شاعري

ڪڏهن ورندين

صابر سيدپوري جي شاعري سندس جذبن جي عڪاس آهي. جنهن ۾ شعوري سگهه به آهي ته داخلي حسناڪي به سندس پيغام چٽو ۽ ڏاهپ تي مبني آهي پنهنجي تجربن ۽ مشاهدن کي اهڙي ته سهڻي انداز ۾ پوئي اڳيان رکندو جو سڀ ويٺل ۽ پڙهندڙ داد ڏيڻ کان سواءِ رهي نه سگهندا.
هي سادو ۽ سٻاجهو ماڻهو آهي جنهن ڪري سندس دل شيشي جيان صاف ۽ شفاف آهي هن جو ذهن آدرشي آهي سچ چوڻ کان نه گهٻرائيندو آهي.

Title Cover of book Kadahen Waranden

دل ٿي چاهي ته ڪجهه اچان روئي

دل ٿي چاهي ته ڪجهه اچان روئي،
ڇو نه اڄ چنڊ سان ملان روئي.

منهنجي روئڻ تي ڪير ٿو روئي،
اڄُ ته يارن اڳيان ڏسان روئي.

درد ڪهڙي تي هُو روئن ٿا پيا،
ٿورو تن کان وڃي پڇان روئي.

منهنجي سُڏڪن کي ڇو ڪنائيندو،
ڪنهن کي مان جي اگر سڏيان روئي.

يار هن ۾ ئي ٿو رهي خوش خوش،
مان جي جيئان ته پيو جيئان روئي.

ڪنهن کي تنها ٿو جي ڏسان “صابر”،
اُن گهڙي ڏاڍو ٿو پوان روئي.