ياد تنهنجي وسارڻ ڪو سولو نه آ
پاڻ کي پاڻ مارڻ ڪو سولو نه آ.
ڪنهن کي رئندي اکين جون نديون ويون سڪي،
هون ته ڳوڙهو به هارڻ ڪو سولو نه آ.
مُرڪي جيئڻ جو اتساهه ڏيندو جو هو،
ڌار تنهن کان گذارڻ ڪو سولو نه آ.
جسم جيسين نه ٿو ڀسم ٿئي ٻرندي پئي،
عشق جي آڳ ٺارڻ ڪو سولو نه آ.
زندگيءَ جون سڀئي هيءَ حسناڪيون،
ڪنهن مٿان خوش ٿي وارڻ ڪو سولو نه آ.
سامهون ڪاتيون ڪهاڙيون بندوقون ڏسي،
ڪنهن لئه “صابر” سنوارڻ ڪو سولو نه آ.