شاعري

ڪڏهن ورندين

صابر سيدپوري جي شاعري سندس جذبن جي عڪاس آهي. جنهن ۾ شعوري سگهه به آهي ته داخلي حسناڪي به سندس پيغام چٽو ۽ ڏاهپ تي مبني آهي پنهنجي تجربن ۽ مشاهدن کي اهڙي ته سهڻي انداز ۾ پوئي اڳيان رکندو جو سڀ ويٺل ۽ پڙهندڙ داد ڏيڻ کان سواءِ رهي نه سگهندا.
هي سادو ۽ سٻاجهو ماڻهو آهي جنهن ڪري سندس دل شيشي جيان صاف ۽ شفاف آهي هن جو ذهن آدرشي آهي سچ چوڻ کان نه گهٻرائيندو آهي.
Title Cover of book ڪڏهن ورندين

صابر جي شاعريءَ جا خوبصورت موڊ

شاعر هڪ اهڙو عاشق آهي جيڪو گهڻ پاسائون عشق ڪندو آهي. سماج، ڌرتي، قوم، دنيا ۽ خود پنهنجو پاڻ سان. اها سند س مرضي آهي ته هو ان عشق مان ڪهڙي کي پنهنجي وڌيڪ ويجهو آڻي ٿو. ان لاءِ ڊڪٽيٽ جي ضرورت ڪانهي. پر اڄ ڪلهه اسان ۾ هڪڙو رجحان جڙ پڪڙيندو پيو وڃي. ڊڪٽيٽ ڏيڻ جو شاعر کي هي لکڻ گهرجي. هي نه لکڻ گهرجي يا معتدل يا محتاط رهڻ گهرجي جي اپيل يا ڇنڊ ٻي صورت ۾ اها سيءِ فن کي متجاوز ڪري وڃڻ جو دڙڪو. اهو رويو ادب جي اسرڻ ۾ سڀ کان وڌيڪ رنڊڪ آهي. انهن شايد فرينچ ناول نويس آندري پيد کي ڪونهي پڙهيو.“ انسان پنهنجي اندرئين آواز کي ٻڌي ۽ زندگي جا جيڪي مختلف امڪان آهن انهن کي ته دٻائي پر انهن کي پڌري ٿيڻ جو موقعو ڏئي.” ۽ جديد شاعرن ائين ڪيو آهي. هنن ڪنهن کان به ڊڪٽيٽ نه ورتي. جنهن جي ڪري اسان جي ادب ۾ ڪافي خوبصورت موڊ اڀري سامهون آيا آهن. اهڙا ئي خوصورت موڊ اسان کي صابر جي شاعري ۾ به ملن ٿا.
اظهار تي بندش آ؟
ڪيڏو نه ستم آهي
هٻڪار تي بندش آ!

مرڪن کي ويو ماتم ڏئي،
ڪيڏو نه پيارو هو
ظالم ويو آ غم ڏئي


پوندو جيءُ جهري،
منهنجا جند مونکان
هڪ پل ڌار نه ٿي
هي ٽي ٽيڙو آهن. ٽنهي جا الڳ الڳ موڊ آهن سهڻا ۽ ڪيوٽ موڊ پهرينءَ ۾ اهو ئي احساس ته راءِ جي آزادي ۽ خوشبوءَ جي ڦهلاءَ تي جيڪڏهن روڪ يا جهل آهي ته پوءِ اها جِهلُ آهي. اهو ناحق اهي .ٻي ٽيڙو جو، جو موڊ آهي انهيءَ ۾ درد جي اپيل آهي. جنهن جو انداز بيان ڏاڍو پيارو، ڏاڍو وڻندڙ آهي. مرڪن جو ماتم ۾ ڍلجڻ، هڪ گهڙي ٽهڪ آهن ته ٻي گهڙي ڪيهٽ“ ڪيڏو نه هيو پيارو” واري سٽ جو لهجو ان جي حسن ۾ نکار پيدا ڪري ڇڏيو اهي. ائين اها سٽ ڄڻ ته “ چار چنڊ” واري محاوري جي ڏور پڪڙيون بيٺي آهي ۽ ساڳي طرح هيٺين سٽ ۾ جو پنهنجائپ جو اظهار آهي اهو “ظالم” واري لفظ جو مفهوم ئي تبديل ڪري ڇڏيو آهي. اهو آهي نڀاءُ فن ۽ خيال ٻنهيءَ جو نڀاءُ ۽ ٽئين ٽيڙو جو موڊ آهي اهو آهي وينتي يعني گذارش ڀريو التجا آهي پنهنجي محبوب در ته اي منهنجا پرين! مونکان هڪ پل به ڌار نه ٿي. ٻي صورت ۾ منهنجا ڳچ ڳري پوندا منهنجو هانءُ جهري پوندو اهو آهي ماڻهو جي اندر جو آواز.
هاڻي جيڪڏهن اهو ڪنهن جي ڊڪٽيٽ وٺي ٿو ته پوءِ ان کي پنهنجي اندر جي آواز جو ڳلو گهٽڻو ئي پوندو. جيڪا سراسر زيادتي ٿيندي. هاڻي جيڪڏهن فن متجاوز ٿئي ٿو ته ٿئي پر پنهنجي اندر جي آواز کي لبيڪ چئجي جيڪڏهن ڪو ائين نه ٿو ڪري ته پو اهو بي عقل اهي يا وري سست ۽ ڪانئر. شاعر جيئن فيل ڪري ٿو ان تيئن اظهاري سماجي ۽ معاشرتي پهلوئن کان بي نياز ٿي. جيڪڏهن هن ائين نه ڪيو ته سندس احساس دم ٽوڙي ويهندا ۽ دم ٽوڙيل لفظن ۾ ساهه ڀرڻ بي سود آهي. ٻي ڳالهه اها ته شاعري هروڀرو موجوده مروج سماجي اخلاقيات جي ترازيءَ ۾ تورڻ واري شيءِ به ڪانهي جو ان لاءِ سماجي وٽ ۽ ڪانٽا کڻي ويهجن. شاعري خيالن جي اڏام آهي ان کي آزاد ڇڏي ڏيڻ گهرجي. ان کي جنهن به قيد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي اهو اڏامي نه سگهيو. پوءِ ان ۾ ڪهڙو فائدو جو ماڻهو اڏامي سگهڻ جي باوجود به نه اڏامي. جنهن جو احساس جديد شاعرن کي آهي.
هي اسان جي اڄ جي جديد شاعر امداد حسيني جي اظهار جو نمونو آهي:
اک زناڪار نه ٿيندي ته ٻيو ڇا ٿيندو
مو پري کان ئي خيالن جي نئين رستي تي
آبرو باخته عورت کي سڃاتو آهي
لفظ چاهيو به ته آيا نه سئين رستي تي
مونکي ياد آهي ته ڪنهن شهر ۾ ڪنهن عورت وٽ
ٻن هٿن مان مون جوانيءَ کي لٽايو آهي
جو به ڌن آهه اهو نظم اهو گيت آهي
پاڻ وٽ کيسي ۾ مون ڪجهه نه بچايو آهي
امداد حسيني
امداد حسينيءَ جي ڳالهه ڪرڻ جو هي ڏانءُ منهنجي هن مٿين ڳالهه جي عين مطابق آهي ۽ آندري پيد جي به ته “ انسان پنهنجي اندر جي آواز کي ٻڌي ۽ زندگيءَ جا جيڪي مختلف امڪان آهن انهن کي نه دٻائي بلڪ انهن کي پڌري ٿيڻ جو موقعو ڏئي” ساڳيءَ طرح صابر به ان ڳالهه کي سمجهي ٿو صابر جو اسان کان پوءِ ايندڙ ٽهي ۾ هڪڙي ڇلانگ آهي پنهنجي خيالن کي ڪنهن حد تائين محتاط ضرور رکيو آهي

وڃي انڪار جو موسم
اچي اقرار جي موسم
پرينءَ جي ٿو ڏسان مک تي
اڃان آ خار جي موسم
مفائيلن مفائيلن تي آڌاريل هن غزل ۾ هڪڙي خلش آهي، ميلاپ جي. اها ساڳي ڳالهه وري به ڦري ٿي اچي پنهنجي آواز کي پڌري ڪرڻ واري ڳالهه تي. اها ساڳي ڳالهه جيڪا امداد حسيني به ڪئي امداد حسينيءَ کي اهو سڀڪجهه مليو ۽ جڏهن ته صابر اڃا اُن جي خوهش رکي ٿي. صابر جو هڪ ٻيو موڊ جيڪو مٿين احساس کان هر حوالي بهتر آهي
جڏهن کان اوهان کي سمايو اکين
تڏهن کان ناهن ستا نيڻ هي
صابر جو هي غزل سنڌي ادب جي سٺن غزلن ۾ هڪ غزل جو اضافو اهي. ان کانسواءِ هن جي هڪ ٻئي غزل مان به اوهان کي شعر پڙهايان جنهن ۾ به ڪافي سهڻا موڊ آهن:
گهر سڄو سونو اٿئي پو ڀي گهرين
پو ته تنهنجي لئه مرڻ سولو نه آ
“پو ته تنهنجي لئه مرڻ سولو نه آ” ڪيڏو نه سماجي شعور رکي ٿي اها سٽ. هي چوڻ جو هڪ سٺو ۽ مثبت انداز آهي ۽ سون تي سهاڳو اهو “گهر سڄو سونو” هجڻ وارو محاورو آهي ۽ جيڪو پڻ هڪ پختي زهن جي پيدوار آهي.
۽ هي آهي صابر جي وائي:

ڪرڻو ڪرڻو پيار،
سهڻا تنهنجي سونهن جو.
سوچيان، سهڻو ٿو لڳي،
وهم بنا ويچار
سهڻا تنهنجي سونهن جو.
اها ئي ساڳي جذبي جي نفاست جيڪا هن جي غزلن ۽ ٽيڙوئن ۾ ڏٺي. هر سٽ مان اک ڀڃي رهي آهي.
صابر جا اهي احساس، اهي موڊ، هر سٽ، هر اکر مان ڳاٽون پائي ڪجهه ڏِسي رهيا آهن؟
اهي ايڏا مبهم به نه آهن جو ڪو سمجهي نه سگهي.


ذوالفقار گاڏهي