شاعري

ڪڏهن ورندين

صابر سيدپوري جي شاعري سندس جذبن جي عڪاس آهي. جنهن ۾ شعوري سگهه به آهي ته داخلي حسناڪي به سندس پيغام چٽو ۽ ڏاهپ تي مبني آهي پنهنجي تجربن ۽ مشاهدن کي اهڙي ته سهڻي انداز ۾ پوئي اڳيان رکندو جو سڀ ويٺل ۽ پڙهندڙ داد ڏيڻ کان سواءِ رهي نه سگهندا.
هي سادو ۽ سٻاجهو ماڻهو آهي جنهن ڪري سندس دل شيشي جيان صاف ۽ شفاف آهي هن جو ذهن آدرشي آهي سچ چوڻ کان نه گهٻرائيندو آهي.
Title Cover of book ڪڏهن ورندين

اک اڃاري اٿم دلڏکاري اٿم

اک اڃاري اٿم دلڏکاري اٿم،
ڪونه ڪڏهين مگر هاج هاري اٿم.

سوجهرا ان مان ڪيئي ته ڦٽندا پيا،
ٻاٽ ۾ لاٽ اڄ جيڪا ٻاري اٿم.

عشق سان پيار آ، جڳ سان وهنوار آ،
عشق جي دم سان هر دم بهاري اٿم.

رت روئاريو اٿس، ماس ڳاريو اٿس،
زندگي اهڙي آ، پو به پياري اٿم.

يار، ياري جي عظمت کي لوئن پيا،
تنهنڪري پاڻ سان هاڻ ياري اٿم.

ان سيد پور کي “صابر” ڇڏڻ آ ڏکيو،
جنهن جي شفقت ۾ هي عمر گهاري اٿم.