هڪ پيار جي تلاش ۾ هڪ پيار ويو مري
هڪڙي حسين خواب جو سينگار ويو مري.
دشمن ته آهي دشمن ان تي ميار ڇا؟،
اڄ يار! يار جي هٿان هڪ يار ويو مري.
ڪنهن چنڊ ۽ چڪور جي ميلاپ کي ڏسي،
پوري عيال سوڌو اغيار ويو مري.
جنهن عشق ساڻ جهيڙيو، جنهن عشق آ ڇيڙيو،
سو ٿڪجي ٿڪجي نيٺ کائي هار ويو مري.
جنهن جي جڏهن جتي ڀي دل ٿي ٽٽي پوي،
ان لاءِ ڄڻ ته “صابر” سنسار ويو مري.