شاعري

ڪڏهن ورندين

صابر سيدپوري جي شاعري سندس جذبن جي عڪاس آهي. جنهن ۾ شعوري سگهه به آهي ته داخلي حسناڪي به سندس پيغام چٽو ۽ ڏاهپ تي مبني آهي پنهنجي تجربن ۽ مشاهدن کي اهڙي ته سهڻي انداز ۾ پوئي اڳيان رکندو جو سڀ ويٺل ۽ پڙهندڙ داد ڏيڻ کان سواءِ رهي نه سگهندا.
هي سادو ۽ سٻاجهو ماڻهو آهي جنهن ڪري سندس دل شيشي جيان صاف ۽ شفاف آهي هن جو ذهن آدرشي آهي سچ چوڻ کان نه گهٻرائيندو آهي.
Title Cover of book ڪڏهن ورندين

جاتي سونهن بسيرو آهي

جاتي سونهن بسيرو آهي،
عشق جو تاتي ديرو آهي.

شاعر جو من ايئن آهي،
اڏندڙ ڄڻ ڪو ڳيرو آهي.

پيار بنا هيءَ يار حياتي،
ڪَٽي آهي ڪيرو آهي.

هُنَ جون اکريون چمندي چمندي،
انگ انگ ٿي پيو کيرو آهي.

جي ٿو پڇين تون ڇا هي جيون،
ڪانون جو ڪانگيرو آهي.

حُسن جي اڳيان ڪجهه ڀي ناهي،
“صابر” هونءَ مٿيرو آهي.