اسان جو عشق ديوانو،نچي هر شام ڌاري ڏس
چپن تي چاڙهي مئخانو، نچي هر شام ڌاري ڏس.
فقيرن جي فقيري ۾ رڳو توحيد آ شامل،
ڏسو ڏئي ڌيان بي ڌيانو،نچي هر شام ڌاري ڏس.
اهو منصور جو ڀيچي، اهو دارا جو دلبر آ،
انهيءَ جو روح رندانو،نچي هر شام ڌاري ڏس.
پچڻ کي جو پڄائي ٿو، اهو ڪم عشق جو آهي،
پچي ٿئي راس پروانو، نچي هر شام ڌاري ڏس.
مٺا محبوب! “صابر” کي لڳن پٿر ڏسين بيٺو؟،
ٿئي ٿو روز نيشانو،نچي هر شام ڌاري ڏس.