منهنجي خوابن جو شهر حيدرآباد
منهنجي خوش قسمتي آهي جو حيدر بخش جتوئي صاحب جي ان پسند واري سُهڻي شهر حيدرآباد۽ ان جي خوبصورت علائقي هيرآباد ۾ پئدا ٿياسين ۽ ان جي روڊن رستن ۽ گهٽين ۾ گهمندا ڦرندا، رانديون ڪڏندا وڏا ٿياسين.
اسان جڏهين سمجهه ڀريا ٿياسين ته هيرآباد کي ويران ۽ اُداس ڏٺوسين، اڪثر ڇڏي ويل هندن جا خالي گهر، ڀڙڀانگ روڊ ۽ رستا ويران ڏٺا. هيرآباد جو اصلي حسن، جمال ڇا هو، اُهو اسان جي بزرگن اسان کي ٻُڌايو ته، ورهاڱي کان اڳ حيدرآباد ۽ هيرآباد جو ڇا ته شان هو، ڇا ته مان ۽ مرتبو هو، هيرآباد هندو عاملن جو جوڙيل خاص رهائشي علائقو هو، عامل زياده تر پڙهيل ڳڙهيل اعليٰ تعليم يافته هُئا، جيڪي وڏن سرڪاري عهدن تي فائز هُئا، انهن کان سواءِ ڌنوان سنڌورڪي هندو سيٺيا به هتي رهندا هُئا، هيرآباد کي باقاعده پلاننگ سان تعمير ڪيو ويو هو. وڏا وڏا روڊ ۽ سڌيون ڊگهيون گهٽيون، قطار سان جوڙايل شاندار محل ۽ ماڙيون ڇا ته خوبصورت جايون جوڙايون هيون، اُنهن گهرن ۾ آرام سُک ۽ آسائش جا سب انتظام هئا، سال 70 ۽ 71ع ۾ حميد سنڌي صاحب جي رسالي ”روح رهاڻ“ طرفان شهيد هوشو شيدي جي ورسي جي موقعي تي ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي پنهنجي صدارتي تقرير ۾ چيو هو ته ”حضرات مون کي حيدرآباد سان ڏاڍي محبت آهي، مون کي ائين ٿو لڳي ته هي شهر منهنجي نالي حيدر جي پويان آباد ڪيو ويو آهي.جتوئي صاحب جي ان محبوب شهر جا سمورا گهر گرمين ۾ بيحد ٿڌا، هوادار ۽ روشن ته سياري ۾ وري گرم هوندا هُئا، گهرن مٿان منگ (بازيگر) هوندا هُئا، جن مان ٿڌي هوا هيٺ ڪمري ۾ پهچندي هُئي، ڪمرن ۾ وري دريون ۽ وينٽي ليٽر هُئا، جن مان هوا جو گذر ٿيندو هو، انهن جاين جون ديوارون اڍائي ٽي فٽ ٿليون هونديون هيون، جن تي نيرو (اڇي چن جو پلستر) ٿيل هوندو هو، جيڪو ٿڌو رهندو هو، ڪمرن جون ڇتيون به چاليهه فٽ مٿي هونديون هيون ته جيئن ڪمرن ۾ هوا گهڻي مقدار ۾ موجود رهي ۽ ڪمرا ٿڌا رهن، وڏا ڪشاده ڪمرا، ڊگها ورانڊا ۽ وڏا شاهي اڱڻ انهن جاين جي سونهن هُئا، ڪمرن ۾ شيشم جي ڪاٺ جو بهترين فرنيچر هوندو هو، ديوارن ۾ وڏا ڪٻٽ ۽ شوڪيس جن تي ڪاٺ جو شاندار ڪم ٿيل هوندو هو، جن جي وچ ۾ شيشي تي ديوين ۽ ديوتائن جون رنگين تصويرون لينڊ اسڪيپ ۽ سينريون اُڪريل هونديون هيون، غالب چيو آهي ته ” هر اک مکان کو شرف هي غالب مکين سي“ اهڙي ريت هيرآباد جي اِنهن خوبصورت محلن ۽ ماڙين ۾ رهندڙ ماڻهو به ايڏا ئي سُهڻا نازڪ نفيس ۽ باذوق هوندا هُئا، اسان جي بُزرگن ٻُڌايو ته گرمين ۾ روزانو روڊن ۽ رستن تي صفائي کان پوءِ پاڻي جي ڇٽڪار ٿيندي هُئي، شام ٿيندي هُئي ته هوا به ٿڌي ٿيڻ شروع ٿيندي هُئي، هيرآباد ٿڌين هيرن سان گڏ حَسين حُورن جي ڪري به مشهور هُئي، شام ٿيندي ئي حَسينن جا ٽولا چهل قدمي لاءِ نڪرندا هُئا، خوبصورت عاملاڻيون موتئي جا گجرا ٻانهن ۾ ۽ گلاب جا گل وارن ۾ لڳائي ٽهلنديون هُيون ته هيرآباد سندن بدن الائي گلن جي خوشبوئن سان مهڪڻ لڳندي هُئي، وڪٽوريا گهوڙي گاڏين ۾ فئمليون هوا خوري ۽ سير ڪرڻ لاءِ نڪرنديون هيون، چانڊوڪي راتين ۾ وري هيرآباد جو حُسن عجب رومان انگيز ۽ روح پرور منظر پيش ڪندو هو.... اهڙي طرح سڄي حيدرآباد شهر جو پنهنجو هڪ حُسن هو. خالص سنڌي انداز جو هي خوبصورت شهر هو. سول هاسپيٽل، تلڪ چاڙهي، ٽريننگ ڪاليج صدر ۽ ڪنٽومينٽ عامل ڪالوني وغيره جا علائقا سڀ سليقي ۽ سُونهن جا مثال هُئا تلڪ چاڙهي جي ٻنهي پاسن بهترين جايون، تلڪ چاڙهي هيٺ لهندي کاٻي طرف هندن جي دور جي ٺهيل کياني مينشن جهڙي خوبصورت عمارت مون ڪڏهن به نه ڏٺي جيڪا اڄ به موجود پر اُجڙيل ۽ ويران آهي ۽ هيٺ سينٽ بونا وينچر اسڪول جي بلڊنگ، تلڪ چاڙهي لهندي ڏکڻ ۾ سڌو روڊ، ڇوٽڪي گهٽي ۽ گاڏي کاتي کان ٿيندو ريلوي اسٽيشن پهچي ٿو. تلڪ چاڙهي کان هيٺ اولهه ۾ صدر ۽ ڪينٽومينٽ آهن اهڙي طرح گاڏي کاتي ۾ به عاليشان جايون آهن، ڪورٽ روڊ تي ويندي کاٻي هٿ تي، اولڊ ڪئمپس تائين محل ۽ ماڙيون آهن جيڪي اينٽڪس ۾ شامل هيون، حيدرآباد جون تاريخي جايون ۽ عمارتون به پنهنجو مثال پاڻ هيون، جيڪي هاڻي سڀ آثار قديم جو ڏيک ڏيئي رهيون آهن، حيدرآباد، جنهنجو اصل نالو نيرون ڪوٽ هو، هزارين ساله پراڻي تاريخي آهي، محمد بن قاسم ڀنڀور کان پوءِ نيرون ڪوٽ تي حملو ڪري راجا ڏاهر جي پُٽ کي شڪست ڏئي قبضو ڪيو هو. حيدرآباد جي سڀ کان پُراڻين ۽ قديم جايون پڪو قلعو ۽ ڪچو قلعو آهن، ڪلهوڙن ۽ ميرن جي دور ۾ اهو قلعو دارالحڪومت رهيو، پوءِ انگريزن مياڻي جي جنگ کٽي قلعي تي قبضو ڪيو ۽ ان ۾ سرڪاري ۽ فوجي اداراه قائم ڪيا، انگريزن جي دور تائين ته قلعو محفوظ رهيو، پر ورهاڱي کانپوءِ مهاجرن جا ڪٽڪ اچي ڪڙڪيا، جن شهر جي ٻين اهم ترين جاين تي قبضي کان پوءِ خالي پيل تمام سرڪاري پلاٽن، تاريخي عمارتن باغن مندرن وغيره کي به ڪو نه بخشيو، ماڪڙ وانگر اچي لٿا ۽ هر شئي کي تباهه برباد ڪندا رهيا. انهن پڪي قلعي کي به ڪو نه بخشيو، ڪاهي پيا اندر جاين ۽ پلاٽن تي قبضا ڪندا گهر ٺاهي رهڻ لڳا، قلعي اندر مضبوط ديوارن سان لڳ به گهر ٺاهيائون، نتيجي ۾ پاڻي جي سم سان ديوارن کي نقصان رسيو، ٻن ٽن جاين تان قلعي جي ديوار ڊهي اچي پٽ پئي، جڏهين ڪجهه سڄاڻ سنڌين هن تاريخي ورثي جي تباهي تي احتجاج ڪيو، تڏهين انتظاميه انهن قلعي ۾ رهندڙ مهاجرن کي لطيف آباد ۾ مفت پلاٽ ڏنا ته جيئن اُتي گهر ٺاهي وڃي رهن، پر افسوس انهن مهاجرن اهي پلاٽ وٺي وڪڻي کائي ڇڏيا، قلعي کي به ڪو نه ڇڏيو، اڄ به اهي قابض آهن، اسان جي هن عظيم ۽ باوقار ورثي کي تباهه و برباد پيا ڪن، مياڻي جي جنگ ۾ سنڌ جي عظيم بهادر جرنيل هوش محمد شيدي تاريخي نعرو هنيو هو ”مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون“ ۽ دليري سان وڙهندي جان ڏني، شهادت ماڻي، عظمت ماڻي، جنهن کي پوءِ انگريزن خراج عقيدت پيش ڪري قلعي ۾ دفن ڪيو هو. سنڌ جي هن بهادر ۽ مايه ناز هيرو جي قبر جي اهي مهاجر بيحُرمتي پيا ڪن، قبر مٿان ڇيڻا پيا سڪائين. جتي ميرن جي حڪومت ۾ سندن توپون اڀيون هونديون هيون اڄ اتي قلعي ۾ مڪڙن جون گڏهه گاڏيون اڀيون بيٺل نظر اچن ٿيون. حيدرآباد جي پڪي قلعي جي سامهون هڪ شاندار محل ٺهيل آهي، جنهن کي مُکي هائوس چوندا آهن، شايد ڪنهن وڏي ڪروڙ پتي سنڌورڪي هندو ليڊر جو ٺهرايل ٿو لڳي. جيڪو لڏي ويو ته اهو محل سرڪار کي مليو، جنهن هن حسين و جميل محل کي ميونسپل جي ڪنهن اداري جي آفيس ٺاهي، سوين ملازمن ۽ عام ماڻهن لاءِ ڏئي ڇڏيو آهي. اڄڪلهه ان مُکي هائوس جي بُري حالت آهي، رنگ روغن ۽ مرمت کان سواءِ گند ۾ گڏيل آهي، در و ديوارون، ڌريون ۽ گئلريون سڀ پان جي ٿڪن سان ڳاڙهيون آهن، پري کان ان محل کي ڏسبو ته، اهي ٿُڪن جون پچڪاريون ائين لڳنديون جهڙوڪر هن حسين تهذيبي ورثي جي ڪُک ۾ کنجر هنيا ويا هجن، زخمن مان رت ريلا ڪري پيو وهي، اولڊ ڪئمپس جي بلڊنگ ۽ ٽاور جو حُسن به نرالو آهي، ان کان سواءِ سيشن ڪورٽ جي عمارت شاندار آهي، بسنت هال به ماضيءَ جي تعميري آرٽ جو سهڻو نمونو آهي، بسنت هال جي ڀر ۾ مٺارام هاسٽل به بهترين عمارت آهي، حيدرآباد ۾ ميرن، ٽالپرن ۽ ڪلهوڙن جا قُبا به مشهور تاريخي مقام آهن، سينٽرل جيل سان لڳ اولهه ۾ آزاد سنڌ جي عظيم حڪمران غلام شاهه ڪلهوڙو جي مزار آهي،
اسان حيدرآباد جو ورهاڱي کان اڳ وارو جوبن ته ڪو نه ڏٺو هو پر صرف بزرگن کان ان حُسن و جمال جا داستان ۽ قصا ٻُڌا هُئا.
ورهاڱي کان پوءِ اسان حيدرآباد ۽ هيرآباد جو حُسن لٽجندي ڏٺو، حيدرآباد کي تباهه و برباد ٿيندي ڏسندا رهياسين، حيدرآباد جي حُسن و جمال مٿان ٿيندڙ ظلم و ستم، گندگي ۽ جهالت جا حملا ڏٺاسين، حيدرآباد ۽ هيرآباد جي شاندار تعميرات مٿان وسندڙ هٿوڙن پارائين، جا زخم رسندي ڏٺا اسان پنهنجي عظيم الشان ورثي کي تباهه ٿيندي ڏٺو، اسان ڏٺو ته ڪيئن هي ڌاري مخلوق ايندي وئي، قيمتي خوبصورت جاين ۽ اثاثن تي قابض ٿيندي وئي، اول انهن کي گندو ۽ بيحُرمت ڪندا رهيا ۽ پوءِ هٿوڙن ۽ پارائين سان اسان جي وجود کي ڊاهڻ لڳا، هنن جا هٿوڙا اسان جي سينن تي وسندا رهيا، اهي زخم اسان جي دلين تي لڳندا رهيا ۽ اسان ڪجهه به ڪري نه سگهياسين، اسان جي قيمتي ورثي کي ڪير به بچائڻ وارو ڪو نه هو، نتيجي ۾ اڄ پنجاهه سالن کان پوءِ سڀ ڪُجهه ختم ٿي ويو. افسوس جو اسان جي آئينده نسلن واسطي ڏسڻ ۽ سمجهڻ لاءِ به ڪجهه ڪو نه بچيو آهي. هيرآباد جيڪو هڪ مڪمل رهائشي پرسڪون علائقو هو، جتي ڪو به ڪاروبار يا دڪان کولڻ جي به منع ٿيل هئي، اُتي اڄ اها حالت آهي جو اُهي محل ۽ ماڙيون ڊاهي ختم ڪري انهن جي جاءِ تي فليٽ ۽ پلازه دڪان ۽ مارڪيٽون ٺاهيون ويون آهن، هيرآباد جي پُرسڪون علائقي ۾ ڪارخانه، ليٽ مشينون گيرجون، گڊس ڪمپنيون، هوٽلون ۽ هر قسم جو گند ڪچرو آڻي هتي جي هر شئي کي تباهه ڪيو ويو آهي، هر روڊ رستن ۽ گهٽين ۾ قبضا ڪيا ويا آهن، اهڙي حالت آهي جو پنڌ هلڻ به مُشڪل آهي، سڄي شهر ۾ ايڏو ته آدم پيدا ٿي ويو آهي، ايڏي ته رش آهي جو اصل ڪلها گس لڳي پئي آهي. اسان جو شهر حيدرآباد هاڻ نه ته اهو پُراڻو شهر آهي ۽ نه هي هاڻ اسان جو شهر رهيو آهي، ٻولي وارن فسادن ۽ نسلي جهيڙن کان پوءِ سنڌي خاندان سڀ لڏي لطيف آباد يا قاسم آباد ۾ هليا ويا آهن، اسان پنهنجي هن اصلي پراڻي حيدرآباد تان هٿ کڻي ڇڏيو آهي، هاڻ اهو اسان لاءِ اوپرو بنجي چڪو آهي، هاڻ جڏهين ڪنهن ڪم سانگي شهر ۾ وڃڻ ٿيندو آهي تڏهين انهن پراڻن پاڙن، محلن ۽ گهرن کي ڏسي اندر ئي سڙي ويندو آهي. اُهي گهر جن ۾ اسين رهياسين، اُهي گهٽيون جن ۾ رانديون رهي وڏا ٿياسين، اُنهن جي بُري حالت ڏسي ڏاڍو ڏک ٿيندو آهي... ڇا ته اسان جو حيدرآباد شهر هو ۽ هاڻ ڇا بنجي چڪو آهي، هاڻ ته صرف اُن حيدرآباد جون يادون آهن.
45، پنجيتاليهه سال اڳ، سنڌ جو عظيم ۽ حسين شهر حيدرآباد، جيڪو علم و ادب، تهذيب و تمدن، ثقافت ۽ سياست جو گهوارو هو، اسان جي سانڀر ۾، ون يونٽ خلاف تحريڪ قومپرستي جي اُٿندڙ لهر، حيدر بخش جتوئي لالا قادر، رسول بخش پليجو ۽ فاضل راهو جي قيادت ۾ ون يونٽ خلاف، نيلام بند ڪريو، لسٽون سنڌي ۾ ڇاپيو تحريڪون ۽ احتجاج، جلسا ۽ جلوس ۽ سنڌ جي بهادر نياڻي اختر بلوچ جو ميدان تي اچي بک هڙتال ۽ گرفتاري سان سڄي سنڌ ۾ ڀڙڪي اُٿيل قوم پرستي جي لهر ۽ پوءِ ون يونٽ جو خاتمو، اهو سڀ ڪجهه اسان جي اڳيان ٿيو هو. حيدرآباد ۾ علمي ادبي پروگرام به ٿيندا هُئا، راڳ رنگ ۽ ناٽڪ به ٿيندا هُئا. اسان جي علمي و ادبي اوسر بسنت هال ۾ ٿيندڙ حميد سنڌي صاحب جي رسالي روح رهاڻ واري سالياني جشن کان ٿي هُئي، جتي سنڌ جا عالم اديب شاعر ۽ دانشور شريڪ ٿيندا هُئا، سائين محمد ابراهيم جويو، شيخ اياز، مولانا غلام محمد گرامي، حفيظ قريشي نياز همايوني، ع ق شيخ، مُراد علي، امداد حُسيني ۽ ٻيا اديب، شاعر دانشور ۽ ادب دوست شريڪ هوندا هُئا، بسنت هال کان ئي اسان کي علم و ادب کان آگاهي شروع ٿي. بسنت هال کان پوءِ جڏهين ادبي سنگت گاڏي کاتي جي منظور چيمبر ۾ مُنعقد ٿيڻ شروع ٿي، تڏهين اسين چند نوجوان مُحترم پليجي صاحب جا انقلابي ڪامريڊ هُئاسين ۽ اسان اُتي وڏا ڇتا بحث ڪندا هُئاسين، اُن وقت ادبي سنگت ۾ پيش ٿيندڙ مواد ڪهاڻي يا ڪنهن شعر ۾ مقصد جي ڳالهه نه هُوندي هُئي، قومي عوامي انقلابي ٽچ نه هوندو هو، صرف پيار وُ محبت يا انڌي عشق جي ڳالهه هوندي هُئي، ته اسان ڪامريڊ اُن ليکڪ تي ڏاڪا ٻڌي چڙهي ويندا هُئاسين، اُن لکڻي تي زبردست تنقيد ڪندا هُئاسين ته اسان جي قوم غلام آهي، عوام بکن ۽ ڏکن ۾ پيا مرن ۽ اسان عشق وُ محبت جون ڳالهيون پيا ڪريون، اسان کي عوامي انقلابي ادب جي ضرورت آهي، عوام کي سجاڳ ڪرڻ مُتحد ڪرڻ جي ضرورت آهي، اسان جا بابل جهڙا جذباتي نوجوان، جيڪي مائوزيتنگ جا قول” انقلاب ۾ ادب ۽ فن جي اهميت“ پڙهي ايندا هُئا، اهي جوش ۽ جذبات ۾ اُڀا ٿي ويندا هُئا ۽ ٽيبلن تي مُڪون هُڻي دليل ڏيندا هُئا. تڏهين وري اسان جا سينيئر اديب، جويو صاحب ۽ گرامي صاحب جن وچ ۾ اچي اسان کي ٿڌو ڪندا هُئا، ۽ چوندا هُئا ته بابا ادب ۽ فن برائي زندگي به هوندو آهي، صرف انقلاب نه، پر اسين مطمئن ڪو نه ٿيندا هئاسين، بهرحال منظور چيمبر کان پوءِ وري ادبي سنگت جون ڪچهريون ڊسٽرڪٽ ڪائونسل بلڊنگ ۾ ٿيڻ لڳيون، مطلب ته حيدرآباد هميشه علم و ادب جو مرڪز رهيو، علم و ادب جون انيڪ شخصيتون حيدرآباد جون رهندڙ هيون، جويو صاحب، گرامي صاحب، حيدر بخش جتوئي، نياز همايوني، رسول بخش پليجو صاحب، حفيظ قريشي، ڏيپلائي، حيدر علي لغاري، ع ق شيخ، مراد علي مرزا، حميد سنڌي، مدد علي سنڌي، ڊاڪٽر غلام علي الانا، عبدالقادر جوڻيجو، امداد حُسيني، نصير مرزا، طارق اشرف، مُحترم دادي ليلا، زينت چنا، نور الهدا شاهه، جيجي زرينه بلوچ جهڙيون ۽ خيرالنساءِ جعفري عظيم هستيون هن شهر جون رهائشي هيون ۽ هُنن کي حيدرآباد سان اڪير هُئي، اسان جو هڪڙو دوست جيڪو حيدرآباد جو ته ڪونهي پر چوندو آهي ته ”حيدرآباد منافقن جو شهر آهي“ اهو سراسر ظلم ۽ غلط آهي، حيدرآباد ته پيار و محبت ڪرڻ ۽ ونڊڻ وارن جو شهر آهي. حيدرآباد ته حُسن جمال، امن و عشق جو گهوارو رهيو آهي، هن وقت ڀلي ڌارين جي قبضي ۾ اچي ويو آهي، ڌاريا اُن کي تباهه برباد پيا ڪن پر تڏهين به هي شهر اسان جو آهي، اسان کي پيارو آهي، ڪراچي وانگر اسان حيدرآباد تان هٿ ڪو نه کنيو آهي، هتي علمي ادبي ۽ سياسي سرگرميون به جاري آهن، يقينن وقت بدلجندو، حالتون اسان جي حق ۾ ٿينديون تڏهين وري اسان پنهنجي هن عظيم تهذيبي و تمدني ورثي کي بحال ڪنداسين.
”نيٺ ته ڊهندي ڪيسين رهندي دوکي جي ديوار“