪان خالي ڪرڻ جو ڪيس ڪيو، هو مال دار ۽ هلندي پڄندي وارو هو ۽ مان غريب ماڻهو، مُنهنجو وڪيل به مون جهڙو ابرو مڙس هو، ڪيس جڏهين فيصلي جي قريب آيو ته جج جو جيڪو سرشتيدار هو، اهو مُنهنجو پاڙيسري ۽ همدرد هو، سو اُن مون کي اچي ٻڌايو ته مالڪ مڪان چاليهه هزار ڏئي فيصلو پنهنجي حق ۾ ڪرائي رهيو آهي پر مون تنهنجي لاءِ صاحب سان ڳالهايو آهي، اُن کي منٿ به ڪئي اٿم، هو توکان ويهه هزار وٺي فيصلو تنهنجي حق ۾ ڪرڻ لاءِ راضي آهي، پر مون وٽ ويهه هزار ڪو نه هُئا، نتيجي ۾ مُنهنجي خلاف فيصلو ڏنو ويو، حالانڪه مون سان ناانصافي ٿي هُئي، مون کي اپيل جو حق به هو، پر حقيقت اها هُئي جو ويهه سال فوٽو گرافي ڪري، هاڻ مان به بيزار ٿي پيو هُئس، دل ڀرجي وئي هُئي، اهو ڪم به ڏاڍو ڏکيو هو، ڪڏهين ڪٿي ته ڪڏهين ڪٿي، شادين لاءِ ٻه ٻه ٽي ٽي ڏينهن پرديس ۾ ٻين شهرن يا ڳوٺن ۾ رهڻو پوندو هو، ٿاڻو بولا خان سَري، ٺٽو، بدين، يا ڳوٺن ۾ وڃي رهڻو پوندو هو، ۽ ڪئميرا کڻي ماڻهن جي پويان پيو هل، مطلب ته ڏاڍو محنت طلب ڪم هو. ۽ مان اڪيلو هُئس، مُنهنجي سالي سڪندر به شادي ڪري پنهنجو اسٽوڊيو تلهار ۾ کوليو هو، هتي مون وٽ نوڪر ڇوڪرا ڏاڍو نقصان ڪندا هُئا. مُنهنجو فرزند سارنگ جيڪو پڙهي رهيو هو، اُن کي مون چيو ته تون هن بزنس ۾ اچين ته پوءِ پاڻ وڏي پيماني تي صدر ۾ يا گُل سينٽر تي وڏو شاندار اسٽوڊيو ٺاهي ڪم ڪريون پر سارنگ چيو ته مان پڙهندس ۽ جاب ڪندس، اهو ڪم پسند ڪونهي، پوءِ مون فيصلو ڪيو اسٽوڊيو بند ڪرڻ جو، 1995ع ۾ سارنگ اسٽوڊيو ختم ڪري، اسان به لڏي مبارڪ ڪالوني ۾ پنهنجي فليٽ ۾ اچي رهياسين، ڪئمرائون مون وٽ هيون، اُتي يا شهر ۾ هلڪا پروگرام ڪندو هُئس، سنڌو نذرٿ ڪاليج ۾ پڙهندي هُئي، ته هُنجو هڪ رشتو آيو، جاويد خواجه، جنهن ڪمپيوٽر انجنيئرنگ ڪئي هُئي، خاندان به پڙهيل لکيل سٺا ماڻهو هُئا، اصل تلهار جا هُئا، سنڌو به راضي هُئي، ته مڱڻو ڪيوسين، ٻن سالن بعد جيما تي به سٺو رشتو آيو، اسماعيل خواجه بزنس مين ۽ زميندار هو ۽ خاندان به انتهائي مومن مذهبي ۽ نيڪ هو، جيما جو به مڱڻو ڪيوسين ۽ شادي به اول جيما جي ٿي ۽ سال کان پوءِ سنڌو جي شادي ڪئي سين، اهي ٻئي شاديون قرض کڻي ڪيونسين، وڏي افسوس جي ڳالهه اها ٿي جو منهنجا ماءُ پيءُ ۽ ڀينرون شادي ۾ ڪو نه شريڪ ٿيا، حالانڪه مان گهرن تي وڃي دعوت ڏئي آيو هُئس. صرف امان ۽ بابا جماعت خاني ۾ نڪاح تي آيا هُئا، اسان جي گهر ڪو نه آيا، ڇاڪاڻ ته، نيزار صاحب ادي شاهه وارا اسان کان رُٺل، ڪاوڙيل هُئا، اهي ڪو نه آيا، ته بابا امان ۽ ٻين ڀينرن هنن جو ساٿ ڏنو، اسان کي ڇڏي ڏنو. دراصل نياڻين جي شادين کان اڳ جڏهين مان ۽ رضيه گڏجي بابا ۽ امان جي گهر تي وياسين، هنن کي نياڻين جي شادين ۾ شرڪت جي دعوت ڏني سين تڏهين بابا حسب معمول اسان تي ڪاوڙيل رهيو، ۽ چيو ته اول تون ۽ تنهنجي زال ٻئي گڏجي وڃو نيزار صاحب ۽ ادي شاهه جي گهر، اُنهن کان مُعافي وٺو، انهن کي منٿون ڪريو، جي انهن توهانکي معاف ڪيو ته پوءِ اسان به شريڪ ٿينداسين ۽ واعدي مطابق توهانکي پنج لک رپيا نياڻين جي شادين جو خرچ به ڏينداسين، پر جي توهان ائين نه ڪيو، نيزار صاحب وارن معاف نه ڪيو ته پوءِ اسان به هرگز شريڪ ڪو نه ٿينداسين، مون گهڻو بابا کي سمجهايو ته اسان ڀائر ۽ ڀينر پاڻ ۾ وڙهندا ۽ پرچندا رهنداسين توهان وڏا آهيو سڀن سان هڪجهڙو رويو رکو سڀني سان پيار ڪريو، سڀني کي دعائون ڏيو، سڀني جي غم ۽ خوشي ۾ شريڪ رهو. پر بابا چيو نيزار صاحب وارن جا اسان تي وڏا ٿورا آهن، احسان آهن، اسان هنن کي ڇڏي توهان وٽ هرگز ڪو نه اينداسين.. تڏهين مون چيو بابا، مون هميشه توهان جي عزت ڪئي، هميشه توهان جو چوڻ مڃي مان رکيو آهي، توهان مُنهنجي شادي پنهنجي مرضي سان ڪرائي، مون قبول ڪيو، توهان مونکي گهر مان ڪڍيو، جدا ڪيو، مون سر تسليم خم ڪيو، توهان مون کي بيڪار زمين ۽ گهٽ حصو ڏنو مون اعتراض ڪو نه ڪيو، توهان مون کان ٽائيم فوٽوز ڇڏرايو، حالانڪه اُنتي منهنجو حق وڌيڪ هو پر مون توهان جو فيصلو مڃيو.. هاڻ وري به اسان کي بغير ڪنهن ڏوهه ۽ گناهه جي هنن جي اڳيان جهڪائڻ ٿا چاهيو. حالانڪه نيزار صاحب پنهنجي نياڻين جي شادي جي دعوت اسان کي ڪو نه ڏني، اسان شريڪ نه ٿياسين، تڏهن توهان سڀ اسان کي ڇڏي شريڪ ٿيا هُئا، اسان جي ڪري هنن کي ڪو نه ڇڏيو هو، اڄ وري به اسان کي ڇڏيو پيا، هنن جي ڪري، توهان وڏي نظر ڌاريو، سڀني ٻچن کي هڪجهڙي نظر سان ڏسو.
افسوس جو بابا جن پنهنجي وڏي فرزند کي ڇڏي ڏنو، پنهنجين سڳين پوٽين جي شادين ۾ ڪو نه شريڪ ٿيا، ڏاڏا ۽ ڏاڏي نياڻين جي مٿي تي هٿ رکي دعا به ڪا نه ڏني... اسان جي سڄي خاندان بابا وارن کي ميار ڏني، پر بابا ۽ امان جي دلين ۽ دماغن تي اهڙو ڪو غلط اثر وڌو ويو هو جو انهن کي صرف نيزار ۽ ادي شاهه جي ڳالهه ئي درست نظر ايندي هُئي، بهرحال بابا جن نه شادين ۾ شريڪ ٿيا، نه پئسا ڏنائون مجبورن اسان پريشاني ۾ قرض کنيو جيڪو شادين جي ٻن مهينن بعد واپس ڪرڻو هو، ان لاءِ مجبورن، اسان کي پنهنجو گهر، وڪڻڻو پيو، فليٽ جيڪو وڏين ڪوششن ۽ ارمانن سان ورتو هو، مس مس پنهنجو گهر ٿيو هو، اهو وڪڻي قرض ڏنوسين ۽ اسان وري مسواڙ تي وڃي رهياسين. مان آئوٽ ڊور فوٽو گرافي ڪندو رهيس، ڪُجهه زمين مان ملندو هو مڙئي غريباڻون گذر سفر ٿيندو هو، سنڌو ۽ جاويد کي ٻه پٽڙا ۽ هڪ نياڻي ٿي، جاويد تعليم کاتي ۾ ڊي او هو، اُهي خوش هُئا، جيما ۽ اسماعيل کي به ٻه پُٽ هڪ نياڻي ٿي، اهي به خوشگوار زندگي گذارڻ لڳا، سارنگ ايم اي ڪئي ته اُن جي شادي جيڪا اڳ ئي طئي هُئي، مُنهنجي مرحوم ڀاءُ حَسن جي نياڻي سورٺ سان ٿي، اهي ۽ اسان گڏ رهڻ لڳاسين، مون زمين جو ڪجهه حصو وڪڻي هڪ گهر ورتو ۽ سارنگ جي شادي ڪرائي هُئي، سارنگ کي مولا ٻه پٽڙا عطا ڪيا، وڏي پٽ جو نالو مرحوم ڀاءُ جي نالي پٺيان علي حسن رکيو، ننڍي جو نالو سُهان علي آهي. اسان جو ننڍو فرزند ساجن جنهن سنڌ يونيورسٽي مان آئي ٽي ۾ انجنيئرنگ ڪئي. ماسٽر ڪرڻ لاءِ 2007ع ۾ لنڊن ويو، 2012ع ۾ هن ماسٽرز مڪمل ڪئي ته اسان چيو هاڻ اچ ته تنهنجي شادي ڪرايون، پر ساجن جي انٽرنيٽ ذريعي آمريڪا جي شهر ميامي ۾ رهندڙ هڪ اسماعيلي خاندان جي ڇوڪري ياسمين سان دوستي ٿي، حاڪم علي اصل ۾ ڪراچي جي ڪاٺياواڙي اسماعيلي خاندان جو هو، جيڪو پنجويهه سال اڳ ٻارن سوڌو آمريڪا لڏي ويو هو، هڪ پُٽ ۽ هڪ ڌيءَ ياسمين جن جي پئدائش ڪراچي ۾ ٿي هُئي، هو چار پنجن سالن جا هئا تڏهين آمريڪا هليا ويا هُئا، پوءِ اتي ئي ٻنهي ٻارن تعليم حاصل ڪئي هئي، ٻئي اعليٰ تعليم يافته هُئا، ياسمين ريڊيالاجي ۾ ماسٽرز ۽ ڊاڪٽرپٽ ڪئي هُئي، ان جي ميامي جي وڏي ميڊيڪل ڪاليج ۾ شاندار آفيسري جاب هُئي، ان جي عمر ٽيهه سال هُئي، شادي ڪو نه ٿي هُئي، تڏهين 2013ع ۾ هنن جي انٽرنيٽ تي دوستي ٿي. ياسمين جو والد پاڪستان ۾ به اسماعيلي جماعت ۾ ليڪچرار، داعي هو، آمريڪا ۾ به اهو ئي ڪم ڪيائين ۽ ان سان گڏ واچن، گهڙين جي شاپ به هُئي، تمام شريف نيڪ ۽ مذهبي فئملي هئي، بهرحال ساجن ۽ ياسمين ڳالهائيندا هُئا، فوٽو هڪ ٻي جا ڏٺائون، ٻنهي شادي جي باري ۾ سوچڻ شروع ڪيو، ياسمين جي والد به ساجن سان فون تي ڳالهايو، انهن جو پاڻ ۾ فيصلو ٿيو ته ڇوڪرو ۽ ڇوڪري هڪ ٻين کي ڏسن ۽ ملاقات ڪن پوءِ ڳالهه اڳتي وڌائجي ساجن اسان کي به اها ڳالهه ٻڌائي پوءِ جيئن ته ساجن وٽ آمريڪا جي ويزا ڪا نه هئي ۽ هو نٿي وڃي سگهيو، ان ڪري ياسمين پنهنجي والد سان گڏ لنڊن آيا. ساجن انهن کي رسيو ڪيو، هو هوٽل تي ترسيا هي پاڻ ۾ مليا، ڳالهه ٻولهه ٿي، ٻئي ڌريون مطمئن ٿيون، چار پنج ڏينهن لنڊن ۾ رهي واپس ويا. پوءِ ساجن اسان کي چيو ته توهان حاڪم علي کي فون ڪريو ۽ رشتي جي ڳالهه ڪريو، اسان آمريڪا فون ڪيو، حاڪم علي کان سندس نياڻي جو رشتو ساجن لاءِ گُهريو، هنن راضپو ڏيکاريو، پوءِ اسان ياسمين ۽ ٻين گهر وارن سان فون تي ڳالهايو، پوءِ طئي اهو ٿيو ته هو سڀ لنڊن ايندا، اسان به اُتي اچون، ٻنهي جي مڱڻي ڪريون، پر اسان کي ويزا ڪو نه ملي، ياسمين ان جا ماءُ پيءُ لنڊن پهتا، مقرر ڏينهن تي اسان انٽرنيٽ ذريعي شريڪ رهياسين ، هڪ ٻين کي ڏٺوسين پي، ٻنهي هڪ ٻئي کي رنگ پاتيون، ڪيڪ ڪاٽيو، گلن جا هار پاتا، ۽ حاڪم علي دعا ڪرائي، اسان سڀني هڪ ٻين کي مبارڪون ڏنيون، ڳالهايوسين، ساجن جي ڀينرن ڀاءُ جي مڱڻي جا گيت ڳايا، ڪنوار سان سڀني ڳالهايو، اهڙي طرح اها مڱڻي ٿي، ٻن ٽن ڏينهن بعد ياسمين ۽ سندس ماءُ واپس آمريڪا هليا ويا، باقي حاڪم علي پاڪستان آيو، ڪراچي ۾ هن جا ٻه ڀائر آهن، اُتي آيو، پوءِ اسان وٽ حيدرآباد آيو، اسان جا ٽي ڏينهن مهمان هُئا، حاڪم علي اسان ساڻ ملي خوش ۽ مطمئن ٿيو، اسان هنن سان ملي خوش ٿياسين ۽ مطمئن پڻ ته، اسان جو سُٺن ماڻهن سان رشتو ٿيو آهي. حاڪم علي اسان ساڻ ملي تمام خوش ۽ مطمئن ٿي واپس ويو، ڇو ته هو نياڻي جو پيءُ هو، فڪر مند هو ته آمريڪا ۾ کليل ماحول ۾ ڪٿي هن جي ڌيءَ غيرن ۾ يا ڪنهن غلط ماڻهن ۾ نه ڦاسي وڃي، سو ان لاءِ پنهنجي برادري جو اعليٰ تعليم يافته ۽ خانداني ڇوڪرو، جيڪو رهي به لنڊن جهڙي شهر ۾ ٿو ۽ اهو نوجوان به انتهائي شريف سمجهدار هُجي، جنهن سان خود حاڪم علي ملي ڪچهريون ڪري انتهائي مُطمئن ٿئي ۽ پاڻ پيو ساجن جون تعريفون ڪري ته بهت سمجهدار بچه هي. اسان به مطمئن ۽ خوش هئاسين، جو اسان کي به فڪر هئا ته لنڊن ۾ رهندڙ نوجوان ڪٿي ڪنهن اهڙين غير مذهبي ۽ آزاد خيال ڇوڪرين سان نه وڃي اٽڪي، سو اُن به پنهنجي برادري جي بهترين خاندان جي شريف نيڪ ۽ اعليٰ تعليم يافته ۽ بيحد خوبصورت ڇوڪري کي مُنتخب ڪيو هو، جيڪا ڳالهه اسان لاءِ به اطمينان بخش هُئي... بهرحال ياسمين ۽ ساجن جون پاڻ ۾ جيڪي ڳالهيون ٿيون، اُنهن ۾ ياسمين ۽ سندس مائٽن جو خيال هو ته، ساجن آمريڪا ۾ اچي شادي ڪري ۽ پوءِ آمريڪا ۾ هي رهن، ڇاڪاڻ ته ياسمين جي اُتي بهترين جاب آهي، ٻيو ته ياسمين جو پنهنجو ذاتي فليٽ به ميامي ۾ آهي، شادي کان فورن بعد ساجن کي آمريڪا جي سٽيزن شپ به ملي ويندي، پر ساجن اُنهن جي اها ڳالهه مڃڻ کان انڪار ڪيو، چيائين ته مون کي لنڊن ۾ رهندي ست سال ٿي ويا آهن، باقي ٽن سالن کان پوءِ مون کي يو ڪي U.K جي سٽيزن شپ ملندي جيڪا مان ڇڏڻ نٿو چاهيان، مون کي لنڊن وڌيڪ پسند آهي، شادي کان پوءِ پاڻ لنڊن ۾ رهنداسين، ٽن سالن کان پوءِجڏهين يو ڪي جي سٽيزن شپ ملي ويندي، پوءِ پاڻ سوچينداسين ته هتي رهون يا آمريڪا يا ڪئناڊا ۾ هلون، پر فل حال ياسمين کي جاب ڇڏي لنڊن ۾ رهڻو پوندو، ياسمين ساجن جو اهو شرط قبول ڪيو... حالانڪه هتي جا برصغير جا ڇوڪرا ته اهڙين ڇوڪرين جي تلاش ۾ هوندا آهن، جيڪي آمريڪن گرين ڪارڊ هولڊر هجن، ايڏي اعليٰ تعليم يافته ۽ بهترين جاب واري هُجي، جنهن جو پنهنجو ذاتي فليٽ هُجي اهڙي ڇوڪري جي طُفيل ڇوڪرن کي به فورن گرين ڪارڊ ملي وڃي. اهڙي ڇوڪري ڪنهن نصيب واري کي ملندي آهي. پر اسان جو ساجن جيئن ته هڪ خُود دار قسم جو غيرت مند ۽ سمجهندار ڇوڪرو آهي، هن اهڙي هر آفر ۽ لالچ کي نظر انداز ڪندي پنهنجي ٻانهن جي ٻل تي يو ڪي جي سٽيزن شپ وٺي ۽ پنهنجي زال کي پاڻ وٽ لنڊن ۾ رکندو.
ساجن جي اهڙي فيصلي تي، ياسمين ۽ سندس مائٽ پاڻ وڌيڪ خوش ۽ مطمئن ٿيا، ته هي ڇوڪرو لالچي ڪونهي، بلڪه خوددار قسم جو غيرت مند ماڻهو آهي... خير جڏهين چند مهينن کان پوءِ شادي جو مرحلو آيو، تڏهين ڪئي تجويزون هيون، عام طور گهوٽ ۽ گهوٽيتا ڪنوار جي شهر ۽ گهر ڄڃ وٺي ويندا آهن. ان لاءِ اول ته اسان وٽ آمريڪا جي ويزا ڪا نه هُئي، اٺ ڏهه فرد ويزا وٺون هيڏا وڏا خرچ ڪري آمريڪا پهچون، اسان لاءِ مشڪل مرحلو، ٻي تجويز ته هو به لنڊن اچن، اسين اُتي وڃون ۽ لنڊن ۾ شادي ڪريون، ان لاءِ به اسان لاءِ ساڳيو مسئلو هو. ٽي تجويز، اُها هُئي ته لنڊن مان ساجن ۽ هتان ٻه ٽي ڄڻا آمريڪا وڃن ۽ اُتي نڪاح ٿئي... ساجن جي شديد خواهش هُئي ته، سندس شادي ۾ مٽ مائٽ، ماءُ پيءُ ڀائر ڀينرون سڀ شريڪ ٿين. آخر ۾ حاڪم علي، ياسيمن جي والد فيصلو ڪيو. عجيب ۽ ڪمال جو فيصلو ڪيو. اهڙو فيصلو، جنهن سان ساجن جا سڀ مٽ مائٽ به شريڪ ٿين ۽ اُنهن کي ڪا به تڪليف ۽ پريشاني به نه ٿئي، حاڪم علي چيو، اسان سڀ حيدرآباد ۾ اينداسين، هفتو کن اڳ ۾ حيدرآباد ۾ هوٽل تي اچي رهنداسين، پوءِ سڀ ريتون رسمون ۽ نڪاح مبارڪ ڪالوني ۾ انجام پذير ٿيندا. ميندي ۽ وناءُ ۾ حاڪم علي جا ڪراچي ۾ رهندڙ مائٽ شريڪ ٿيندا، ۽ نڪاح واري ڏينهن رات جو وڏو ڊنر اسان گهوٽيتن طرفان ٿيندو. اُن ۾ هُنن جا آمريڪا مان مٽ مائٽ ۽ دوست به اچي شريڪ ٿيندا، حاڪم علي اهو فيصلو اسان جي سهولت ۽ مڪمل شرڪت خاطر ڪيو هو... حالانڪه هو ڪراچي ۾ سندس وڏي ڀاءُ وٽ رهي شادي ڪري پيو سگهي ۽ اسان نڪاح لاءِ ڄڃ وٺي ڪراچي مان نڪاح ڪرائي اچون ها، پر هن شريف ماڻهو چيو ته توهان کي ٻه ٽي چڪر ڪراچي جا به نه لڳائڻا پون، اها تڪليف به ڇو ٿئي، اسان حيدرآباد ۾ اينداسين، پوءِ طئي اهو ٿيو ته حاڪم علي وارا پنڌرهن ڏينهن اڳ ڪراچي ۾ ايندا، اُتي رهي پنهنجي تياري ڪندا، نڪاح کان ٽي ڏينهن اڳ هنن جي فيملي حيدرآباد ۾ انڊس هوٽل ۾ اسان جي طرفان بُڪ ڪرايل ٽن وي آئي پي سوٽس ۾ رهندا، ميندي ۽ وناءُ جي لاءِ ڪنواريتن کي جيما جي بنگلي ۾ اچي رهڻو هو، جتي ڪنوار ياسمين به رهندي تيار وغيره ٿيندي، اُتي ئي ميندي جو سڄو پروگرام ٿيندو، ٻي ڏينهن ونواهه به اُتي جيما جي بنگلي ۾ ٿيندو، گهوٽ کي وناءُ اسان پنهنجي گهر ۾ ويهارينداسين، نڪاح لاءِ ڪنوار تيار به جيما جي گهر ٿيندي، جتان پوءِ گهوٽ ڪنوار کي وٺي نڪاح لاءِ جماعت خاني ايندا نڪاح شام جو ڇهين بجي ٿيندو ۽ رات جو مبارڪ ڪالوني ۾ ئي وڏو ڊنر ۽ زبردست قسم جو ورائٽي پروگرام رٿيو ويو هو، جنهن ۾ ڪيترا فنڪار، لوڪ ڳائڻا ۽ ڊانس، راسوڙا ۽ ڏانڊين جو پروگرام ٿيندو، آخر ۾ گهوٽ ڪنوار جون لانئون به اُتي اسٽيج تي ٿينديون، آخر ۾ اُتان ئي ڪنوار جي رخصتي ڪرائي گهوٽ ڪنوار لاءِ بُڪ ڪرايل هوٽل ۾ اسپيشل هني مُون سوٽ ۾ هليا ويندا... ٻن ڏينهن بعد حاڪم علي وارا ڪراچي هليا ويندا، گهوٽ ڪنوار اسان جي گهر اچي ويندا ۽ پنجين ڏينهن حاڪم علي ڪراچي ۾ هڪ وڏي هوٽل ۾ اسان سڀني گهوٽيتن جي دعوت ڪندو، ظاهر آهي اسان لاءِ اهو سڄو پروگرام خوشي ۽ اطمينان جو باعث هو ۽ پوءِ ائين ئي ٿيو، پنڌرهن ڏينهن اڳ ساجن به لنڊن مان اسان وٽ آيو ۽ حاڪم علي جي فيملي آمريڪا مان ڪراچي پُهتي، جتي اسان وڃي هنن جو استقبال ڪيو، ياسمين کي پهريون ڀيرو ڏٺوسين ۽ ملياسين، چند ڪلاڪن کان پوءِ واپس اچي وياسين. سڄو پروگرام طئي ڪري آياسين... 28 ڊسمبر تي، حاڪم علي، سندس زال روبينا ڀاڀي، ياسمين ۽ اُن جو ڀاءُ رحيم حيدرآباد پُهتا، اسان انڊس هوٽل ۾ ڪمرا اڳ ئي بُڪ ڪرايا هُئا، پوءِ باقي تمام پروگرام ريتون، رسمون رٿابندي مطابق ٿيون، صرف ٿوري مُشڪل ۽ پريشاني، ميندي واري ڏينهن ٿي، ميندي کان هڪ ڏينهن اڳ، ياسمين ڪنوار کي فوڊ پائزن ٿي پيو، هتي جي پاڻي ۽ کاڌي هن کي ڊاهي وڌو، اُلٽيون ۽ موشن شروع ٿي ويا، اسان هن کي جيما جي گهر کڻي آياسين، مُنهنجا ٻه ڀيڻويا ڊاڪٽر نوشاد علي ۽ ڊاڪٽر اقبال ٻنهي مسلسل هتي موجود رهي هن جي ٽريٽ مينٽ ڪئي، ڊرپ وغيره لڳائي، اسان سڀ پريشان ٿي وياسين، رات جو ميندي جو پروگرام هو، ٻن پهرن تائين ڪو فائدو ڪو نه ٿيو هو، اسان سوچيو ته ميندي جو پروگرام ڪينسل ڪريون، پر پوءِ چئين بجي جڏهين ڊرپ مڪمل ٿي، تڏهين اُلٽيون ۽ موشن بند ٿي ويا، پر ڇوڪري ڪمزور ٿي وئي هُئي، هُن کي ميندي به ڪا نه لڳي هُئي، تيار به ٿيئڻو هو، ان لاءِ مون فيصلو ڪيو ته ميندي جو پروگرام تبديل ڪري، صرف اسان جي گهر تي گهوٽ سان رسمون ڪجن ۽ اُتي هي ٿورو راڳ رنگ ڪَجي، پر اُن وقت ياسمين مون کي چيو ته بابا پروگرام ڪينسل نه ڪريو، مان هاڻ ٺيڪ آهيان، ڪلاڪ ٻن لاءِ مان شريڪ ٿينديس، حالانڪه اسان گهڻو سمجهايو پر ياسمين ڏاڍي همت واري ڇوڪري هُئي، هن پلنگ تي ليٽيل رهي، ميندي لڳرائي، اُتي ئي ڪمري ۾ رات جو هن کي پارلر واري تيار ڪيو، ڪلاڪ ڏيڍ آرام به ڪرايو، ۽ پوءِ رات جو نَوين بجي ميندي جو پروگرام ٿيو، جنهن ۾ ياسمين ۽ ساجن کي ماءُ ۽ ڀينرون وٺي آڻي اسٽيج تي ويهاريو، سڀ رسمون ٿيون، ناچ گانا ٿيا، سڀني دل کولي مُرادون پوريون ڪيون، ياسمين کي ٻن ڪلاڪن کان پوءِ واپس آرام ڪرڻ لاءِ موڪليو. ٻي ڏينهن وناءُ به خير خوبي سان ٿيو، آخري ڏينهن نڪاح ۽ دعوت وارو پروگرام جيڪو واقعي تاريخي پروگرام ٿيو هو.