”نانگا هائوس“
هڪ ڪميون، پناهه گاهه ۽ آشرم
اسان جو ٽائيم فوٽو وارو دور ۽ نانگا هائوس وارو دور تقريبن ساڳيو ۽ گڏ گڏ رهيو. اسان دوست نُور احمد، حميد، فريد ميمڻ، عاشق علي، سليم، شيرو جيڪي ڏينهن جو پنهنجن ڪمن ڌنڌن سان هوندا هُئا ۽ شام جو، رات جو نانگا هائوس تي يا حامد منزل تي ڪچهريون ٿينديون هُيون، پروگرام ٺهندا هُئا ۽ گهمندا ڦرندا هئاسين. نانگا هائوس جنهن علمي ادبي ۽ سماجي حلقن ۾ وڏي شهرت ۽ نيڪ نامي حاصل ڪئي. اهو اصل ۾ ڇا هو؟ ۽ نانگا هائوس جي حقيقت ڇا هئي؟ نانگا هائوس جيڪو بظاهر ٻن ڇڙن مزدور ماڻهن جو غريباڻو ٺڪاڻو هو. بنا پلستر ديوارن وارو ننڍو ڪمرو يا ڪوٺي، ننڍڙو اڱڻ ۽ سوڙو ڪاڪوس، جتي شام جو ڪجهه ٻيا دوست به اچي رهاڻ ڪندا هُئا. اوطاق به چئي سگهجي ٿو. ڪجهه بد ذوقن ۽ ساڙيلن جو خيال هو ته اهو اوتارو آهي، جتي شراب، چرس ۽ ڀنگ پيتي ٿي وڃي ۽ اهو چند بگڙيل ڪافر نوجوانن جو ٺڪاڻو آهي. اصل ۾ ائين هرگز ڪو نه هو. نانگا هائوس هڪ مُقدس، آزاد آفاقي ادارو هو، ۽ هڪ اهڙو آشرم يا ڪميون جيڪو هر قسم جي رنگ و نسل، مذهب ۽ فرقي واريت جي فرق کان آجو، آزاد خيال ماڻهن جي پناهه گاهه، جتي هر فڪر، نظريي ۽ خيالن جا ماڻهو ايندا هُئا، هتي هر ڪنهن کي پنهنجا خيال پيش ڪرڻ جي آزادي هُئي. ڪا به جهل پل يا پابندي ڪا نه هُئي. هي اُها جاءِ هُئي جتي ڪنهن به ننڍ وڏائي، اميري غريبي جو فرق ڪو نه هو. مير پير سيد، زميندار هاري، آفيسر ۽ زيردست جي وچ ۾ ڪا به تفريق نه هئي. سڀ گڏجي ڪچهري ڪندا کائيندا پيئندا برابري جي بنياد تي ڳالهائيندا ٻڌائيندا ۽ ٻڌا ويندا هئا.
نانگا نالو ڇو رکيو، نانگا جو اصلي مطلب ڇا هو؟
هي اُهي نانگا ڪو نه هئا، جيڪي چريا اگهاڙا پيا هلن، يا جيڪي صفا ننگ کان نڪتل، بي مُهابا بدلڇڻا هوندا آهن، پر هي شاهه لطيف وارا اُهي کاهوڙي نانگا هُئا. جن هميشه ننگ نڀايو آهي، اُهي ڀٽائي گهوٽ وارا نانگا هُئا جن کي وطن ۽ ويڙهيچن سان مُحبت هئي، جنکي ماروئڙن، جهانگيئڙن ۽ سانگيئڙن سان پيار هو، جن جو دين ڌرم انسانيت هو، جن جو مذهب عشق و محبت هو، جيڪي جنگ جي خلاف، امن، انصاف جا داعي هئا، جيڪي سچ و حق جا راهي هئا، جيڪي علم و ادب، فڪر و دانش جا ديوانه دوست آهن، جيڪي سُڄاڻ سمجدار باشعور شهري هئا... نانگا جو مطلب هي آهي ته هر قسم جي مصنوعيت کان آجو. صاف، اصلي ماڻهو بُرائين ۽ خامين کان پاڪ اندر جو اڇو اُجهرو انسان، نانگا هائوس جي حدن ۾ داخل ٿيندڙ هر ميمبر پاڪ صاف اڇو اُجهرو ٿي ايندو هو، پنهنجي ذات پات، نسل،و حيثيت ٻاهر ڇڏي ايندو، رشتو ناتو، عهدو ۽ گريڊ جو ليبل لاهي پوءِ داخل ٿيندو، هن مقدس جاءِ ۾ نانگو ٿي ويندو، پنهنجي اصلي حقيقي صورت ۾، اندر ٻاهر هڪ جهڙو، خوبي ۽ خامي آشڪار، هن آستان تي مصنوعيت جو وجود ڪو نه هو. پنهنجي تمام خامين، خوبين، چڱاين، بُراين، گناهن، ثوابن سان ظاهر و ظهور هوندو هو، آئيني وانگر صاف ۽ شفاف اُهي نانگا جن لاءِ ڀٽائي صاحب چيو آهي:
ڪڇي ڪاڇوٽي نانگن ٻڌي نينهن جي
جهڙا آيا جڳ ۾ تهڙا ويا موٽي
تنين جي چوٽي پورب ٿيندي پڌري.!!!
1971ع ۾ نانگا هائوس، عاشق علي ۽ شير علي گڏجي ورتو هو. ڇاڪاڻ ته هي اسان جا ٻئي دوست غريب، ننڌڻڪا يتيم هئا، ٻئي رڪشه ڊرائيور، ٻنهي جو گهر گهاٽ ڪو نه هو، ڪڏهين گيريج تي ته ڪڏهين ڪارخاني تي سُمهندا هُئا، ان ڪري هنن هيرآباد جي اولهه اُتر واري ڪُنڊ مٿان، ميرن جي قُبن سان لڳ جيل روڊ تي هڪ غريباڻي ڪوٺي ۽ ننڍي اڱڻ واري جاءِ مسواڙ تي ورتي، ته اسان سڀني دوستن جو سُک ٿي پيو. نانگا هائوس جا اسان ست نانگا پڪا ميمبر هئاسين، نور احمد، عاشق علي، حميد، سليم، شيرو، امداد ۽ مان، اسان مُستقل هر روز ايندڙ هئاسين، باقي ٻيا دوست ڪڏهين ڪڏهين اچڻ وارا، عسڪري، حسن علي، پريتم، ذوالفقا رعلي، عظيم، بابل، فريد وغيره هُئا، اُنهن کان علاوه ڪيئي دوست ۽ مهمان به ايندا هُئا، حبيب الله ناريجو، جڏهين روپوش هو ته ڪجهه هفته نانگا هائوس تي رهيو هو. هڪڙي ڀيري ذوالفقار هڪ هپي کي وٺي آيو هو، جيڪو آسٽريليا جو هو، ڀٽ شاهه تي هن کي مليو ۽ هتي وٺي آيو. چرس جو ڏاڍو شوقين، سُلفين مٿان سلفيون ۽ سگريٽن ۾ وزم ڇڪيندو رهيو، اکيون ڳاڙهيون لال جهڙو رت ٿو ٽمي، اهو هپي ٽُٽل ڦٽل اردو ڳالهائي پيو سگهي. سمجهيو به وڃي، هن ٻڌايو ته هو مشرق کي ڏسڻ لاءِ سال کن اڳ نڪتو هو، تُرڪي، مصر، شام ۽ سعودي عرب کان ٿيندو هندستان ويو هو. جتي چار مهينا سڄو انڊيا گهمي پوءِ پاڪستان آيو هو. صوفي ازم جو قائل هو، ابن العربي، رومي، فردوسي، اقبال، بهلي شاهه، شاهه حُسين، فريد ۽ شاهه لطيف جو معتقد ۽ مڃيندڙ هو. عاشق علي هن کان هڪ سوال ڪيو ته ”زندگي ڇا آهي“ تڏهين هن ڪنڌ مٿي کڻي ڳاڙهين اکين سان ڏٺو، ٿورو سوچي پوءِ پنهنجي ران تي هٿ هڻندي چيو، ”هي پل“ هي وقت زندگي آهي ۽ بس، هن ٻه ٽي ڀيرا ران تي هٿ هڻندي چيو، هي لمحو جنهن ۾ پاڻ موجود آهيون، زنده آهيون، اهو وقت هي زندگي آهي، باقي ماضي گذري ويو، مري ويو، ختم ٿي ويو، ان جي اهميت ڪونهي، مستقبل جي ڪا خبر نه آهي، ڪا به ضمانت ڪونهي سڀاڻي ڇا ٿئي، آئينده ڇا ٿيڻ وارو آهي، ڪجهه نٿو چئي سگهجي. ان ڪري سڀ کان اهم قيمتي وقت هي آهي، جنهن ۾ زنده آهيون، اها زندگي آهي... اُن هپي هڪڙو واقعو ٻڌايو،ته مان جرمني ۾ پڙهندو هُئس، يونيورسٽي جي هڪ پروفيسر ذاتي طرح چرس جو تجزيو ڪيو. شاگردن جا ٻه گروپ ٺاهيا، هڪ گروپ جي ڇوڪرن کي چرس پيئاري پوءِ ليڪچر ڏنو ۽ ٻي گروپ کي بغير چرس جي، نتيجو اهو نڪتو ته جنهن چرس پيتو هو، ان گروپ ليڪچر کي تمام سُٺي طرح گهرائي ۾ وڃي جذبات کي سمجهيو. هن چيو چرس خون جي گردش کي هڪدم تيز ٿو ڪري جيڪو دماغ کي پڻ تيز حرڪت ۾ آڻي، سوچڻ سمجهڻ محسوس ڪرڻ جي رفتار به وڌايو ڇڏي، ماڻهو غير معمولي طور حساس ٿيو وڃي. اهو هپي اعليٰ تعليم يافته هو، تمام گهريون فلسفيانه ڳالهيون ڪندو رهيو. هن ٻڌايو ته هاڻ افغانستان ۽ سينٽرل ايشيا مان ٿيندو ايران ويندو جتي فردوسي ۽ رومي جي مزارن تي پهچي پنهنجي هن سير سفر جي پڄاڻي ڪندو. پوءِ اسان ٻڌو ته هو افغانستان ويو هو جتي گهريلو ويڙهه ۾ هو مارجي ويو. و الله عالم“
نانگا هائوس تي اڪثر اسانجيون ڪچهريون، سنجيده ۽ دانش مندانه هونديون هيون. دنيا ڀر جي موضوعن تي عالمانه گفتگو ٿيندي هُئي. علم ادب سائنس ۽ تاريخ، قوم وطن ۽ انسانيت تي ڀرپور دليلن ثبوتن ۽ حوالن سان ڳالهه ٻُولهه ٿيندي هُئي، جنهن مان اسان جهڙن کي سکڻ ۽ سمجهڻ جو موقعو ملندو هو. سڀ دوست ترقي پسند ۽ روشن خيال هُئا پر سڀ پنهنجا ذاتي خيال ۽ نظريه به رکندا هئا. ڪي ٺپ ڪميونسٽ ته ڪو مذهبي، ڪو تصوف جو المبردار هو ته ڪو آزاد خيال هو. سڀني ۾ هڪ ڳالهه مشترقه هئي ته سڀ محب وطن، قومپرست ۽ انسان دوست هئا، شاهه، سچل ۽ اياز جا عاشق هئا، خاص طور شاهه جي شعرن جي تشريح تفسير ۽ شرعه ائين ڪندا هُئا، جو سڄو منظر پس منظر سميت اکين اڳيان اچي ويندو هو. شاهه جي ڪلام جي باريڪين ۽ اندروني معنائن کي کولي نروار ڪندا هُئا. شاهه منظر ڪشي جو ماهر هو، سهڻي ميهار، مارئي ۽ مومل راڻو ۽ ڪيڏارو ۾، ڪربلا جو ڪوس ۽ امامن اهلبيتن سان ظلم جا داستان آهن، انهن جا منظر ماحول ۽ صورتحال جا نقشه چٽيا آهن، اسان انهن باريڪين کي کولي بيان ڪندا هُئاسين، ته ڏاڍو سٺو لڳندو هو، مزو ايندو هو. سُر سُهڻي ميهار ۾، سُهڻي جي محبوب سان ملڻ جي آند ماند، مُڙس سان بيوفائي ڪندڙ عورت کي، مُحبت جي ميدان جو هيرو، پاڪ صاف ۽ سچو ڪري پيش ڪرڻ به شاهه جو ڪمال آهي. سُهڻي جي ميهار سان ملڻ لاءِ اُڪير، انلاءِ زبردست خطرن کي به نظر انداز ڪرڻ شاهه جو انهن خوفناڪ خطرن جو بيان، اُن جي منظر ڪشي، پڙهندڙن جا وار اُڀا ٿيو وڃن. ”دهشت دم درياهه جي“ ۽ ”ڪاري رات ڪچو گهڙو اوڻٽهين اوندهائي.“
لهرن وچ ۾ لُڙهندي سُهڻيءِ جي سوچ، خيال ۽ جذبه، انهن تمام شعرن جي تشريح دوست انتهائي فهم و فراست سان ڪندا هُئا. جمالياتي حُسن جي بيان ۾ به شاهه جو جواب ناهي. ”چنڊ چوين سچ جي مٺي نه ڀائين، مُنهن ۾ ٻرئي مچ، تو ۾ ناهي پيشاني پرين جي“ يا وري هي ”سڄڻ سُتا ولهه ۾ چوٽان ڀري ڪپور“.
اهڙن ٻين ڪيترن ئي شعرن جي تفسير خُلاصو پوري وضاحت سان پيش ڪندا هُئا. نور احمد ۽ حميد کي سوين شعر ياد هوندا هُئا. نه صرف شاهه، بلڪه اياز، غالب، فيض ۽ فراز جا خوبصورت شعر ٻُڌائيندا هُئا. کين اُردو زبان تي دست رس هُئي، هُو غالب جي انتهائي مشڪل شعرن جي ”تشريع ڪري ٻُڌائيندا هئا، اسان کي سمجهه ۾ ايندا هُئا ۽ اسان کي خبر پوندي هُئي ته غالب ڪيڏو وڏو شاعر آهي.
مطلب اهو ته نانگا هائوس هڪ اهڙو ادارو هو جتي دنيا ڀرجي علم، ادب، تاريخ و سائنس جا ليڪچر ٿيندا هُئا. مختلف دوستن جي ڄاڻ ۽ ذهانت جا درياهه وهندا هُئا ۽ اسان جهڙا اڃايل ان آب حيات جا ڍُڪ ڀري سيراب ٿيندا هُئا. نانگا هائوس تي سنجيده ڪچهرين کان سواءِ، کل ڀوڳ چرچا به هلندا هُئا. ڪنهن دوست کي ٽارگيٽ بنائي مزو وٺڻ وارو سلسلو هتي به جاري رهيو. ڪنهن دوست جي ڪا ڪمزوري، ڪا خامي يا غلطي جهلي پوءِ ان کي من گهڙت ڪهاڻي بنائي، ان کي رٻڙ وانگر ڇڪي وڏو ڪري ائين پيش ڪندا، جهڙوڪر سئو سيڪڙو سچ آهي. اهو همراهه حيران پريشان بلڪه وائڙو ٿي عجيب حرڪتون ڪرڻ لڳندو هو، ۽ ٻڌڻ وارا سڀ دوست مزو وٺي پيا کُلندا هُئا...
هڪڙي ڏينهن مونکي ٽارگيٽ بنايائون، نور احمد ۽ عاشق علي، نور احمد جيڪو انداز بيان جو ماهر تنهن دوستن جي اڳيان سنجيدگي سان اسٽوري شروع ڪئي. دوستو توهانکي هڪ سچي مزيدار ڳالهه ٻُڌايان. هي غلام علي کوساڻي، عرف گُلان، جيڪو هيڏو وڏو ڊگھو گارڊر مڙس جيڪو پاڻ کي وڏي شئي ٿو سمجهي، هن جي شادي ٿي ته پهرين رات هن همراهه جي هوا ئي نڪري وئي. عاشق علي وري نور احمد کي ٽيڪو وٺرايو اڇا اهو وري ڪيئن؟ آئون حيران پريشان ته هي چون ڇا پيا.نور احمد وري ڪهاڻي شروع ڪئي. شادي واري سهاڳ رات جڏهين ڪمري ۾ ويو ٿي، تڏهين به هنکي کٽڪا هُئا ته خبر ناهي ڇا ٿيندو، همراهه بلڪل ڪورو ڪُنوارو، ڪو به تجربو ڪو نه هو. ڊپ به هو، شادي جي رسمن جي ٿڪاوٽ، اوجاڳو ۽ گهٻراهٽ ۾ همراهه کان ڪم ڪو نه ٿيو، مڙئي جهڙو تهڙو اڌورو ٽاڻو ٽري ويو، همراهه کي ڏاڍي شرمندگي به ٿي، بڇڙوَ منهن ڪري سُمهي پيو.
سڀ دوست کلڻ ۽ حيرت ڪرڻ لڳا. نور احمد چيو بابا ٻُڌو اڃا ڊراپ سين ته ٻُڌو، گهوٽ صاحب صُبح جو اُٿي سڌو ويو پڻس وٽ، ان کي چيائين، بابا منهنجي مُڙسي خبر ناهي ڇو ختم ٿي وئي آهي. رات جو مونکي شرمندگي ٿي آهي. هن جي والد حيران ٿي چيو، بابا ڇا پيو چوين، ڇا آهي، بابا منهنجو علاج ڪرايو، مُڙسي ڇو گهٽ ٿي وئي آهي. پڻس زماني جو ماڻهو هو سمجهي ويو، تنهن چيو پٽ ڪُجهه ڪونهي. سهي ٿي ويندو. پر هي همراهه چوي ڊاڪٽر کي ڏيکاريون. تڏهين پڻس چيو بابا ڪجهه ڪونهي ائين ٿيندو آهي، ٻه ٽي ڏينهن ۾ سڀ ڪجهه سهي ٿي ويندو، تون پريشان نه ٿي، وڃ بي فڪر ٿي. اُها هُئي حالت هِن همراهه جي... سڀ دوست کِلڻ مذاق ڪرڻ لڳا. مون چيو، اهو سڀ ڪوڙ آهي، يار توهان ايڏو غليظ مذاق ٿا ڪريو، ڪوڙ ۽ الزام ٿا هڻو... منهنجي سنجيدگيءِ تي دوست وري وڌيڪ پيا کِلن. ٽارگيٽ جو مقصد اهو هوندو آهي ته انکي جوش ۾ آڻي، جذباتي ڪن، ناراض ٿي وڃي همراهه. نانگا هائوس تي تفريحي راند لاءِ واحد ڪيرم بوڙڊ هو، پڪوڙن ۽ چانهه جي شرط تي مزيدار مقابلا ٿيندا هُئا، جڏهين ڪنهن کي ڪيرم بوڙڊ راند رهڻي هوندي هُئي ته چوندو، آ شيرا اڄ ٿي وڃي هٿ هٿ! يا سليم چوندو عاشق علي کي، اچ ته هٿ هٿ ڪريون، گُلان پڪوڙن جي شرط ٿي وڃي. هٿ هٿ، عاشق علي ۽ شيرو، نانگا هائوس جا مستقل رهائش هئا، سي پاڻ ۾ به کُل ڀوڳ چرچا ڪندا هُئا. هنن کي پنهنجو واش روم ليٽرن پاڻ صاف ڪرڻو پوندو هو، پاڻي جي بالٽي ڀري ڪموٽ ۾ هاريندا هُئا. ان عمل کي پنهنجي مهذب انداز ۾ هيئن چوندا هُئا. عاشق علي چوندو: ”يار شيرا، بندرگاهه تي حاجي گهڻا گڏ ٿي ويا آهن، تون هنن کي الوده چئي مڪي روانو ڪري اچ ۽ ها، انهن کي نصيحت به ڪجان ته مسلمانو مڪه جا ڪر عبادت ڪرنا، ڪوئي چوري شوري نه ڪرنا. (ياد رهي ته اهو جملو فوجي حڪمران ڪراچي بندرگاهه تي حاجين کي الوداع ڪندي چيو هو).“
نانگا هائوس جي هيٺان، مالڪ مڪان محمد جي غريباڻي هوٽل هُئي، جنهن ۾ چانهه ۽ ٻوڙ ماني هلائيندو هو، سو صُبح جو سوير جڏهين هوٽل کوليندو هو ته پنهنجي ٽيپ رڪارڊ تي پهريون گانو وڏي آواز سان هلائيندو هو. ”اي مئولا علي اي شير خدا، ميري ڪشتي پار لگا دينا“ ۽ پوءِ وري رات جو جڏهين هوٽل بند ڪندو هو، تڏهين آخري گانو وري هي هلائيندو هو، ”ڊوبا تارا اُميدون ڪا سهارا، ڊوب گيا“.... تڏهين عاشق علي چوندو، ابا هاڻ محمد هوٽل بند پيو ڪري، چانهه وغيره گهرائڻي هجي ته وٺي لايو.
سليم صاهٻ، يونائيٽيڊ بئنڪ جو مئنيجر هو، هن جي بدلي ٿي خيبر برانچ، هُنجو ڪئيشر، سيڪنڊ آفيسر فريد ميمڻ اهو به اسان جو دوست هو، سو هي ٻئي گڏجي پهرين ايندا نانگا هائوس تي، هوٽل واري محمد کي چانهه چئي مٿي اچي ڪيرم بوڙڊ راند شروع ڪندا هُئا. پوءِ روزانو دير سان ڪڏهين يارهين ته ڪڏهين ٻارهين بجي ويندا هُئا، تيستائين چوڪيدار ۽ پٽيوالو بئنڪ کولي ويٺا هوندا هُئا، ماڻهن کي به خبر هُئي ته ٻارهين کان پوءِ صاحب ايندا. سو هڪ ڏينهن، ڪيرم ۾ ايڏو ته محو هُئا جو هڪ ڏيڍ اچي ٿيو. عاشق علي هنن کي چيو اڙي يار هي توهان ڇا ٿا ڪريو، ”اُٿو وڃو بئنڪ کوليو بڻيان ڪريو ڇا پيا! تنهن تي سليم صاحب چيو، يار اڄ بئنڪ ڪو نه ٿا کوليون، اڄ نٿا هَلون، فريد چيو سر جيڪا توهان جي مرضي، عاشق علي چيو اڙي هي بئنڪ آهي، ڪو بابا جو هٽ ڪونهي جو اڄ نٿا کوليون، اڙي ڇو اچي ڦٽي آهي توهان جي.
توهان نوڪريون وڃائيندا، بند ڪريو اهو ڪيرم اُٿو ۽ وڃو. ٻين بجي عاشق علي هنن کي زوري روانو ڪيو، هي همراهه موٽر سائيڪل تي ويا، ڪلاڪ کن اُتي هُئا، هڪ ٻه گراهڪ نپٽائي وري واپس آيا، نانگا هائوس تي هيٺان هي پڪوڙا روٽيون وٺي چانهه چئي اچي وري ڪيرم راند ۾ لڳي ويا. عاشق علي نانگا هائوس جو هڪ مزيدار واقعو ٻُڌايو. نانگا هائوس جي ڀر ۾ هڪ ٻي به ڪوٺي هُئي. جنهن ۾ هڪ اڪيلو بنگالي بابو رهندو هو، عمر مڙئي پنجاهه جي ويجهو، ماڻهو مڙئي چڱو هو، اُنهن ڏينهن شهر ۾ ڪرفيو لڳل هو، سنڌي مهاجر فساد هُئا، عاشق علي ٻُڌايو، آئون ۽ شيرو دروازي وٽ بيٺا ڪرفيو جو جائزو وٺي رهيا هئاسين، اسان جي ڀر ۾ ڌڪيءِ تي پنگالي ويٺو هو، تنهن هنن کي چيو، بابا بهت سخت ڪرفيو هي. ابهي ٿوڙي دير پهلي سامني سي دو بندون کو فوج پڪڙ ڪي ليگئي وه بيچاري اپني گهر کي پاس کڙي ٿهي، خير اسان اندر وڃي ويٺاسين مس ته ٻاهر ڪجهه هڪلون ۽ گهوڙ ٿيو، اسان يڪدم ٻاهر آياسين، ڏٺوسين ته پنگالي بابو کي فوجي کڻيو پي ويا. پنگالي ڏاڍي حسرت سان اسان کي ڏسي رهيو هو، اسان اندر اچي کِل ۾ ٻڏي وياسين.
نانگا هائوس جي ڪيئي يادگيرين مان هڪ اها به آهي، ته سليم اچي ڪجهه وقت نانگا هائوس تي رهيو هو. سليم صُبح جو بئنڪ ويندو هو، شام جو مُنهنجي گهر يا نور احمد وٽ، رات جو نانگا هائوس تي سڀ ڪچهري ڪندا هئاسين، سليم جيڪو هميشه خوش پوشاڪ ۽ نفيس ماڻهو هو. سليم ڪپڙا لٽا هميشه بهترين پائيندو هو، پينٽ شرٽ سان گڏ سفاري سوٽ ۾ ڏاڍو ٺهندو هو. عطر يا سينٽ لڳائڻ“ صاف سٿرو رهڻ پسند ڪندو هو. نانگا جو ليٽرن تمام ننڍو ۽ بلڪل بند، گرمين ۾ جيڪو حاجت پوري ڪرڻ ويندو هو ته پگهر ۾ شم ٿي نڪرندو هو، سليم کي اها ڳالهه بلڪل پسند ڪو نه هُئي. هو چوندو هو ته يار صُبح صُبح ماڻهو ليٽرن ۾ اڪيلو ويهي سڪون سان نه صرف حاجت پوري ٿو ڪري پر ان سان گڏ، سوچ ويچار به ٿو ڪري. رٿابندي ۽ پروگرام ٿو ٺاهي يا اخبار ٿو پڙهي، ان ڪري ليٽرن پُرسڪون ۽ آرامده هجڻ گهرجي. سو ڇا ڪيو جو ديوار تي لڳائڻ وارو ننڍرو پنکو وٺي آيو ۽ اچي ليٽرن ۾ لڳرايو.
نانگا هائوس واري دور ۾ اسان ڪيئي سير سفر ڪيا، گرمين ۾ کيسانو موري جي واهن ۾ وهنجڻ ويندا هُئاسين، سليم صاحب اهي ٽوئر مئنيج ڪرڻ ۾ ماهر هو، هو ئي پروگرام ٺاهيندو هو ۽ سڀني کي خاص طور اسان ٻڄڙيوالن کي زوري گهرن مان ڪڍندو هو، فروٽ يا انبن جا ڪريٽ وٺندو پوءِ کيساڻي موري تي وهنجڻ ۽ انب کائڻ جو مزو ئي پنهنجو هو. هڪ ڀيرو اسان سڄي جسم تي واري ملي مٽي جا ماڻهو بنيا هئاسين، اسٽيچو بنجي فوٽو ڪڍيا هُئاسين ڇا ته خوبصورت دور هو. اڄ جڏهن به هيرآباد مان نانگا هائوس واري جاءِ وٽان گذرڻ ٿئي ٿو ته نانگا هائوس جو نالو نشان نظر نه ٿو اچي. البته ان جاءِ تي هڪڙي مسجد ۽ هڪڙو ڪاٺين جو ٽال ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته مون کي اردو جو عظيم ترين شاعر غالب جو گهر ياد اچي ٿو. جنهن کي غالب جي وفات پڄاڻان ڪاٺين جو ٽال بنايو ويو هو. اڌ صديءَ کان پوءِ هندوستان جي مشهور پارسي فلم پروڊيوسر ۽ ڊائريڪٽر سهراب مودي ان کي خريد ڪري وري نئين سر غالب جو گهر بنايو ۽ هاڻي ڀارت سرڪار ان گهر کي قومي يادگار قرار ڏيئي غالب جي شان مطابق تعمير ڪرايو آهي. اقليم سخن جو بادشاهه غالب جنهن لاءِ ڪنهن اديب ۽ دانشور چيو آهي ته هندوستان ۾ ٻه آسماني ۽ الهامي ڪتاب نازل ٿيا: هڪڙا ڌرمي ڪتاب ويد ۽ ٻيو ديوان غالب.
آئون ان گم شده نانگا هائوس تي نظر وجهي زيرلب غالب جو شعر جهونگاري تکو تکو اڳيان نڪري وڃان ٿو.
“هر اک مکان کو هے مکين سے شرف اسد
مجنون جو مرگيا هے تو جنگل اُداس هے”