سنڌ جو روشن ستارو، منهنجو دوست ۽ اُستاد مرحوم حسن درس
حسن درس، روڊ حادثي ۾ فوت ٿي ويو، ان ڳنڀير خبر هانوُ ئي ڏاري وڌو، دل ۾ چَڪُ لڳو، دک ۽ درد جي لهر اندر ۾ لهي وئي، الا! وڏو نقصان ٿي ويو، سنڌ، سنڌي ٻولي، ادب ۽ شاعريءَ جو روشن تر ستارو اوچتو الوپ ٿي ويو! سنڌ جو سرمايو هو جيڪو ضايع ٿي ويو.
حسن ڪافي ڪُجهه لکيو آهي ۽ ماشاءَ الله شاعريءَ ۾ شاندار لکيو آهي، جنهن کي ساري سنڌ جي علمي ادبي سوسائٽيءَ ساراهيو آهي، حَسن، اخبارن رسالن، ميگزينس وغيره ۾ پنهنجو ڪلام ڇپائيندو رهيو، پر شاعريءَ جو پنهنجو ڪو مجموعو ڇپرائي نه سگهيو، حالانڪه حسن جا ڪيئي دوست اعليٰ ترين علمي ادبي ادارن جا سربراهه آهن، ڪيترائي ايڊيٽر ۽ پبلشر هن جي شاندار شاعريءَ جا ڪتاب ڇپڻ لاءِ تيار هُئا ۽ هُو هميشه حَسن کي چوندا، منتون ڪندا رهندا هئا، پر هي نٽائيندو رهيو، ’ها ها‘ ڪندو رهيو، پر سنجيده نه ٿيو، وفات کان مهينو کن اڳ، نور احمد خواجي جي گهر منهنجي حسن سان اُها آخري ملاقات هُئي، تڏهين حَسن ٻڌايو هو ته، ”يار ڪتاب ڇپايون ٿا، هاڻ ته ماڻهو مون کي اصل مارين ٿا، تياري شروع ڪئي اٿم.“ بهرحال، هُن جي حياتيءَ ۾ ڪتاب نه ڇپجي سگهيو، پر هاڻ يقينن هن جا ڪتاب ڇپجندا ۽ يقينن هُن جو منفرد ڪلام دنيا کي حيران ڪندو، ڇاڪاڻ ته واقعي ئي حسن وڏو شاعر هو، عظيم شاعر هجڻ جو اعزاز ته، سنڌ جي عظيم قومي شاعر شيخ اياز به حسن کي ڏنو، شيخ اياز پريس ڪلب جي ڪنهن پروگرام ۾ پهريون ڀيرو حَسن جو مزيد ڪلام ٻُڌو هئائين ۽ اُتي اياز اِهي ڪمينٽس ڏنا ته ”هِن نوجوان محنت ڪئي ته مون کان پوءِ مُنهنجي جاءِ هيءَ نوجوان والاريندو.“ اِهو وڏو اعزاز هو، جيڪو هڪ عظيم شاعر پنهنجي مستقبل جي وارث کي ڏئي رهيو هو.
بيشڪ حَسن وڏو شاعر هو، هن جو ڪلام مَنَ ۾ لهي ويندڙ آهي، وطن ۽ مٽيءَ سان عشق، ماروئڙن جهانگيئڙن سان ملاحن ۽ مُهاڻن سان محبت، هن جي ڪلام جو مرڪز آهن، حسن جا خيال، منظر، ڌرتيءَ جا ڪردار من موهيو ڇڏين، حسن ڪيئي تاريخي واقعن ۽ شخصيتن تي به شاندار شعر چيا آهن، شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي تي ۽ خاص طور شهيد بي بي محترمه بينظير ڀٽو تي لکيل نظم ته سڄيءَ سنڌ کي رُئاڙي ڇڏيو، صدر پاڪستان آصف علي زرداري، وڏو وزير ۽ ٻيا سڀ جيالا محترمه شهيد جي ڏهاري تي لاڙڪاڻي ۾ حَسن کي وڏي شانَ مانَ سان سڏائيندا هئا ۽ احترام سان سندس ڪلام ٻُڌندا هئا ۽ جڏهن حسن پنهنجي زخمي جذبن کي بيان ڪندو هو ته جيالا اوڇنگارون ڏئي روئيندا هُئا.
حَسن کي سڄيءَ سنڌ سان عشق هو پر جيئن ته پاڻ لاڙي هو، تنهن ڪري لاڙ سان، درياهه سان ۽ مُهاڻن سان سندس خاص پيار هو، ملاحن ۽ مانجهين تي، لاڙ جي شامن تي ته هن ڏاڍو خوبصورت لکيو آهي، جهنگشاهي جي کجين، اُداس ديوين، ٻٻرن ۽ کٻڙن تي به خوب لکيو اٿس، روماني شاعري، محبوب جي حُسن ڪاريءَ ۾ به حَسن ڪمال ڪيو آهي.
حسن درس جي شاعري ۽ ٻيو سڀ مواد يقينن جلدي ڇپبو ۽ حَسن اڃا وڌيڪ مانُ ۽ مرتبو به ماڻيندو، هن جي ڪلام ۽ شخصيت تي به مُستقبل ۾ گهڻو ڪجهه لکيو ويندو.
منهنجو حسن درس سان تعارف اسان سڀني جي مُحسن ۽ اُستاد، سنڌ جي دل نواز علمي ادبي شخصيت، محترم نُور احمد خواجه معرفت ٿيو ۽ حسن سان جيڪي ٽي چار تفصيلي ملاقاتون، ڪچهريون ٿيون، اُهي سڀ سائين نور احمد جي فليٽ تي ٿيون.
مُنهنجي خوش نصيبي جو شاعريءَ ۾ حسن منهنجو استاد هو ۽ باقاعده هن مون کي پنهنجي شاگرديءَ ۾ ورتو هو، اهو اتفاق ائين ٿيو هو جو محترم شيخ اياز جي وفات ۽ تدفين وقت ڀٽ شاهه تي اسان به موجود هئاسين، ڪيئي وڏا عالم، دانشور، شاعر، اديب، ليڊر ۽ بيورو ڪريٽ به موجود هُئا، اسان سائين نور احمد، عمر قاضي، حسن درس ۽ نصير مرزا گڏ هئاسين، بهرحال تدفين کان پوءِ اسان سڀ گڏجي منهنجي ڪار ۾ واپس آيا هئاسين ۽ اُن ئي رات، اياز جي عظمت، اعليٰ مقام، وفات ۽ تدفين وارن منظرن تي مبني، ڪيئي شعر مون لکيا، بيتن جي پوري لڙي هُئي، جيڪا لٿي هئي، بعد ۾ جڏهن نور احمد ۽ حسن کي ڏيکاريم ته هُنن به پسند ڪيا ۽ مون حسن کي گذارش ڪئي ته منهنجن شعرن جي اصلاح ڪريو، تڏهن حسن مُسڪرائيندي چيو، پوءِ تون مون کي استاد مڃيندي؟ مون هڪدم چيو ته بيشڪ خوشيءَ سان توهان کي پنهنجو اُستاد ٿو مڃان، بلڪه منهنجي لاءِ اهو اعزاز هوندو، ته مان حسن درس جهڙي وڏي شاعر جو شاگرد آهيان، پوءِ حسن مون کان اهو شعرن وارو پنو وٺي رکيو ۽ گهر کڻي ويو، ٻن ٽن ڏينهن کان پوءِ نور احمد کي ڏئي ويو، انهن شعرن ۾ استاد صاحب بهترين اصلاح ڪئي، نه صرف حرف تجنيس سُڌاري پر سِٽ کي ردم ۽ لئه ۾ به آندو ته ڪلام مزيد خوبصورت ٿي پيو ۽ پوءِ منهنجا بيت نصر مرزا اياز جي باري ۾ ڇپايل شاندار ڪتاب ’سامي سڄ وڙاءُ‘ ۾ شامل پڻ ڪيا.
اهڙيءَ طرح مون کي اهو اعزاز مليو ۽ مان اڪثر حَسن کي ادب سان ’استاد محترم‘ چئي مخاطب ٿيندو هُئس.
حسن سان منهنجي آخري ملاقات به اٽڪل وفات کان مهينو کن اڳ، سائين نور احمد جي گهر تي ئي ٿي هُئي، ٻه ٽي ڪلاڪ ڪچهري ڪئي هُئيسين، حسن ڪچهريءَ جو مور هوندو هو، ڳالهه ڪرڻ جو انداز به دلبرانه هُئس، تنقيدي ۽ طنزيا ڳالهه اهڙي ته مزاحيا انداز ۾ ڪندو هو جو ٻڌڻ وارا کلڻ ۾ پورا هوندا هئا.
حسن ڏاڍيون مزيدار ڳالهيون ڪندو هو، اُن ڏينهن هڪ واقعو ٻڌائين ته منهنجو هڪ دوست پوليس ۾ ڊي ايس پي آهي، اسان ڪار ۾ مٽيارين کان حيدرآباد پئي آياسين، ڊي ايس پي ٻُڌائڻ لڳو ته هاڻ اسان پوليس ڊپارٽمينٽ ۾ زبردست تبديليون پيا آڻيون، ٿاڻن جي ماحول کي سُڌاري، نيڪ نام آفيسر آڻڻ، ڊسيپلين، قانون جا پابند، ڦُڙت ۽ چاڪ چوبند نوجوان پيا آڻيون، جيڪي پوري ذميداريءَ سان ڊيوٽيون ڏيندا، حسن چيو، آءُ هن جون ڳالهيون ۽ ناممڪن تبديلين جا ذڪر ٻُڌي بور ٿي رهيو هُئس، ايتري ۾ اسان حيدرآباد ۾ راجپوتانا وٽ پهتاسين، گاڏي آهستي ٿي، ته سامهون روڊ جي کاٻي پاسي پوليس چوڪي هُئي، اُتي جو منظر جيڪو سامهون هو، اهو هو چوڪيءَ جي در وٽ ڪاٺ جي ڪُرسيءَ تي جمعدار آهليو پيو هو، ٿُلو پيٽ نڪتل پير اڳيان رکيل اسٽول تي هئس ۽ ڏاڍي مزي سان آرام ڪري رهيو هو، ٻيو پوليس وارو چوڪيءَ جي ديوار پويان منهن ڪري پتلون جا پٽڻ کولي بيٺي بيٺي پيشاب ڪري رهيو هو، حَسن دوست کي اوڏانهن متوجه ڪندي چيو، اها ڏس توهان جي سُڌارن جي تصوير، حسن کي مزاحيه انداز ۾ ڳالهه ڪرڻ جو ڏانو هو، ڏاڍو کلائيندو هو.
بهرحال حسن وڏو عاشق مزاج، حُسن پرست شاعر هو، ماشاءَ الله، حسن جي پنهنجي شخصيت به باوقار مردانه حُسن جو نمونو هئي، صحت مند جسم، قدآور بدن، سهڻا نقش، ڪڻڪ رنگو، پُروقار نظر ايندو هو.
حسن جون هڪ ئي وقت ڪيترين ئي ڇوڪرين سان دوستيون ياريون، پيار، محبت جا رشتا قائم هُئا، پنهنجين محبوبائن جو ذڪر ۽ حال احوال، نور احمد سان اوريندو رهندو هو، سائين نور احمد سان حسن جو هڪ خاص پيار ۽ عقيدت وارو تعلق هو، نور احمد به هن کي تمام گهڻو ڀائيندو هو، هونئن ٻئي يارن وانگر هڪٻئي سان فري ۽ بي حجاب به هوندا هئا، پر عمر ۾ نور احمد وڏو هو ۽ حسن هُن جي پُٽَ نفيس جيڏو هو، ان ڪري نور احمد، حسن کي پنهنجي اولاد وانگر عزيز رکندو هو، حَسن جو نور احمد سان گهاٽو ۽ گهرو تعلق هو، نور احمد سان نه صرف ذاتي گهريلو ڳالهيون به شيئر ڪندو هو، پر پنهنجي پيار محبت جا قصا به سليندو هو، بلڪه پنهنجي محبوبائن ۽ دوست ڇوڪرين کي نور احمد سان ملائڻ لاءِ وٺي ايندو هو، بقول سائينءَ جي ته مهيني ۾ هڪ ٻه ڀيرا حسن ضرور ايندو هو ۽ سڄو ڏينهن ۽ رات جو دير تائين هڪ ٻين بجي گهر ويندو هو.... نور احمد جي گهر واري سخت بيمار آهي، هن کي ڄامشوري هاسپيٽل ۾ ٿراپيءَ لاءِ وڃڻو پوندو هو ۽ تمام ڪمزور ۽ بيمار هجڻ ڪري، هُن کي رڪشه جي لوڏن ۽ ڌڪن ۾ سخت تڪليف ٿيندي هُئي، اهو مريض لاءِ ناقابل برداش هو، حسن کي جڏهن ان صورتحال جي خبر پئي، ته هُن اها ڊيوٽي پاڻ تي کنئي، هن وٽ ڪار هُئي، صبح جو نور احمد ۽ اُن جي گهرواريءَ کي کڻي ڄامشوري ويندا هُئا ۽ ڪيترا ڪلاڪ اُتي رهي، ٿراپي ڪرائي واپس گهر تي ايندا هئا، حسن جو نور احمد سان پيار ۽ عقيدت وارو تعلق ويهه سال پراڻو هو، اٽڪل ويهه سال اڳ جڏهن حسن ٽين ايج ۾ هو ماڊل اسڪول ۾ پڙهندو هو، نور احمد جا ٻه فرزند شفيق ۽ نفيس به ماڊل اسڪول ۾ ئي پڙهندا هُئا، اُتي هِنن ڇوڪرن جي پاڻ ۾ دوستي ٿي، حسن، نفيس سان وڌيڪ ويجهو ۽ اڪثر هنن جي گهر به ايندو هو ۽ نور احمد سان به ملندو هو، حسن شاعري ڪرڻ شروع ڪئي، نور احمد کي ٻڌائيندو هو ته هُو هن جي همت افزائي ڪندو هو، اهڙيءَ طرح هُن جو تعلق نور احمد سان وڌيڪ گهرو ٿيندو ويو، نور احمد حسن کي هميشه سُٺا مشورا ڏيندو هو، نور احمد جيئن ته پاڻ برِ صغير جي شاعري و ادب تي وڏي ڄاڻ رکندڙ آهي، هن کي حسن ۾ ڏات جا ڏيئا نظر ايندا هئا، ان ڪري هن کي سمجهائيندو هو، بي مقصد وقت وڃائڻ بدران تخليقي ڪم ڪرڻ ڏانهن مائل ڪندو هو، هن کي سُٺا سُٺا ڪتاب پڙهڻ لاءِ زوريءَ ڏيندو هو، چوندو هو ته مطالعو تنهنجي ڏات کي سِراڻ وانگر تيز ڪندو، نور احمد حسن کي پنهنجي ڪتاب ڇپائڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻ ۽ سنجيدا ٿيڻ لاءِ چوندو هو، نور احمد ڏاڍي ڪوشش ڪئي ته حسن پنهنجي شاعريءَ جو ڪتاب ڇپرائي، ڪيترو وقت ته ها ها ڪندو رهيو، پر سنجيده نه ٿيو، وفات کان مهينو کن اڳ، نور احمد جي گهر تي ڪچهريءَ دوران، هُن وري حَسن کي چيو، ته حسن چيو، ”هاڻ ته ماڻهو مون کي اصل مارين ٿا، دوست وڙهن ٿا، ان ڪري هاڻ نور احمد سان واعدو ٿو ڪريان ته جلد شاعريءَ جو ڪتاب ڇپرائيندس، ان لاءِ تياري به شروع ڪئي آهي، مواد جي چونڊ ڪري رهيو آهيان.“ نور احمد چيس ته ”يار هاڻ لاپرواهي ڇڏ، تنهنجي ڏات ۽ شاعري، قوم جي امانت آهي ۽ تون وڏي زيادتي ڪري رهيو آهين“. سو اهڙي طرح حسن مُنهنجي موجودگيءَ ۾ نور احمد سان واعدو ڪيو ۽ اسان کي به اُميد پيدا ٿي ته هاڻ ڪتاب ايندو، پر اُن وقت اسان کي خبر نه هُئي ته، قدرت کي حَسن جي حياتيءَ ۾ ڪتاب اچڻ ۽ ڏسڻ منظور نه هو.
حسن درس، پنهنجي حياتيءَ جو آخري سڄو ڏينهن نور احمد سان گڏ ۽ هن جي گهر تي گُذاريو، اِهو حَسن جو نُور احمد سان عشق جو اظهار آهي ته وفات کان اڳ آخري سڄو ڏينهن ۽ رات جو دير تائين نور احمد جي گهر تي هو ساڍي ٻارهين بجي رات جو هو روانو ٿيو هو ۽ اڍائي بجي هُو هن دنيا ۾ نه رهيو.
حسن جي اوچتي وفات سڄيءَ سنڌ کي مغموم ڪري ڇڏيو، هن جا سڀ دوست يار، مِٽ مائٽ ۽ گهر وارا به غم ۾ وٺجي ويا، جدائيءَ جي ڌڪ ته صفا نهوڙي ڇڏيو هو، نور احمد ٻڌايو ته حسن جي وفات جي اوچتي خبر سان هڪ دم جهٽڪو لڳو ۽ منهنجو نروس بريڪ ڊائون ٿيڻ لڳو، منهنجي مغض مان درد جي هڪ لهر پُٺيءَ جي ڪنڊي مان هيٺ چيلهه تي اثر ڪيو ۽ مان پلنگ تي ڊهي پيس، بدن مان سڄو ست نڪري ويو، سخت سُور چيلهه ۾ بيهي رهيو ۽ ڪمزوري اهڙي جو ڏڪڻ لڳس، بهرحال سائين اُن ڏينهن کان بيمار آهي، اڃان ٺيڪ نه ٿيو آهي.
سائين نور احمد کي اڃا به يقين نٿو اچي، چوي ٿو ته ”ائين ٿو لڳي ته حَسن اوچتو اچي نڪرندو“. حسن کي ياد ڪري ٿڌا ساهه ٿو ڀري، جيڪو به دوست وٽس اچي ٿو، ته ان سان حَسن جون ڳالهيون ۽ يادن ۽ واقعن جو ذڪر ٿو ڪري، مون کي به هي سڀ ڳالهيون نور احمد ٻڌايون ۽ پڻ حسن سان گذاريل آخري سڄو ڏينهن رات جا سڀ تفصيل مون کي ٻُڌايا اُهي ڪجهه هيئن هُئا، نور احمد ٻڌايو ته:
حسن جي حياتي جو آخري ڏينهن صُبح 9 بجي حسن جو فون آيو، هن چيو ته ”ادا مان ڳوٺان پيو اچان، رستي ۾ آهيان، هڪ ضروري ڪم آهي، توهان مون ساڻ گڏ هلي سگهو ته بهتر ٿيندو“. نور احمد چيو، ”ٺيڪ آهي“. هن چيو، ”توهان جي شهر جي ڀٽائي اسپتال پهچو....“ نور ٻڌايو ته، اُن ڏينهن حَسن، صبح ساجهر پنهنجي ڳوٺ مشائخ هوٿي ويو هو، هُن اُتي بزرگن جي مزارن تي حاضري ڏني، قبرستان ۾ مائٽن جي فاتح ڪئي، پوءِ ڳوٺ ۾ ويو، ڳوٺ وارن سان مليو، ٻارن کي پيار ڪيائين، پوڙهين سان خوش خير آفيت ڪيائين، ته اُتي، هُن هڪ غريب عورت کي سخت تڪليف ۾ بيمار ڏٺو، تقريبن 25 سالا عورت، وڏي اذيت ۾ هُئي، هُن جي پيٽ ۾ ٻار مري چڪو هو، جلد از جلد اهو ٻار ضايع نه ٿيو ته مائيءَ جو بچڻ به ناممڪن هو.
حسن، ان عورت کي پنهنجي ڪار ۾ کڻي اسپتال پهتو، پوءِ اسان گڏجي ڊاڪٽرن سان ڳالهايو، فورن علاج شروع ٿيو، مائيءَ کي داخل ڪيو ويو، حسن وٽ اٺ ڏهه هزار رپيا هُئا، جيڪي هُن في طور جمع ڪرايا.
جڏهن مائي خطري کان ٻاهر ٿي، تڏهن ڊاڪٽرن ۽ نرسن کي مائيءَ جي نگهبانيءَ جي پارت ڪري ۽ مائيءَ کي هڪ هزار رپيا ڏنائين ته متان اوچتي ڪنهن دوا يا ڪنهن شيءِ جي ضرورت پوي ته ڪم اچن، اٽڪل اڍائي بجي اسان ٻئي گهر آياسين، ماني کاڌيسين ۽ حسن ٻه گلاس لسي جا پيتا، ته همراهه کي ڳهر ٿيڻ لڳي، حسن کي پلنگ تي سمهاري پاڻ ٻئي ڪمري ۾ وڃي آرامي ٿيس. اٽڪل 5 بجي ڌاري، اسان جو پيارو دوست عُمر قاضي جنهن کي حسن مذاق ۾ ”ڪافر قاضي“ چوندو آهي، سو واچ مينهن ڪندو اچي ڪڙڪيو، هُن حسن جو پُڇيو، اُن کي اُٿاريو، عمر پنهنجي باس آفتاب ميمڻ جي ڪتاب جي مهورت، شاندار نموني ڪرائڻ جي تيارين ۾ رُڌل هو، ان سلسلي ۾ صلاح مشورو ڪندا رهيا، حسن اسپتال مان به خير خبر وٺندو رهيو، ڪچهري به ڪندا رهياسين.
عمر چيو، ”يار ٿورو شغل ڪريون“ ته حسن يڪدم چيو“، مون وٽ هيٺ ڪار ۾ ’جَنَ‘ جي بوتل پئي آهي، چئو ته کڻي اچان“. ياد رهي ته حسن جيڪو وڏو پياڪ هو، تمام گهڻو پيئندو هو، بلڪه هر قسم جو شراب، انگريزي ديسي، ٺرو هُجي يا تاڙي، جيڪو آيو سو ااَگهيو وارو حال هو، هن تمام گهڻو شراب پيتو هو ۽ پوءِ نيٺ بيمار ٿيو ۽ سندس ئي دوست ڊاڪٽر بيکا رام هن کي ڊپ ڏنو ته جيڪڏهن ان طرح پيئڻ جاري رکيئي ته تنهنجو به حال تنهن جي ئي اُن پياري دوست ياسر ڪاڇيلي جهڙو ٿيندو، ٻئي گردا فيل ٿي ويندا.
ان کانپوءِ هن شراب هڪدم بند ڪيو ۽ هاڻ مهيني ٻئي، ولائتي شراب سو به هڪ ٻه پيگ پيئندو آهي. بهرحال نور احمد چيو ته يار ’جِن‘ طبيعت کي نٿو لڳي ۽ ٻيو ته ڪالهه ٽي ويءَ تي ڏيکاريائون ته حيدرآباد جي صدر واري گُتي تان نقلي شراب ’جِن‘ پيئڻ سان ٽي چار ماڻهو مري ويا آهن، حسن چيو، ”يار مون وٽ اصلي آهي فڪر نه ڪريو“. پر نور احمد چيو ته يار نٿا پيون“. پوءِ عمر هڪ پراڻي رکيل زرڙي پنهنجي پرس مان ڪڍي سگريٽ ٺاهي، حسن ڪو نه پيئندو آهي، نور احمد به لهرائيندو آهي پر ان ٻه ٽي ڦوڪون هنيون ۽ پوءِ موڊ ۾ اچي غالب، مير داغ جا ڪلاسڪ شعر ٻڌائڻ لڳو، حَسن کي به مزو آيو ته هن به پنهنجا شعر ٻُڌايا، ڪو زمانو هو، جڏهن نور احمد کي غالب، فيض ۽ اياز جا سوين شعر بر زبان ياد هوندا هُئا ۽ اسان کي ڪلاڪن جا ڪلاڪ شعر ٻڌائيندو هو، پر هاڻ حافظو ڪمزور ٿيو آهيس، تڏهن به نور احمد جي اها خوبي آهي ته موقعي ۽ موضوع جي مناسبت سان اهڙا شعر فٽ ڪندو آهي، جو مزو اچي ويندو آهي، نور احمد پنهنجي موجوده صورتحال تي داغ جو شعر ٻڌايو.
هوش و حواص، تاب و توان، ”داغ“ جا چُڪي،
اب هم ڀي جاني والي هين، سامان تو گيا.
بهرحال، نور احمد ٻڌايو ته اسان ٽنهي ڄڻن شاندار ڪچهري ڪئي، ان دوران اٽڪل ڇهين بجي، حسن جي زال جو فون آيو ته تون ڪٿي آهين، ممي تيار ويٺي آهي، توهان کي ممي سان گڏجي مرحوم طارق عالم ابڙو جي وفات تي، هنن جي گهر پُرسو ڏيڻ وڃڻو هو، حسن کي ته اصل ۾ اها ڳالهه ئي وسري وئي هُئي، سو چيائين، ”اڙي ها، پر مان هينئر مٽياري ۾ آهيان، تون هلي وڃ“. حسن گهڻو لهرائڻ جي ڪئي، پر پوءِ چيائين، ”چڱو ڀلا مان پندرنهن منٽن ۾ پُهچان ٿو“. لاچار اُٿيو ۽ چيائين ته ”يار مجبوري آهي، پر مان هڪ ڪلاڪ اندر واپس ٿو اچان، ڇاڪاڻ ته پُرسي ۾ گهڻو وقت نه ويهبو آهي“. نور احمد چيو، ”ٺيڪ آهي بابا، سَسَ سڳوريءَ جو حُڪم آهي ۽ جيجڙي زال جو اصرار آهي ته ڀلي وڃ، پر اسين ويٺا آهيون تون اچ ته پوءِ گڏجي ماني کائون“. حسن ويو ۽ ڏيڍ ڪلاڪ ۾ واپس آيو ۽ پوءِ اسان گڏجي ماني کاڌي، اسپتال به فون ڪندو رهيو.
رات جو ٻارنهن ٿيا ته حسن جي دوست مسعود جو فون آيو، جيڪو جي او آر ڪالونيءَ ۾ رهندو آهي، ان حسن کي ٻڌايو ته، ”ڪراچي، مان اين جي او وارو همراهه آيو آهي، توهان سان ملڻو ضروري آهي، توهان اچو“. حسن چيو يار وڃڻو پوندو، اسان جي گڏيل پروجيڪٽ جو اهم معاملو آهي، نور احمد چيو ته ”يار هن وقت آڌيءَ رات جو اوڏانهن نه وڃ، صُبح جو وڃجانءِ، هينئر پاڻ ڪلاڪ ڏيڍ ڪچهري ٿا ڪريون پوءِ تون سِڌو گهر وڃج، صُبح جو وڃجانءِ، پر حسن چيو، ”نه يار مجبوري آهي هن سان ملي پوءِ اتان ئي گهر ويندس، پاڻ سُڀاڻي ملنداسين ۽ اسپتال هلنداسين“. نور احمد هن کي هيٺ ڪار تائين ڇڏڻ آيو.
ساڍي ٻارهين بجي حسن ڪار ۾ ويٺي موڪلايو تڏهين نور احمد هن کي هدايت ڪئي ته سنڀال سان وڃ ۽ هن کي روانو ڪيو، نور احمد کي وهم وگمان به نه هو ته هُو هن پنهنجي پياري شاعر دوست کي هي آخري ڀيرو ڏسي رهيو آهي!
ٻن اڍائي ڪلاڪن کان پوءِ، حَسن هن دنيا مان ئي هليو ويو.
ٿيو ائين جو حسن جي او آر ڪالونيءَ ۾ همراهن سان ٻه ڪلاڪ کن رهيو، تقريبن اڍائي بجي واپس ايندي پونم پيٽرول پمپ سامهون هوش محمد پُل جي هڪ پلر سان ڪار سامهون زوردار نموني ٽڪرائجي وئي، حَسن کي ڇاتيءَ ۾ اسٽيئرنگ جو ڌڪ لڳو هو، هن جي پاسراٽيون ٽُٽي، ڦڦڙن ۽ ماس کي زخمي ڪيو هو ۽ شايد مٿي تي به ڌڪ لڳو هئس ۽ هُو بيهوش ٿي ويو هو، بدقسمتيءَ سان حَسن کي فوري طبي امداد به نه ملي سگهي، هڪ ته ماڻهن جي بي حسي ۽ ٻيو پوليس جي ڌپ ڪري ويل نظام جي نااهليءَ، حسن جهڙي عظيم شاعر ۽ حسين جوان کي ضايع ڪري ڇڏيو، جيڪڏهن فوري طور کيس هاسپيٽل پهچائجي ها ۽ طبي امداد مليس ها ته بچڻ جا قوي امڪان هُئا.
ٻه ڪلاڪ حسن بيهوش ڪار ۾ ڦاٿل رهيو، سامهون پيٽرول پمپ وارن حادثو ڏٺو، پر ڊوڙي اچي ماڻهن جي مدد ڪرڻ بجاءِ هنن صرف پوليس کي فورن فون ڪيو، اڌ ڪلاڪ کان پوءِ هڪ موبائل آئي، جاءِ حادثي کي ڏسي چيو ته هيءُ اسان قاسم آباد وارن جي حد نه آهي، هيءَ ڪنٽومينٽ ٿاڻي جي حد آهي، اهو چئي ٻي حد وارن کي فون ڪري پاڻ هليا ويا، بجاءِ ماڻهوءَ کي بچائڻ جي هي عوام جا مددگار مُڇون وٽيندا ويا هليا، جيسيتائين ٻي حد وارا اچن حسن جي اندر ۾ بليڊنگ ٿيندي رهي، ٻه ڪلاڪن کانپوءِ هڪ ڪوچ جنهن ۾ هڪ سنڌي خاندان جي ڄڃ هُئي جيڪا ڪنوار پرڻجي اچي رهي هئي، اها اتفاق سان حادثي واري ڪار وٽ ٿورو بيٺي ته هڪ نوجوان جيڪو شهيد ڀٽو پارٽيءَ جو ڪارڪن هو اُن لهي نِمي ڏٺو، هن ٽارچ جي روشني هنئي ته هُن بيهوش حسن درس کي سڃاڻي ورتو، پوءِ ته هنن کيس هڪدم ڪار مان ڪڍي پنهنجي ڄڃ واري ڪوچ جي سيٽ تي ليٽائي سِڌو هاسپٽيل آندو، پر افسوس جو تيسيتائين ڪافي دير ٿي چُڪي هئي، انهن نوجوانن جو چوڻ هو ته اسان جڏهن هن کي ڪار مان ڪڍيو هو تڏهن هن ۾ ساهه هو، بيهوش هو پر نبض سُست رفتاريءَ سان هلي رهي هُئي، پساهه هُئا پر پوءِ اسپتال پهچڻ سان ئي هن عظيم ۽ حسين شاعر جو روشن روح پرواز ڪري ويو.