اگهاڙي بدن جي ڪهاڻي اسان
لٽيل ڪنهن چمن جي ڪهاڻي اسان
بهارن کي سڪندي زمانا ٿيا،
سرءُ جي صحن جي ڪهاڻي اسان.
نه سرمو آ پاتو ڪڏهن ڀي انهن،
نماڻين اکين جي ڪهاڻي اسان.
بنا ڏوهه ماريا ويا روڊ تي،
انهن سورمن جي ڪهاڻي اسان.
جي موسم کان اڳ ۾ ڇڻي ٿا وڃن،
ڪچن تن گلن جي ڪهاڻي اسان.
نه “صابر” لکي ۽ نه ڪنهن ڪٿ پڙهي،
ڪا اهڙي ڏکن جي ڪهاڻي اسان.