شاعري

ڪڏهن ورندين

صابر سيدپوري جي شاعري سندس جذبن جي عڪاس آهي. جنهن ۾ شعوري سگهه به آهي ته داخلي حسناڪي به سندس پيغام چٽو ۽ ڏاهپ تي مبني آهي پنهنجي تجربن ۽ مشاهدن کي اهڙي ته سهڻي انداز ۾ پوئي اڳيان رکندو جو سڀ ويٺل ۽ پڙهندڙ داد ڏيڻ کان سواءِ رهي نه سگهندا.
هي سادو ۽ سٻاجهو ماڻهو آهي جنهن ڪري سندس دل شيشي جيان صاف ۽ شفاف آهي هن جو ذهن آدرشي آهي سچ چوڻ کان نه گهٻرائيندو آهي.
Title Cover of book ڪڏهن ورندين

منهنجو حد حساب، ڄاڻي ڪنهن به نه ڄاتو.

منهنجو حد حساب،
ڄاڻي ڪنهن به نه ڄاتو.

پنڇيءَ جهڙو پاڪ هو،
اکڙين منجهه خواب،
ڄاڻي ڪنهن به نه ڄاتو.

سڙي سارو لوڪ ٿو،
ڪنهن جو هان احباب،
ڄاڻي ڪنهن به نه ڄاتو.

ڪيئن اڄ پورو ٿي ويو،
ويچاري جو باب،
ڄاڻي ڪنهن به نه ڄاتو.

“صابر” جيون سوال هو،
۽ جيون پاڻ جواب،
ڄاڻي ڪنهن به نه ڄاتو.