شاعري

ڪڏهن ورندين

صابر سيدپوري جي شاعري سندس جذبن جي عڪاس آهي. جنهن ۾ شعوري سگهه به آهي ته داخلي حسناڪي به سندس پيغام چٽو ۽ ڏاهپ تي مبني آهي پنهنجي تجربن ۽ مشاهدن کي اهڙي ته سهڻي انداز ۾ پوئي اڳيان رکندو جو سڀ ويٺل ۽ پڙهندڙ داد ڏيڻ کان سواءِ رهي نه سگهندا.
هي سادو ۽ سٻاجهو ماڻهو آهي جنهن ڪري سندس دل شيشي جيان صاف ۽ شفاف آهي هن جو ذهن آدرشي آهي سچ چوڻ کان نه گهٻرائيندو آهي.
Title Cover of book ڪڏهن ورندين

جن شوق ڇڏيا هن شاهانا

جن شوق ڇڏيا هن شاهانا،
شل توکي وڻن سي ديوانا.

سا شمع سلامت رهڻي آ،
جنهن تي پهرو ڏين ٿا پروانا.

مان هوش کان ٻاهر، هوش ۾ هان،
منهنجا خيال سمورا رندانا.

هر سونهن اچي ٿي توتي کٽي،
ٻيا مڙيئي ته آهن افسانا.

جي مستين تان هٿ ويٺا کڻين،
تنهنجي مرڪ ڪيا سڀ مستانا.

هڪ يار جا نيڻ ئي “صابر” لئه،
هن ڪوجهي حيات جا دوگانا.