شاعري

ڪڏهن ورندين

صابر سيدپوري جي شاعري سندس جذبن جي عڪاس آهي. جنهن ۾ شعوري سگهه به آهي ته داخلي حسناڪي به سندس پيغام چٽو ۽ ڏاهپ تي مبني آهي پنهنجي تجربن ۽ مشاهدن کي اهڙي ته سهڻي انداز ۾ پوئي اڳيان رکندو جو سڀ ويٺل ۽ پڙهندڙ داد ڏيڻ کان سواءِ رهي نه سگهندا.
هي سادو ۽ سٻاجهو ماڻهو آهي جنهن ڪري سندس دل شيشي جيان صاف ۽ شفاف آهي هن جو ذهن آدرشي آهي سچ چوڻ کان نه گهٻرائيندو آهي.
Title Cover of book ڪڏهن ورندين

خوشبوئن جون گهريون ڪنهن کي ڀيٽا ڏجن

خوشبوئن جون گهريون ڪنهن کي ڀيٽا ڏجن،
پوپٽن جون چميون ڪنهن کي ڀيٽا ڏجن.

مٺ ۾ ماپن نه ٿيون، جهول جهلجن نه ٿيون،
پيار جون هي لريون ڪنهن کي ڀيٽا ڏجن.

آس هر هڪ پلي، نيڻ پنهنجا ملي،
آجپي جون سٽيون ڪنهن کي ڀيٽا ڏجن.

پنهنجي پنهنجي نه جي يار ميهر مليون،
سير ۾ جي ٻڏيون ڪنهن کي ڀيٽا ڏجن.

مرڪڻي ٽهڪڻي ڪائي صورت نه آ،
چنڊ تنهنجون اکيون ڪنهن کي ڀيٽا ڏجن.

سانورا بانورا خواب “صابر” کڻي،
جي هلن ٿيون پريون ڪنهن کي ڀيٽا ڏجن.