شاعري

ڪڏهن ورندين

صابر سيدپوري جي شاعري سندس جذبن جي عڪاس آهي. جنهن ۾ شعوري سگهه به آهي ته داخلي حسناڪي به سندس پيغام چٽو ۽ ڏاهپ تي مبني آهي پنهنجي تجربن ۽ مشاهدن کي اهڙي ته سهڻي انداز ۾ پوئي اڳيان رکندو جو سڀ ويٺل ۽ پڙهندڙ داد ڏيڻ کان سواءِ رهي نه سگهندا.
هي سادو ۽ سٻاجهو ماڻهو آهي جنهن ڪري سندس دل شيشي جيان صاف ۽ شفاف آهي هن جو ذهن آدرشي آهي سچ چوڻ کان نه گهٻرائيندو آهي.

Title Cover of book Kadahen Waranden

ڏک سک جو سنگم

جيئڻ جي لاءِ جتن ڪبا آهن پر اهو ڪهڙو جيئڻ جيڪي واعدي جي وفا ٿيڻ تائين سڙي ڀسم ٿي وڃي؟ ۽ اهي واعدا ۽ اقرار ئي هوندا آهن ۽ مايوسي ۽ موت تي فتح حاصل ڪندا آهن. شاعر ڇا جي لئه شعرن جي تعمير ٿيڻ تائين پنهنجي جان ۽ جسم کي ڳاراڻ جي ڳوٺ جي ڳلي ڳلي ۾ ڳاهه جيان ڳاهيندو رهي ٿو. ڪٿي ائين ته نه آهي جيئن شمع ٻري پاڻ ڳري ختم ٿي ٻين کي روشني ڏيندي آهي. ائين شاعر به پنهنجو نور نچوڙي رت ولوڙي جڳ کي شعور ڏيندو آهي ۽ اهي شاعر ئي هانءُ جو ڏڍ ۽ آٿت بڻبا آهن ۽ اهڙا آٿت جهڙا شعر اسان جي پياري دوست شاعر صابر سيد پوري وٽ به آهن جيڪي هن شهري گوڙ شور کان گهڻو پري ننڍڙي ڳوٺ ۾ ويهي لکيا آهن:
سيد پور کي “صابر” ڇڏڻ آ ڏکيو،
جنهن جي شفقت ۾ هي عمر گهاري اٿم.
صابر جي شاعري شهه سرخي آهي سنڌي شاعري جي زندهه هجڻ جي. هن جي شاعري ۾ وطن جي مٽيءَ سان محبت ۽ انس رتل آهي.
سنڌ تنهنجي يتيمي تي روئان پيو،
ڇو ته تنهنجا ديوانا فنا ٿي ويا.
هاڻي انهن ٻن سٽن تي ويچاريو لفظ لفظ تي ويچاريو ته ڪيڏي نه وڏي ڳالهه ڪئي آهي. صابر جڏهن ديوانگي فنا ٿي وڃي ته منزل مقصود مايوسي ۽ موت طرف ڌڪيندي. صابر جي شاعري سادي پيراهي، سليس ٻولي ۾ ٻهه ٻهه ٻهڪندي نظر ايندي. هن ڪڏهن به مشڪل پسندي کان ڪم ناهي ورتو هن جيڪو به لکيو آهي پنهنجو لکيو آهي هن جي شاعري ڪنهن ٻئي جي ساعري جو چرٻو نه آهي:
برپٽن ڏي ڪير ڪاهيندو؟
هن ڊٿل کي ڪير ٺاهيندو؟
ڇا هي ستون سرير کان سيسراٽ نه ٿيون ڪڍن؟! هننن سٽن جي سوال جو جواب ڪهڙو آهي؟ ڪو ته هوندوصابر جي هن شعر جي امين سندس شخصي ۽ ذاتي حالتن جي حقيقي عڪاس آهي:
ڇيهون ڇيهون دل ڪري منهنجي ويو،
ڇوڪري ٿي ڇوڪري سان غم ونڊي.
هي سٽون ساهه ٿيون منجهائن. سور جي سٽ ٿيون ڪڍرائي ڇڏن. هي ئي شاعري آهي، جيڪا ڳالهرائي ٿي. غم ونڊڻ جي سگهه ٿي بخشي هن يار جي هڙ ۾ مٿئين سٽن جهڙيون ڪئي سٽون سون تي سهاڳ جيان جرڪندي نظر اينديون.
غمن ساري ڇاڻي جواني اسان جي،
جواني نه ماڻي جواني اسان جي.

ڪمانن ۾ تاڻياس ويا تير هوندا،
جڏهن بي اڏاڻي جواڻي اسان جي.
جڏهن غمن جو گهيرو ٿيندو آهي ته خودي ختم ٿي ويندي آهي. جڏهن هڪ حياتي جوڀن نه ٿي ماڻي تڏهن پيار جو عَلم اوچو نه ٿو رهي سگهي، ڪمانن ۾ واقعي تير وڌا ويندا آهن ۽ پوءِ اهي هنيا به ويندا آهن. جڏهن ٻن دلين جي هڪ ٻئي تي رسائي ٿيندي آهي، جڏهن به ڪي خوشيون مرڪن جي محل جون ماڪياڻيون ٿينديون آهن، ۽ جڏهن به ڪي خواب پر اسراريت جا پنڌ اڪري ساڀيائن جي سرحدن تي رسندا آهن تڏهن تڏهن ڪمانون تاڻيون ويون آهن. صابر سيدپوري جي شاعري ڏک ۽ سک جو سنگم آهي. هن جي شاعري ۾ درد دکي دونهين جهل ٿي ويو آهي:
دشمن ته آهي دشمن ان تي ميار ڇا،
اڄ يار! يار جي هٿان هڪ يارويو مري.

ڪنهن جي نالي اڃا نه ٿي سڏجي،
سال ٿيا هن سندس سمائي کي.
هي ٻئي شعر صابر ٻن الڳ غزلن مان کنيا آهن. سچ ته هي ٻئي شعر صابر جي شاعري جي ماٿي جي بنديا آهن. صابر سيد پوري جي شاعري جو پورهيو پڙهندي اهو محسوس ٿو ٿئي ته سندس شاعري زندهه عشق جو چٽو مثال آهي. هن ڏات جي ڏيهه ۾ جيڪي به ڏيئا ٻاريا آهن. اهي تيسيتائين ٻرندا رهندا جيسيتائين راهه جو هڪ به راهي منزل تائين نٿو پهچي.


احمد شاڪر
03473230193