شاعري

ڪڏهن ورندين

صابر سيدپوري جي شاعري سندس جذبن جي عڪاس آهي. جنهن ۾ شعوري سگهه به آهي ته داخلي حسناڪي به سندس پيغام چٽو ۽ ڏاهپ تي مبني آهي پنهنجي تجربن ۽ مشاهدن کي اهڙي ته سهڻي انداز ۾ پوئي اڳيان رکندو جو سڀ ويٺل ۽ پڙهندڙ داد ڏيڻ کان سواءِ رهي نه سگهندا.
هي سادو ۽ سٻاجهو ماڻهو آهي جنهن ڪري سندس دل شيشي جيان صاف ۽ شفاف آهي هن جو ذهن آدرشي آهي سچ چوڻ کان نه گهٻرائيندو آهي.
Title Cover of book ڪڏهن ورندين

اسان تي يار جو سانوڻ

اسان تي يار جو سانوڻ،
وسي شل پيار جو سانوڻ.

زماني کان الڳ پنهنجو،
رهيو ڪردار جو سانوڻ.

نگاهُن ۾ پناهون ڏي،
ٽري آزار جو سانوڻ.

ڪڏهن ڏئي اورڪون وسندو،
پرينءَ جي پار جو سانوڻ.

حياتي کي ملي معنيٰ،
ڏيو ديدار جو سانوڻ.

گهٽيو ناهي اڃا “صابر”،
سڄڻ جي سار جو سانوڻ.