شاعري

ڪڏهن ورندين

صابر سيدپوري جي شاعري سندس جذبن جي عڪاس آهي. جنهن ۾ شعوري سگهه به آهي ته داخلي حسناڪي به سندس پيغام چٽو ۽ ڏاهپ تي مبني آهي پنهنجي تجربن ۽ مشاهدن کي اهڙي ته سهڻي انداز ۾ پوئي اڳيان رکندو جو سڀ ويٺل ۽ پڙهندڙ داد ڏيڻ کان سواءِ رهي نه سگهندا.
هي سادو ۽ سٻاجهو ماڻهو آهي جنهن ڪري سندس دل شيشي جيان صاف ۽ شفاف آهي هن جو ذهن آدرشي آهي سچ چوڻ کان نه گهٻرائيندو آهي.
Title Cover of book ڪڏهن ورندين

ڪيئن ڀلايان مان دل جي راڻي کي

ڪيئن ڀلايان مان دل جي راڻي کي،
دلربا جي حسين ماڻي کي.

ڪو برو ياڀلو نه چئي ڀلجي،
شهر جانان جي لاڙڪاڻي کي.

راهه حق جي کان ڪيئن هٽنداسين،
۽ نه ڏربو ڏسي ڪنهن گهاڻي کي.

جيڪو آهي مٺا سو اڄ ئي آ،
ڪنهن ڏٺو آ، ڀلا سڀاڻي کي

ڪنهن جي نالي اڃان نه ٿي سڏجي،
سال ٿيا هن سندس سماڻي کي.

ڪنهن تي ايڏي چٿر چڱي ڪونهي،
ڪاڻو چئبو آ، ڪين ڪاڻي کي.

عشق “صابر” وڏي بلا آهي،
ٿو اياڻو بڻائي سياڻي کي.