دل ۾ رنل لڙڪ
ڳاڙهاڻ آهي ٿي وئي،
ٿيو آ ڪٿي قتلام ڪو.
نون لفظن ۾ موجوده صورتحال جو جيڪو چٽ چٽيو ويو آهي. اهو چٽو/اڻ چٽو اسان جي آڏو اچي ٿو وڃي. چٽو ان ڪري جو جو:
ڳاڙهاڻ آهي ٿي وئي.
ڳاڙهاڻ چٽي آه. اڻ چٽو انڪري جو:
ٿيو آهي قتلام ڪو.
“ڪٿي” ۽ “ ڪو” اڻ چٽو آهي. جيتوڻيڪ پرنٽ ميڊيا ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا سڄي دنيا ۾ ٿيندڙ رتو ڇاڻ اسان جي آڏو آڻي ٿي. ان سڄي دنيا ۾ سنڌ به شامل آهي، فاٽا به، عراق به، افغانستان به، ۽ اها ڳاڙهاڻ ئي شاعر جي احساسن تي ڇانئجي ٿي وڃي!. پر اها ڳاڙهاڻ موجوده رتوڇاڻ کان به اڳي. ايامن کان تاڻيل آهي. ڪربلا کان بينظير ڀٽو جي شهادت تائين، پر ان کان به اڳي هابيل قابيل کان وٺي شاعريءَ ۾ تجربو ضروري آهي. پوءِ اهو ڪامياب ٿئي ٿو،نه ٿو ٿئي. ته اها الڳ ڳالهه آهي.هڪ اهو تجربو ڪيو ويو غزل ۾ ته پهريون لفظ قافيي طور رکي باقي سٽ رديف رکي وئي. ان تجربي جي تقليد پڻ ڪئي وئي. صابر جي موڪليل ڪلام ۾ به هڪ اهڙو غزل آهي:
جنهن مان هي شعر چونڊيو اٿم:
جنت جهڙي دل جي شهر۾،
رستا تنهنجي نانءُ هلي آ.
مٿي مون شعر چوڻ/ پڙهڻ کي سٺي ڳالهه چيو آهي، پر مون کي شعر تي لکڻ به سٺو لڳندو آهي ۽ انهن ۾ هر قسم جو شعر اچي ٿو وڃي، سٺو توڙي نه سٺو ٻنهيءَ تي. ڇاڪاڻ ته مون کي هر قسم جو شعر پڙهڻو پوندو آهي ۽ ان تي لکڻو پوندو آهي. پوءِ ڪڏهن اهو لکيو ڇپيو آهي ته ڪڏهن نه به ڇپيو آهي. جڏهن به ڪو شعر پڙهندو آهيان ته ڪٿي ڪٿي مارڪنگ به ڪندو آهيان. مثال طور صابر جو غزل نغما نغما منهنجون سوچون، جلوه جلوه منهنجون سوچون: ڪنهن جا جلوه!؟ ان ۾ هڪ شعر آهي:
جذبن جي مان وادي آهيان،
پڙلا پڙلا منهنجو موجون.
جڏهن ته لفظ“ پڙلاءُ” آهي پر هتي قافيي جي مجبوري آهي. اهو سرائڪي جو به اثر ٿي سگهي ٿو. سرا.ڪيءَ جو سنڌيءَ تي ۽ سنڌيءَ جو سرائڪيءَ تي اثر فطري آهي، پر ٻوليءَ جو مزاج به ڌيان لهڻي.
صابر پنهنجي جيڪا شاعري مون ڏي موڪلي آهي. اها پابند صنف تي اَڌارڪ آهي ۽ ان ۾ به گهڻا غزل آهن. پابند شاعري جون پنهنجيون تقاضائون آهن ۽ غزل جي صنف جا پنهنجا لوازمات آهن. صابر انهن تقاضائن ۽ لوازمات من جي پوري ڪوشش ڪئي آهي. اها سارهه جوڳي ڳالهه آهي ته هڪ شاعر جن سوچون (نغما نغما ، جلوا جلوا، ڪرڻا، ڪرڻا، پاڇا پاڇا، سپنا سپنا سوچون) هاڪاري آهن.
هن جا موضوع گهڻي ڀاڱي رومانوي اهن. (خالص) پيار، محبت، عشق، رومانس....... جا انيڪ روپ آهن ۽ شاعري بهرحال محدوديت کان لا محدوديت جو سفر آهي، جيڪو هڪ شاعر کي تن تنها طئي ڪرڻو آهي. شاعريءَ لاءِ هڪ شاعر کي لاڳيتو لکڻو ۽ پڙهڻو پوي ٿو. بلڪه پڙهڻو پوي ٿو ۽ ان سان گڏ مشاهدي جي گهرائي به لازمي آهي ۽ انهن سڀني جي اظهار لاءِ ٻوليءَ جي وسيع ڄاڻ لازمي آهي. شاعر جيڪي لڙڪ دل ز۾ روئي ٿو سي ڪنهن اڌمي/اڇل جي ڪري لفظ ٿي پني تي پکڙجي وڃن ٿا، جيڪي شعر جي صورت ۾:
سڄي عمر دل جو ئي دل ۾ رنم،
مگر ٽهڪ “صابر” جيئاري رنم.
هي پيتل لڙڪ، دل ۾ رنل لڙڪ، لفظ جو روپ ڪڏهن ٿا وٺن؟ ۽ لڙڪ کان لفظ تائين جا مرحلا شاعر ڪيئن ٿو طئه ڪري...... اها سڌ ته شايد شاعر کي به نه هوندي ڇاڪاڻ ته هولاشعوري طور ڪنهن وجداني ڪيفيت ۾ ئي شعر چوي ٿو:
(يا چوڻ کپيس!) ان جي جنهن جي سونهن کي هو بيان ڪري رهيو آهي! هو “شاعر” هن (پرينءَ) جي نس نس ۾ آڳ ڀڙڪائڻ جي هام هڻي رهيو آهي:
تنهنجي نس نس ۾ ڪا آڳ ڀڙڪائين،
آءٌ توکي مان گيتن سان ريجهائيان،
آءٌ توکي مان دل جو گهمايان چمن،
آءٌ توکي هي چانڊوڪيون ارپيان!
آءٌ توکي ستاره هي پهرائيان.
آڳ به آهي، گيت به آهن، دل جو چمن به آهي، گلاب به آهن، چانڊوڪيون به آهن، ستاره به آهن سڀ ڪجهه آهي. پر هن کان سواءِ! هن جي اچڻ سان ئي ان جي وڌيڪ اهميت آهي. نئين معنيٰ آهي. “صابر” هڪ لفظ آڳ ڪتب آندو آهي لفظ کي ان جي اصل روپ ۾ ئي ڪتب آڻڻ گهرجي. جيئن ‘آڳ’، ‘سيڄ’
“ سڄ”...........
ڇو ته اڄ ڪلهه چڱا، ڏسڻا وائسڻا به ڌارئين اثر هيٺ به پنهنجي ٻوليءَ/ لفظن کي بگاڙي رهي آهن، مثال طور اهي “ آڳ” کي “ آگ” ڪري ڪتب آڻي رهيا آهن. اهي ايسيتائين ته ان ڌارئين اثر جي گپ ۾ گتل آهن، جو سندن لهجو به سنڌي نه رهيرو آهي، جيتوڻيڪ هو لکي سنڌي ۾ رهيا آهن. صابر اهڙين ڌارئين اثر کان پاڻ کي بچائي رکيو آهي. اسان وٽ ته حالت اها وڃي بيٺي آهي. جو ڪرڻي کي “ ڪرن” ۽ ڌڙڪڻ کي ڌڙڪن ڪري ڪتب آندو پيو وڃي. سچ ته اهو آهي ته ان ورتاءَ مان اهڙن شاعرن جي پسوري پڌري ٿي وڃي ٿي جن کي انهن جهڙائي تخليقي صلاحيتن کان وانجهيل “ واهه واهه” جو وهه پياري رهيا آهن.
شاعر يقيناً پنهنجي دور ۾ ساهه کڻي ٿو ان دور جي ڳالهه سموري گدلاڻ ڌپ ان ساهه وسيلي اندر ۾ اوتي ٿو، جنهن صورتحال مان هن جو وجود، احساس گذري ٿو. ان جو اظهار هو پنهنجي شاعري ۾ ڪري ٿو. منهنجي چوڻ جو مقصد آهي ته هڪ شاعر سماج کان ڪٽجي نٿو سگهي عوام کان پري نٿو ٿي سگهي هو ته هوا کان، چنڊ کان، تارن کان،، موسم کان،پکين کان پري نٿو ٿي سگهي.
آءُ توکي پکين جو اڏارون ڏسيان،
آءُ توکي بهارن سان وندرائيان ‘صابر’
اهو شعر مٿي ڏنل غزل جو آهي جيڪو مٿيون ان ڪري نه ڏنو جو سمجهيم ته هڪ غزل جي مطلعه ۽ ٻه شعر ڏيڻ کوڙ آهن. هتي جڏهن سيڪئنس اهڙو جڙيو جو اهو شعرپاڻ ڄاڻ اتي اچي ويو. ڄڻ هن ٻيهر ظهور پاتو جي ائين ٿئي ها ۽ اهو شعر نه ڏيان ها ته مان پاڻ کي معاف نه ڪريان ها، معاف ته مان تڏهن به پاڻ کي نه ڪريان ها جي صابر کي ٻن صفحن بلڪ پونڻن ٻن صفحن جي ڀيٽا ڏيان ها!
سو اچو ته اهو شعر ٻيهر پڙهون:
آءُ توکي پکين جو اڏارون ڏسيان،
آءُ توکي بهارن سان وندرائيان.
هڪ ئي شعر ۾ آزادي (پکين جون اڏارون) ۽ سڳنڌ، رنڱ ۽ سونهن (بهارون) جو بيان ڏاڍي سهڻي ڍنگ۾ اچي ويو آهي. غزل جي صنف اهائي ته خوبصورتي آهي ته هڪ شعر ۾ به شاعر ڪا وڏي ڪا اهم ڳالهه ڪري سگهي ۽ “غزل”۾ “غزل” جنهن کي چئجي ٿو اُهو اِهو آهي. غزل اهو سٺو آهي جنهن جا سڀ شعر سٺا هجن اهو زندگي کي ويجهو هجي ۽ سڀ کان اهم ڳالهه ته سنڌي هجي.
‘صابر’ جي ان غزل ۾ اهي سمورا ڳڻ موجود آهن ممڪن آهي اهو غزل ڪنهن ذاتي وارتا جي حوالي سان هجي، ‘ڪنهن خاص’ لاءِ هجي پر ان شعر جي وسعت پري پري تائين اوچي لمحي آهي. پکين جي اڏار جيان مون کي لطيف سائين جو هي بيت ياد اچي ويو آهي:
وڳر ڪيو وتن،پرت نه ڇنن پاڻ ۾،
پسو پکيئڙن ماڻهئان ميٺ گهڻو.
لاکيڻو لطيف به پکين جي پسڻ جي ڳالهه ڪري ٿو،پکين کان سکڻ جي هت ڏسي ٿو ماڻهن کي. ۽ اهو به چئي ٿو ته ڏسو، انهن ۾ توهان کان گهڻو ميٺ آهي! ماڻهو ته انهن کي به شڪار ڪري ٿو ۽ پنهنجو پيٽ ڀري ٿو. پڃرن ۾ بند رکي ٿو، انهن کان انهن جي اڏار ۽ آڪاس جي نيلاڻ کسي ٿو، آزادي کسي ٿو پر هو مت جو جو موڙهو اهو نٿو ڄاڻي ته :
وشال آهه نيلاڻ آڪاس جي،
نه پڃرو نه پڃري ۾ آهي پکي.
(امداد)
انسان کان آزادي جو بنيادي حق کسيو ويو آهي! دنيا جي حڪمرانن کي وائٽ هائوسن جون دريون کولي پکين جو اڏارو ڏسڻ کپن. سڄي دنيا جي شاعرن جو اهو ئي واضح پيغام آهي ته انهن لاءِ جيڪي هن دنيا ۾ گدلاڻ ۽ ڌپ پکيڙڻ جا مجرم آهن! ۽ انهن کي شاعر جو اهو پيغام، ٻاهرين ڪنن (گاڏهان ڪنن) سان نه، دل جي ڪنن سان ٻڌڻ گهرجي.
ڪجهه به ڪونهي پيار کان اڳتي،
پيار آهي جهان جي صورت “صابر”
امداد حسيني