شاعري

ڪڏهن ورندين

صابر سيدپوري جي شاعري سندس جذبن جي عڪاس آهي. جنهن ۾ شعوري سگهه به آهي ته داخلي حسناڪي به سندس پيغام چٽو ۽ ڏاهپ تي مبني آهي پنهنجي تجربن ۽ مشاهدن کي اهڙي ته سهڻي انداز ۾ پوئي اڳيان رکندو جو سڀ ويٺل ۽ پڙهندڙ داد ڏيڻ کان سواءِ رهي نه سگهندا.
هي سادو ۽ سٻاجهو ماڻهو آهي جنهن ڪري سندس دل شيشي جيان صاف ۽ شفاف آهي هن جو ذهن آدرشي آهي سچ چوڻ کان نه گهٻرائيندو آهي.
Title Cover of book ڪڏهن ورندين

ڪي پيار جا سارنگ وسڻا هن، ۽ چانڊوڪيون به ڳائينديون

ڪي پيار جا سارنگ وسڻا هن، ۽ چانڊوڪيون به ڳائينديون،
دردن جي دُڌڙ سڀ لهڻا هن، ۽ چانڊوڪيون به ڳائنديون.

هي مند چري جي چيٽن جي، آغوش ۾ وٺندي خوف نه ڪر،
هي نيڻ نماڻا کلڻا هن، ۽ چانڊوڪيون به ڳائنديون.

اي وقت ڀلي تون رانديون ڪر، پر رانديون به ڪي سهنديون ڪر،
سورهيه ته سدائين رهڻا هن، ۽ چانڊوڪيون به ڳائنديون.

اڄ سانون ۾ ڪو ساءُ اچي، هن جيون منجهه هڳاءُ اچي،
هر آس جا ڏيئا ٻرڻا هن، ۽ چانڊوڪيون به ڳائنديون.

پکين جون قطارون ڏسجن ٿيون، ڇو ڦير بهارون ڏسجن ٿيون،
“صابر” جا سڄڻ جو اچڻا هن، ۽ چانڊوڪيون به ڳائنديون.