تنهنجون گلاب يادون تنهنجون گلاب يادون، آيون جناب يادون. هڪڙي هجي ڀلايان، آهن ڪتاب يادون. سارا گناهه ميٽين، تنهنجون ثواب يادون. هر روز من تي اڀرن، ٿي آفتاب يادون. سانڍيان ڪٿي مان “صابر” تنهنجون شباب يادون.