”روزگار ۽ ٽائيم فوٽوز اسٽوڊيو جو آغاز“
جڏهين نور احمد ۽ مان گڏ هڪڙي بلڊنگ حامد منزل ۾ رهڻ لڳاسين، تڏهين هن هڪ تجويز ڏني ته پاڻ ٻئي گڏجي ڪو بزنس ڪريون، نور احمد چيو ته پاڻ هيرآباد ۾ بهترين فوٽو اسٽوڊيو کوليون، فوٽو گرافي به ڪريون ۽ فوٽو اسٽيٽ جي مشين به رکون، مونکي به اها تجويز ته پسند آئي، پر هن ڪم مان اڻ واقف هُئاسين، نور احمد چيو ته ڪم سڀ ڪاريگر ڪندا، پاڻ صرف فوٽو گرافي سکي وٺنداسين. مُنهنجي اندر ۾ ته اڳي ئي آرٽ ۽ فن جا جيوڙا هُئا، جو ساز آواز ۽ آرڪيسٽر جو شوق رهيو هو. سو مون به ها ڪئي. پوءِ اسان ٻنهي ڄڻن پنهنجين زالن جو ڪجهه سون وڪيو ۽ ڪجهه بئنڪ ۾ گروي رکيو. هيرآباد جي سڀ کان اهم ۽ خوبصورت چوراهي تي ٻه دڪان گڏ مسواڙ تي وٺي انهن کي وچ مان ملاءِ هڪ ۾ اسٽوڊيو ٺاهيو ۽ ٻيو شوروم بڻايو، ان جي مٿان دو ڇتي هُئي، جتي فوٽو ٺاهڻ جون مشين ۽ ڪاريگر ڪم ڪندا هُئا، ڪئمرائون ۽ ٻيو فوٽو گرافي جو سامان ڪراچي مان خريد ڪيو، هڪ مهاجر فوٽو گرافر ڇوڪرو اسان پگهار تي رکيو ۽ ڪم شروع ڪيو. اسان پنهنجي هن اسٽوڊيو جو نالو ٽائيم فوٽوز رکيو TIME Photos هاڻ اسانکي سواءِ ڪئميرا جو بٽڻ دٻائي فوٽو ڪڍڻ جي ٻيو ڪجهه ڪو نه ٿي آيو.
اسان کي فوٽو گرافي جو شوق ته گهڻو هو، پر فوٽو ٽيڪنڪ، فوٽو ميڪنگ جي الف بي جي به خبر ڪا نه هُئي. ان مهاجر ڪاريگر اسان اناڙين کي ڪافي بيوقوف بڻايو ۽ لُٽيو، اسانکان فوٽوز خراب ٿي ويندا هُئا، هڪ ماڻهو جا ٻه ٽي فوٽو ڪڍندا هُئاسين ته من ڪو هڪ درست اچي، ظاهر آهي نقصان ٿيڻ لڳو، اسان ڏاڍا پريشان هُئاسين، تڏهن اسان کي اوچتو هڪ بهترين ماڻهو مليو. اُستاد معشوق علي 70 سال کن عمر، رٽائرڊ هو، پنجابي سنڌي هو، جواني ۾ لاهور جو فلمي فوٽو گرافر رهيو هو، ڪيئي وڏن اداڪارن ۽ مشهور فلمن جا فوٽو به هن ڪڍيا هُئا. حيدرآباد جي سڀ کان وڏي پراڻي ۽ مشهور پيرامائونٽ فوٽو اسٽوڊيو جو سينيئر فوٽو گرافر ۽ فوٽو پرنٽنگ ۽ ميڪنگ جو بهترين ڪاريگر هو. اُستاد معشوق بزرگ ماڻهو هو. ڪم ڇڏيو ويٺو هو، پر هن اسان جي بُري حالت ڏسي ۽ ٻيو ته هن فيلڊ ۾ پهريان سنڌي نوجوانن جي همت افزائي ڪرڻ لاءِ، اسان جي مدد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، اسان به هنکي سٺو پگهار ۽ ڪجهه سهوليتون ڏنيون ته هو تيار ٿي ويو. استاد تمام سُٺي سنڌي ڳالهائيندو هو، هنکي به سنڌ ۽ سنڌين سان محبت هُئي.استاد معشوق جي، اسان به ڪاريگر يا نوڪر نه پر پنهنجي بُزرگ واري عزت ڪندا هئاسين، مان ابتدا ۾ ئي استاد جي شاگردي اختيار ڪئي. باقاعده استاد کان شاگردي جو سڳو ٻڌرايو. مٺائي ورهائي، استادي قبول ڪئي، پوءِ ته اُستاد مونکي باقاعده اُها ٽيڪنڪ سيکارڻ شروع ڪئي. جيڪا ڪي مهاجر ڪاريگر ڪنهن کي نه ٻُڌائيندا هُئا. اسان فوٽو گرافي جا ڪتاب به پڙهڻ شروع ڪيا. استاد جي مان خدمت ۽ عزت ڪندو هُئس، هنجي به مون سان دل لڳي وئي. پوءِ ته استاد مونکي فلمي فوٽو گرافي، ماڊلنگ، سنيپ شاٽ، گروپ فوٽوز ۽ سينريز ۽ لينڊ اسڪيپ فوٽو گرافي جا اهي گُر سيکاريا جيڪي ناممڪن هُئا. انکان سواءِ فوٽو ٺاهڻ، فلم ڊيولپ ڪرڻ، پرنٽ ۽ ٽچنگ ڪرڻ، فنشنگ ۽ ڪلر ڪرڻ، مطلب ته هر شئي ۾ مونکي ماهر بنائي ڇڏيو.
اسان حيدرآباد جا پهريان سنڌي فوٽو گرافر هئاسين، اهڙي ايڊور ٽائزمينٽ اسان سُهڻي رسالي ۾ ڏني، جنهنکي طارق اشرف نمايان جاءِ تي ڇپيو. اسان ايڊ ۾ لکيو ته حيدرآباد ۾ پهريون محب وطن سنڌين جو فوٽو اسٽوڊيو ٽائيم فوٽوز هيرآباد حيدرآباد سنڌ. پوءِ ته سائين سڄي سنڌ مان اسان وٽ سنڌي اچڻ لڳا. خاص طور تي حيدرآباد جا سنڌي، اديب شاعر دانشور فنڪار ۽ اداڪار اچڻ لڳا، حيدرآباد جا سنڌي ادارا سنڌ يونيورسٽي، سنڌيالاجي، سنڌي ٻولي ثقافتي ادارا اسان کي ڪم ڏيڻ ۽ تعاون ڪرڻ لڳا، سنڌي ليڊر قومپرست رهنما ڪارڪن ۽ ڪامريڊ به اچڻ لڳا. ڪجهه عظيم هستيون به ٽائيم فوٽوز تي آيون. محترم ابراهيم جويو، مولانا غلام محمد گرامي، جناب رسول بخش پليجو، نياز همايوني، جناب عبدالواحد آريسر، امداد حُسيني، سائين حيدر علي لغاري، محترم امر جليل، طارق اشرف، ع، ق شيخ، جناب مُراد علي مرزا ولي رام ولب، پربو ناشاد، غلام نبي مُغل، نصير مرزا طارق عالم ابڙو ڀائر، سائين عالم شاهه، سائين جي ايم سيد جا فرزند، عُمر قاضي، شاهه محمد شاهه، اسان وٽ تقريبن سڀني پارٽين، گروپن جا ليڊر ۽ ڪارڪن ايندا هُئا. اسان ساڻ سڀني تعاون ڪيو. اڪثر شام جو، ڪي نه ڪي دوست، اديب شاعر ۽ فنڪار ايندا هُئا، گرمين ۾ ٻاهر اسٽول ڪڍي فٽ پاٿ تي هيرآباد جي هوائن ۾ ڪچهريون ڪندا هُئا. جويو، گرامي صاحب، مراد علي مرزا، ع، ق شيخ، سائين حيدر علي لغاري صاحب، جهڙين عظيم شخصيتن به اچي اسان کي مان بخشيو هو. اها اسانجي خوش قسمتي هُئي جو سڀني اهم شخصيتن ۽ ادارن اسان ساڻ تعاون ڪيو ۽ فوٽو گرافي جو ڪم اسان کي ڏيندا هُئا. اُن وقت سنڌيالاجي جو ڊائريڪٽر مُحترم غلام علي الانه صاحب جن هُئا. اُنهن اسان کي سنڌيالاجي ۾ فوٽو گرافر جي جاب جي آفر ڪُئي، جيڪا ادا نور احمد پاڻ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. حالانڪ مونکي به شوق هو، پر ادا نور احمد ارادو ڪيو ته مون اهو فيصلو قبول ڪيو. پر افسوس جو چند مهينن بعد، نور احمد اها جاب ڇڏي ڏني. الانا صاحب سان هلي نه سگهيو، ڪنهن ڳالهه تان ناراض ٿي ڪاوڙ ۾ نوڪري ڇڏي ڏني. مونکي ڏاڍو افسوس ٿيو. اهڙي بهترين نوڪري، اهڙي عظيم اداري جي جاب هُئي. مون پوءِ الانا صاحب کي چورايو ته اها جاب مونکي ڏيو مان ڪندس، پر نور احمد الانه صاحب کي اهڙو تپايو هو جو هن چيو، تون به هنجو پاٽنر، ساٿي ۽ مائٽ آهين، تون وري ڪهڙو چڱو مڙس هوندين، تون به اهڙو هوندين، اهو جواب ڏئي الانه صاحب انڪار ڪري ڇڏيو. بحرحال“
اسانجو ٽائيم فوٽوز هاڻ تمام سٺو هلي رهيو هو. نور احمد ۽ مُنهنجي سخت محنت سان ڪاميابي ملي رهي هُئي. نور احمد جيئن ته وڏو هو. ماسا به هو، مان عزت احترام ڪندو هُئس، وڌيڪ ڏکيا ڪم مان ڪندو هُئس، پَري جا آئوٽ ڍور پروگرام مان ڪندو هُئس، آئوٽ ڊور فوٽن جي پرنٽنگ به مان ڪندو هُئس، فوٽو ڪڍڻ ته آسان آهي، پر فوٽو ٺاهڻ وڏو نازڪ مسئلو آهي. اسٽوڊيو جا فوٽو استاد معشوق علي ٺاهيندو هو، هُو نه ايندو هو ته پوءِ مان اهو ڪم ڪندو هُئس فوٽو ڪڍڻ کانپوءِ فوٽو تيار ٿي اچڻ لاءِ ڪيترن نازڪ مرحلن مان گذري پوءِ تيار ٿيندو آهي. مطلب ته هاڻ اسان ماهر فوٽو گرافر بڻجي ويا هئاسون. اسان جي هاڪ شهر ۾ ۽ پري پري تائين پهتل هُئي.
ڀُٽو صاحب جو دور هو، پيار علي الانه صاحب وزير تعليم هو. انهن هڪ انٽرنيشنل سيمينار ڪوٺايو. ”سنڌ صدين کان“ “sindh through Centuries” پوري هڪ هفتي جو سيمينار، جنهن جا ڪيئي سيشن ۽ مختلف پروگرام رٿيا ويا. هُئا. ان لاءِ سڄي دنيا مان وڏن وڏن عالمن، دانشورن، تاريخدانن ۽ فلسفين کي دعوت ڏئي سڏايو ويو هو. مهمانن کي تاريخي ماڳن جو سير به ڪرايو ويو، موهن جو دڙو، منصوره، ڀنڀور، ڪاهوءِ جو دڙو وغيره ڏيکاريائون. پر انهن مهمانن کي سنڌ جي مڪمل تهذيب ثقافت ريتون رسمون، رهڻيون ڪرڻيون، ڪم ڪار ۽ ڪاروبار، ڪپڙا، لٽا ۽ زيور، سنڌي ماڻهن جا چهرا، فيسز وغيره اهو سڀ ڏيکارڻ لاءِ تصويري نمائش جو انتظام ڪيو هو، اهي تصويرون ڪڍڻ لاءِ چار فوٽو گرافرن کي منتخب ڪيو ويو هو، عاشق عارباڻي، طارق ابڙو، نور احمد ۽ مان، انهن ٽن ڄڻن سڄي سنڌ جا دورا ڪيا، لاڙ، اُتر، اپر، ٿر ۽ وچولو جي ماڻهن، تهذيب ۽ ثقافت جا فوٽو ڪڍي آيا ۽ پوءِ مون انهن جا فوٽو ٺاهيا. هزارين فوٽو ٺاهيا ويا. پوءِ اُنهن مان چونڊي اهم تصويرن جا وڏا وڏا فوٽو ٺهرايا. جيڪي ڪراچي ۾ نمائش ۾ رکيا ويا. اهو وڏو تاريخي ڪم هو، جنهن ۾ اسان جو به حصو ۽ ڪردار رهيو...
ان کانسواءِ اسان هڪ ٻيو به اهم قومي ڪم ڪيو.
نور احمد تجويز ڏني ته، سنڌ جي عالمن، اديبن، شاعرن، دانشورن ۽ فلسفين جي تصويري البم تيار ڪجي.
اسان پنهنجي شوق سان اهو پروجيڪٽ شروع ڪيو. ان اهم ۽ مبارڪ ڪم جي ابتدا اسان محترم شيخ اياز جي تصويرن سان ڪئي. اُنهن ڏينهن شيخ اياز حيدرآباد آيل هئا ۽ هوٽل فاران ۾ ترسيل هُئا. اسان وقت وٺي، هوٽل تي وڃي فوٽو ڪڍيا هُئا. انهن تصويرن مان هڪ ڏاڍي مشهور ٿي هُئي، جنهن ۾ شيخ صاحب کاڏي تي هٿ رکي. ڪنهن گهري سوچ ۾ نظر اچن پيا.
ٽائيم فوٽوز واري دور ۾، مون سان هڪ عجيب واقعو پيش آيو، هڪ ڏينهن شام جو مان اڪيلو ويٺل هُئس، هڪ ڪار اچي بيٺي. ان مان چاليهه سالن جو سنڌي وڏيرو ٽائپ ماڻهو لٿو، ڪلف لڳل سلوار قميس پاتل همراهه اندر آيو، سلام ڪري اچي ويٺو چيائين، گهر تي ڪجهه فوٽو ڪڍائڻا آهن. مون پُڇيو، سائين ڇا ڪا تقريب آهي، چيائين نه نه ڪا تقريب ناهي، بس ائين ڪجهه تصويرون ڪڍائڻيون آهن. مون پڇيو گهڻيون تصويرون، هن چيو بس چار پنج فوٽو ٿيندا. مون چيو سائين چار پنج تصويرن لاءِ اسان ڪو نه هلنداسين، توهان هتي اسٽوڊيو تي ڪڍرائي وٺو. هن چيو نه ادا، فوٽو گهر تي ڪڍائڻا آهن. توهان پنهنجي پوري في وٺو ۽ فوٽو ڪڍي ڏيو. عام طور اسان ڪنهن تقريب جا پنجويهه پنجاهه فوٽو ڪڍندا هئاسين ته ويهه رپيا هڪ ڪاپي جي حساب سان پئسا وٺندا هُئاسين، مون چيو سائين پنج سئو رپيا في ٿيندي، پنج ست تصويرون ڪڍي ڏينداسين، هن يڪدم پنج سئو جو نوٽ ڪڍي ڏنو. حالانڪ مون تمام گهڻا پئسا چيا هُئا، هن چيو ته ٺيڪ آهي، پر فوٽو رات جو ٻارهين بجي ڪڍڻا آهن، گڊس ناڪي تي گهر آهي. اتي مونکي ٿوري حيرت ٿي، پر مون اوڪي ڪيو، هن چيو توهان هي هڪ سئو رپيا رڪشه جو ڀاڙو وٺو، ساڍي يارهين بجي فردوس هوٽل تي اچو، اتان اسان توهانکي وٺي هلنداسين، مان پهتس فردوس هوٽل تي، ٿوري دير ۾ همراهه آيو، مونکي وٺي هوٽل جي پٺيان هڪ چنڱيرڙي جاءِ ۾ وٺي آيو، اوطاق ۾ ويهاريو، همراهه پاڻ مون لاءِ چانهه، بسڪيٽ کڻي آيو، ٻي ڪا به پهر نظر ڪو نه ٿي آئي. ٻارهن ٿيا ته مون چيو سائين هاڻ جلدي ڪريو، چيائين حاضر، ائين چئي اندر هليو ويو، ته اڌ ڪلاڪ گُم هو، مونکي ٿورو ڪنفيوز به لڳو. خير آيو ۽ چائين اچو آئون ڪئمرا وغيره تيار ڪري اٿيس، تڏهين هن منهنجي ڪُلهي تي هٿ رکي چيو اندر هڪ عورت سُتل آهي، مان ان جي پاسي ۾ ويهندس پوءِ فوٽو ڪڍجو مونکي ڏاڍو عجيب لڳو مون چيو هل، هڪڙي ڪمري جي ٻاهران بيهي وري سرگوشي واري انداز ۾ چياين، اندر مان هنجي پاسي ۾ ليٽندس ۽ ٻانهن مٿان ورائيندس تون اهڙي طرح فوٽو ڪڍج جيئن هوءِ مُنهنجي ڀاڪر ۾ نظر اچي، بس جلدي ۾ هڪ ٻه فوٽو ڪڍي وٺجانءِ. آئون وائڙو ٿي پيو هنکي ڏسان ته چوي ڇا پيو. مون چيو سائين اهو ڇا پيا چئو، ائين ڪيئن ٿيندو، چيائين ٿيندو ٿيندو بس تون اچ ۽ اهڙي طرح فوٽو ڪڍ جو هوءِ ڀاڪر ۾ نظر اچي ۽ هُن جي شڪل به صاف ڏسڻ ۾ اچي. اهو خاص خيال رکج. مان ڪجهه چوان، انکان اڳ هو مونکي ٻانهن کان وٺي اندر داخل ٿيو مون سوچيو اندر ڏسان ته سهي ڇا آهي. اندر ڏٺم، هلڪي روشني ۾ پلنگ تي هڪ نوجوان ۽ خوبصورت ڇوڪري بيخيري ۾ ننڊ پيل هُئي هن جو چهرو مُنهنجي طرف هو، همراهه پرئين پاسي کان ڦري پلنگ تي ويٺو، هن جي ڀر ۾ ليٽڻ تي هو ته ڇوڪري ۾ ٿوري چُرپُر ٿي، اوڏي مهل مُنهنجي دماغ ۾ خطري جي گهنٽي وڳي، غلط آهي هي سڀ، هي بدمعاش هن ڇوڪري کي بليڪ ميل ڪندو، ان گناهه ۾ مان ڇو شامل ٿيان، مان هڪدم ٻاهر نڪري آيس، هو منهنجي پويان آيو ۽ چيائين هوءِ سُتل آهي، گهري ننڊ ۾، جلدي ڪو نه اٿندي، بس تون پريشان نه ٿي ۽ اچ. مون اوڏي مهل کيسي مان پنج سئو ڪڍي هنجي هٿ تي رکيا ۽ چيو هي ڪم مونکان ڪو نه ٿيندو، اهو سڀ غلط آهي. مان وڃڻ لڳس ته مونکي روڪڻ ۽ منٿون ڪرڻ لڳو. يڪدم ٻيو به پنج سئو جو نوٽ ڪڍي چيو اچي هي هزار رپيا وٺ ۽ رڳو هڪڙو فوٽو ڪڍي ڏي. مون پويان مُڙي به ڪو نه ڏٺو، تڪڙو تڪڙو گهر مان نڪري روڊ تي آيس، رڪشه ۾ چڙهي واپس گهر آيس...
اسان جي اسٽوڊيو تي هر قسم جا ماڻهو فوٽو ڪڍرائڻ ايندا هُئا. عورتون مرد، ڇوڪريون، ڇوڪرا ۽ فئمليون به اينديون هيون. ڪجهه آواراه ۽ دل ڦئنڪ حسينائون به اينديون هيون، جيڪي پنهنجي ادائن نازن ۽ نخرن سان ڪوشش ڪنديون هيون. ته همراهه ڦاسي ته فائدو حاصل ڪن. پر اسان عهد ڪيو هو ته اسٽوڊيو تي ڪڏهين به ڪو غلط ڪم هرگز ناهي ڪرڻو. ظاهر آهي، اسان جو روزگار هو ۽ پڻ ڪردار هو، جنهن کي داغدار ڪو نه ڪرڻو هو. ان ڪري اهڙين ڇوڪرين کي حد کان وڌڻ ڪو نه ڏيندا هُئاسين ۽ انهن جي حرقتن کي رد ڪري، سختيءِ سان پيش ايندا هئاسين. ڪُجهه عورتون ۽ ڇوڪريون اهڙيون به اينديون هيون، جيڪي شريف ۽ ڏکويل هونديون هيون، ڪڏهين پنهنجا ڏک سور به اورينديون هيون....