شاعري

ڪڏهن ورندين

صابر سيدپوري جي شاعري سندس جذبن جي عڪاس آهي. جنهن ۾ شعوري سگهه به آهي ته داخلي حسناڪي به سندس پيغام چٽو ۽ ڏاهپ تي مبني آهي پنهنجي تجربن ۽ مشاهدن کي اهڙي ته سهڻي انداز ۾ پوئي اڳيان رکندو جو سڀ ويٺل ۽ پڙهندڙ داد ڏيڻ کان سواءِ رهي نه سگهندا.
هي سادو ۽ سٻاجهو ماڻهو آهي جنهن ڪري سندس دل شيشي جيان صاف ۽ شفاف آهي هن جو ذهن آدرشي آهي سچ چوڻ کان نه گهٻرائيندو آهي.
Title Cover of book ڪڏهن ورندين

اجرا هي سويرا جيئن، تيئن پيار اسان جو آ

اجرا هي سويرا جيئن، تيئن پيار اسان جو آ،
ڪيڏو نه حسين مٺڙا، سنسار اسان جو آ.

ڪنهن کي نه ڏکائڻ جو، ڪنهن کي نه رنجائڻ جو،
پرکڻ جي گهرين جيڪر، ڪردار اسان جو آ.

جو چنڊ جي ڪرڻن تي مرڪون ٿو وکيري پيو،
سو جاني اسان جو آ، دل ٺار اسان جو آ.

هر ورق پڙهي ڏسجان، تاريخ جي مڪتب مان،
انسان شناسيءَ ۾ معيار اسان جو آ.

هن عشق جي ئي ڏڍ تي دنيا ۾ هلونٿا پيا،
هڪ عشق ته ٿي “صابر” آڌار اسان جو.