سنڀارون
هي سادو ۽ سٻاجهو ماڻهو آهي جنهن ڪري سندس دل شيشي جيان صاف ۽ شفاف آهي هن جو ذهن آدرشي آهي سچ چوڻ کان نه گهٻرائيندو آهي. سماجي ناهموارين ۽ اڻ برابرين کي هن پنهنجي قلم جي ذريعي زبان ڏني آهي سندس هي سٽون ان احساس جي نمائندگي ڪن ٿيون.
تنهنجي ڏات کان ڪانئر ماڻهو،
ڪيڏو “صابر” وئون ته وڃن ٿا.
هنن سٽن جي سادگي پنهنجي جاءِ تي پر ڏات واري ماڻهو کي ڪانئر ماڻهو جو وئون وڃڻ انتهائي دلچسپ ۽ معنيٰ خيز آهي. وئون نج ٻهراڙڪو لفظ آهي ۽ هتي محفوظ ٿي ويو آهي ۽ هن پنهنجي انهي لهجي جي بدولت ٿوري عرصي ۾ پنهنجي دوستن ۾ منفرد مقام ماڻي ورتو آهي.
آءُ اساسن جا نيڻ ٻرن ٿا،
آءُ صدين جا خواب سڙن ٿا.
سندس شاعري ۾ نواڻ سان گڏ اصطلاحن کي محفوظ ڪرڻ جو ڏانءُ آهي نيڻن جو ٻرن ۽ خوابن جو سڙڻ خوبصورت خيال آهن ۽ صابر تمام شاعري جي صنفن تي ٿوري عرصي اندر ڪافي دسترس حاصل ڪري ورتي آهي.
شاعر هينئر ذهني عياشي يا وڏن ماڻهن يا درٻاري شوق نه رهي آهي. مطالعي، مشاهدي ۽ مشق سان هي پورهيو پورهيتن کي لازوال مقام ڏئي سگهي ٿو.
هي چوڻ ته قوم ۽ وطن جي ڳالهه ڪندڙ کي وقتي ۽ هنگامي شاعري سڏي سندس پوهئي کي ۽ سندس مان مرتبي کي مٿانهون ڪرڻ اجايو ۽ بي سود آهي يا ائين چوڻ ته اها شاعري نه آهي غلط آهي.
صابر پنهنجي محنت ۽ جفاڪشي سان پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تائين رسائي حاصل ڪئي آهي. جيڪي ماڻهو يا اديب ڪاٽن جا وڳا وٺي پوءِ ڪنهن کي ڪنهن اداري ۾ پهچڻ ڏين ٿا صابر انهن کان پنهنجو حق ڇني ورتو آهي. حقيقت ۾ اهڙي نفسا نفسي جي دور ۾ ادب ۾ پنهنجي جاءِ پيدا ڪرڻ معجزي کان گهٽ ڪونهي.
صابر سچو ۽ کرو انسان آهي ٻيائي کي ٻک ڪونه وڌو اٿائين ۽ نه ئي اڳتي وڌڻ لاءِ ڪنهن جا ترا ڪڍيا ٿئين. هي سٻاجهڙو سڀاءُ جو ماڻهو آهي.
آءُ ته توتان واريان،
جوڀن جا هي سڀاءُ
شاعر اميد جو شعاءُ هوندو آهي. هن جي ادب جو ڪارج هوندو آهي ۽ هئڻ به کپي. اديب وٽ نراست نه هجڻ گهرجي.
ورن شال ٻيهر سهانه زمانه،
ڪري دل ويا ديوانه زمانه.
سماجي اديب تي لکڻ وقت اهو سوچڻ گهرجي ته هنجو ماحول ڪهڙو آهي، هن جي آسپاس ڌرتي واسين جي معاشي، سياسي، سماجي ضرورتون، ناانصافيون ڪهڙيون آهن. انهي ماحول ۾ شاعر لکي ٿو. انهي وقت سندس اڳيان بک، بيماري،جاهليت، قبيلائي جهيڙا ۽ سوچون به ساڻس گڏ هونديون اهن. انهي شاعر تي يورپ جا تخليقي نظريا ٺوڪجن ته ساڻس بي واجبي ٿيندي. هتي ته اهي شاعر به آهن جي ڀت جي پاڇي ۾، نٽهڻ اس ۾ ويهي شاعري ڪن ٿا. جن کي موٽ ۾ ڪجهه به نه ٿو ملي ۽ ٻئي پاسي پروفيسرن جهڙا ماڻهو اي سي ۾ ويهي يورپي شاعرن جا ڪتاب پڙهي صابر جهڙن شاعرن کي ماکي جي مکين جيان چنبڙي وڃن ٿا. پنهنجي حفظ ڪيل يورپي نظرين تي هن جي اوک ڊوک ڪن ٿا ۽ سڻڀن شاعرن کي آسمان تائين پهچائي ڇڏين ٿا ۽ جڏهن پروفيسر ٽائيپ ڳالهائيندا آهن ته سڄي ادبي ويهڪ کي بيزار ڪري وجهندا آهن. مجال جو سندن حفظ ڪيل طوطا مينا جو قصو کٽي.
واهڻ جي ئي اديب کي ٿر جي ڏکن بکن جو احساس هوندو آهي:
اسان ٿر جي تتل واري،
پرين آهن گهٽائون ڄڻ،
ٿڌيريون ڪي هوائون ڄڻ،
اسان جي آس اڃياري،
اسان ٿر جي تتل واري
حساس ذهن اديب پنهنجي ذميوراين کي بخوبي ڄاڻي ٿو. سندس احساس آهي. هن فطرت جي رنگيني کي ڏاڍي دل آويز انداز ۾ پيش ڪيو آهي.
ڏيئي وانگر رات سموري،
ڪنهن لئه ٻرڻ جي موسم آهي.
يا وري هي سٽون جيڪي سندس داخلي ۽ خارجي حالتن جون عڪاس آهن:
روز جيئڻ جي موسم آهي،
روز مرڻ جي موسم آهي.
جواني کي جيڪڏهن بي مقصد ڳاري ڇڏجي ته اها بي انصافي ٿيندي. هي هڪ فطرت شناس آهي. سندس روح فطرت جي نرم نازڪ موسمي رنگيني سان ڀرپور آهي:
ڇو ٿو “صابر” پاڻ کي ڊاهين،
تنهنجي ٺهڻ جي موسم آهي.
صابر سيد پوري جي ادبي استاد ناظم منگي جو پڻ ادبي مقام آهي. جنهن جي محنت صابر کي سون تي سهاڳي جو ڪم ڏنو آهي.
محبوب سنڀارن کي صدين کان سنڀاريان ٿو،
ڪن خاص بهارن کي صدين کان سنڀايان ٿو.
من جي آس اميد ڀلي هڪ ڏينهن جي هجي يا صدين جي پر شاعر جي ذهن ۾ يادون سدائين آباد هونديون آهن.
جيون جي اماوس ۾ ها چنڊ جيان“ صابر”،
تڏهين ته پيارن کي صدين کان سنڀاريان ٿو.
صابر ٻولي ۽ خيال جي لحاظ کان امداد حسيني جي ان ڳالهه تي پورو لهي ٿو ته، “ شاعر جي بنيادي ذميواري ٻولي ڏانهن آهي ته هو هن کي بچائي، ان جي واڌ ويجهه ڪري ٻولي ۽ ڳالهائيندڙن کي بچائي سگهي ٿو.
(پرک؛ مئي، جون 2015ع)
فياض بلوچ