شاعري

ڪڏهن ورندين

صابر سيدپوري جي شاعري سندس جذبن جي عڪاس آهي. جنهن ۾ شعوري سگهه به آهي ته داخلي حسناڪي به سندس پيغام چٽو ۽ ڏاهپ تي مبني آهي پنهنجي تجربن ۽ مشاهدن کي اهڙي ته سهڻي انداز ۾ پوئي اڳيان رکندو جو سڀ ويٺل ۽ پڙهندڙ داد ڏيڻ کان سواءِ رهي نه سگهندا.
هي سادو ۽ سٻاجهو ماڻهو آهي جنهن ڪري سندس دل شيشي جيان صاف ۽ شفاف آهي هن جو ذهن آدرشي آهي سچ چوڻ کان نه گهٻرائيندو آهي.
Title Cover of book ڪڏهن ورندين

تنهائي منهنجي محبوبه

ڪنهن ڏاهي چواڻي ته: شاعري نبين جو پيشو آهي ۽ اسان ته مڙيئي پيا ٿا ليڪا ڪڍون. شاعري جو پنڌ واقعي پري جو پنڌ آهي. 1994، 95ع کان مان به ابتا سبتا ليڪا ڪڍندو پيو اچان. ابتا سبتا ليڪا ئي سهي پر مون ڏاڍي شوق ۽ چاهه مان پئي ڪڍيا آهن ۽ اڄ سوڌو ڪڍندو پيو اچان. شاعر ٿيڻ يا شاعري ڪرڻ جو سبب عشق جي چوٽ رسڻ کي چون ٿا پر مون ته ڪنهن سان به عشق ڪونه ڪيو آهي جو ڪنهن لاءِ عليل ٿيو هجان. ها، البته تنهائي آهي انهي جي ساٿ ۾ سانوڻيون، سياري جي راتين جا مچ، کلندڙ ۽ ٽڙندڙ گل، ٻوٽا، وڻ، پکي ۽ انهن جي مٺڙي ٻولي، شامن جا جادوئي ڏيک، چنڊ، تارا، جهڙڦڙ، ڪڪر مينهن، معصوم ٻارن جا ٽهڪڙا اهي مونکي پنهنجي ڀاڪر ۾ ڀريندي آهي. ڪڏهن ڪڏهن ته اهڙي ڪيفيت طاري ٿي ويندي آهي جو ازخود ٽهڪ نڪري ويندا آهن ۽ ان رڄ ٿي کلڻ مهل سوچيندو آهيان ته هي ڪيڏي نه محبوب گهڙي آهي جو هن مهل کي موت جي هنجهه ۾ هليو وڃان ۽ رڄ ٿي روئڻ مهل به اهائي ڪيفيت هوندي آهي.
آءٌ، بلڪل نج ٻهراڙي جو ماڻهو آهيان ۽ پنهنجي وجود ۾ اجنبي آدمي:
اي پکين جا ولر ساڻ وٺيون هلو،
اجنبي آدمي جي مڃو التجا
صابر
هي جيڪو به مون لکيو آهي پنهنجي اصلوب آهر لکيو آهي، ڇا آهي؟ ڇا ناهي؟ ڇا لکڻ کپندو هو؟ ڪيئن لکڻ کپندو هو؟ تي مون ڪڏهن به ڌيان ڪونه ڏنو آهي.
منهنجي سمجهه آهر جيڪو به خيال آيو پنهنجي حساب سان خود بهتر انداز ۾ ٿي آيو ۽ مان ويس لکندو ۽ هن عمل تي مان خوش به آهيان.
صابر حسين چانڊيو مان صابر سيد پوري ٿيڻ تي پاڻ کي ڀاڳوند سمجهندو آهيان. مون پنهنجي زندگي ۾ دوست گهٽ ٺاهيا آهن هونءَ به ياري دوستي تي ايمان گهٽ رهيو آهي. ياري دوستي جو ڀرم نه رهيو آهي تنهنڪري هاڻ صرف پاڻ سان ياري اٿم:
يار، ياري جي عصمت کي لوئن پيا،
تنهنڪري پاڻ سان هاڻ ياري اٿم
صابر
شاعراڻي ٻاجهه مونکي ڏاڍي عزت بخشي آهي جنهن تي مان ڏاڍو سرهو آهيان باقي جيڪي خواب سانڍيا انهن جي تعبير پري تائين به ڪانه ٿي سجهي تڏهن به زندگي سان ايترو پيار ڪريان جو ان کي لفظن ۾ سمائي نه ٿو سگهان.
ڪونهي ڪوبه سڪون،
پوءِ به جيئڻ جو اٿم،
ڏاڍو يسار جنون.
صابر
تصوف ڏانهن لاڙو هجڻ ڪري آدم ذات کي انتهائي اتم ۽ اعليٰ سمجهندو آهيان ۽ سڄي عالم جو دعاڳو آهيان. جيسيتائين تنهائي جو ساٿ۽ سنگم رهندو ته شاعراڻي ڪرت به رهندي.
دائود، شيرين، حسان آهي جيڪر منهنجي شهه رڳ آهن ۽ ان سان گڏ انهن کي ممتا جا ڍڪ پيرايندڙ ثمينه سان به زندگي جيترو پيار ڪريان ٿو. جن منهنجن ابتن سبتن ليڪن تي محبوباڻي راءِ ڏني آهي. انهن مٺڙن محترم ساٿين سنڌ کي لازوال شاعري ارپيندڙ بيحد مانائتي سائين امدادحسيني، منهنجو پيارو کلمک ۽ صاف دل دوست ذوالفقار گاڏهي، ڏاڍي سادي ۽ سٻاجهي طبيعت رکنڙ نظم جي نمائينده شاعر گلزار، قابل احترام سائين نصير مرزا ڏاڍي ولولي سان سنڌي ادب جي آبياري ڪندڙ نوجوان شاعر احمد شاڪر، مون تي پيار مان ٻه اکر لکندڙ منهنجو سائين محترم فياض بلوچ، منهنجا سن جيڏا دوست گوهر گل ڳورڙ، معصوم بخاري ۽ مون کي شاعري جي ساڃاهه بخشيندڙ منهنجو رهبر منهنجو استادسائين امان الله ناظم منگي(کيس الله تعاليٰ جنت الفردوس ۾ جاءِ ڏئي) جي دل جي حضور سان عنايتون ۽ ڳڻ ڳائيندي پنهنجي پاران واري پني جي پڄاڻي ٿو ڪريان.
..................سدائين گڏ


[b]صابر سيد پوري
[/b]03423255799