شاعري

ڪڏهن ورندين

صابر سيدپوري جي شاعري سندس جذبن جي عڪاس آهي. جنهن ۾ شعوري سگهه به آهي ته داخلي حسناڪي به سندس پيغام چٽو ۽ ڏاهپ تي مبني آهي پنهنجي تجربن ۽ مشاهدن کي اهڙي ته سهڻي انداز ۾ پوئي اڳيان رکندو جو سڀ ويٺل ۽ پڙهندڙ داد ڏيڻ کان سواءِ رهي نه سگهندا.
هي سادو ۽ سٻاجهو ماڻهو آهي جنهن ڪري سندس دل شيشي جيان صاف ۽ شفاف آهي هن جو ذهن آدرشي آهي سچ چوڻ کان نه گهٻرائيندو آهي.
Title Cover of book ڪڏهن ورندين

پنهنجي دل ۾ پناهه ڏي مونکي

پنهنجي دل ۾ پناهه ڏي مونکي،
مورڳو ئي يا باهه ڏي مونکي.

ڪيترو دربدر ٿيو آهيان،
يا خدا! ڪائي واهه ڏي مونکي.

خودڪشي تي دل چوي ٿي پئي،
يار آهين، صلاح ڏي مونکي.

منهنجا جيرا، بڪيون ڇڏي ساڙي،
زهر جهڙي ڪا آه ڏي مونکي.

ڪوجهي جيئڻ کان دل کٽي ٿي ٿم،
موت سهڻو، الله ڏي مونکي.

توتان قربان ٿي وڃي، “صابر”،
ٿورڙو ئي تون چاهه ڏي مونکي.