شاعري

ڌرتي دين ڌرم

ڪتاب ”ڌرتي دين ڌرم“ اوهان اڳيان پيش ڪري رهيا آهيون. هي ڪتاب سنڌ جي قومپرست شاعر ابراهيم منشي جي شاعريءَ جو مجموعو آهي جنهن ۾ نظم، بيت ۽ وايون شامل آهن. هي ڪتاب 1981ع ۾ روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو پاران ڇپايو ويو. سنڌ سلامت ڪتاب گهر سٿ پاران ڪتاب کي ڪمپوز ڪري نئين سر آنلائين اپلوڊ ڪري رهيا آهيون. ٿورائتا آهيون سائين شاهنواز سومري جا جنهن ڪتاب ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪليو.
Title Cover of book ڌرتي دين ڌرم

مھاڳ

مون کي ھن دؤر جي نھايت اھم، ارڏي ۽ مُھان شاعر منشي ابراھيم جي نئين شاعري مجموعي، ”ڌرتي دين ڌرم“ جيڪو ڇپجي چڪو آھي لاءِ چيو ويو ته ان لاءِ مھاڳ يعني تبصرو، تعارف ۽ تاثرات لکي ڏيان. وسوسي ۾ پئجي ويس ته منشيءَ جي شاعريءَ تي تاثرات لکان! منشي ھڪ حساس فطرت، انوکو، اڙانگو شاعر آھي. ھن جي شاعريءَ ۾ پُر سوز زبان، ڪرب انگيز تاثرات، ھمت و حيات آفرين جذبات موجزن آھن. منشي وقت جي پڪار، منشي عزم ۽ ھمت جو نشان، محبت و ايثار جو پيڪر، ظلم ۽ ظالم لاءِ موت آھي:
”جنگ جنگ جنگ آ، منھنجي توسان جنگ آ،
پليت پير ڪر پري، ھي ڌرتي منھنجو ننگ آ.“
قوم پرست شاعر ته اسان وٽ گھڻا آھن، سڄي سنڌ ھيرن جي کاڻ آھي، پر منشيءَ جي ڏات ۽ ذات نرالي آھي. منشيءَ جي ترنم ۾ سحرخيزي ۽ بلا جو ڪرب آھي. لفظ سادا، سھڻا ۽ چڀندڙ- لفظن جو انتخاب نھايت عمدو ۽ اعليٰ، جي ترنم سان پڙھي ته ماحول متزلزل ٿئي، مزدور، محتاج ۽ مظلوم جو حوصلو ۽ سمت ھماليه کان مضبوط ۽ مٿاھون ٿيو وڃي!
”دودي ڏاھر جو اولاد، مان ئي آھيان، مان ئي آھيان.....
منھنجو عزم فولاد!“
مون کي ياد آھي ته ھڪ دفعي پروفيسر حيدر علي لغاريءَ جي ھيرآباد واريءَ جاءِ تي پروفيسر ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي ۽ ھڪ ٻن ٻين دوستن منشيءَ سان رھاڻ جو اھتمام ڪيو ھو. حيدرآباد جي پر فُسؤن رات، منشيءَ جو سوز و جلال آفرين آواز، انقلاب انگيز شاعري، ٽيپ ٿيندي رھي. 9 بجي رات جو آيل ماني، ڪنھن کي نه ھوش ھو، نه خواھش! صبح جو ساڍي چئين بجي پاروٿي ڪري کاڌيسون؛ ۽ جڏھن ٽيپ ٿيل ڪيسٽ ان وقت جي ايڊيشنل سيشن جج علي حيدر شاھ ٻُڌي ته بي اختيار چئي ويٺو- ”ڪٿي آھي ڪارلائل- ڪيٽس ۽ شيلي جي شاعري- اسان وٽ سنڌ ۾، سنڌي زبان ۾ ھھڙا شاعر به موجود آھن! جن وٽ شعوري پختگي ۽ فڪر و فھم جي ايتري بلندي موجود آھي.“ منشي ظلم ۽ ظلم جو پس منظر قطعي نٿو برداشت ڪري:
”نه ھونديون حويليون، نه ھوندا ھي ٿاڻا،
مان ھوندس نه ھوندس، سو پاڻا نه ڄاڻا.“
منشي ابراھيم غربت جي ٻاٽ اونداھيءَ ۾ اک کولي؛ سندس حساس شاعرانه طبيعت ظلم و جبر ۽ ڏاڍ جي پيڙائن مان پلجي، رچي ريٽو ٿي، عزم ۽ آزاديءَ جو مينار بڻجي ويئي، سندس محسوسات و ڪيفيات ۽ واردات قلبي ھيٺئن طبقه، مزدور، مظلوم ۽ مارو ماڻھن جي ڪيفيات ۽ ڪرب جو اظھار آھي.
سندس موجوده زيرِ نظر ڪتاب ” ڌرتي دين ڌرم“ ۾ منشيءَ جي نئين ۽ تازه شاعري آھي. ان ۾ نظم، بيت ۽ وايون آھن. جن ۾ سڪون آھي، سُرور آھي ۽ سوز آھي. 'منشي' سچ جو شاعر آھي، جذبات ۽ احساسات ۾ حقيقتِ روح جو ترجمان آھي. سندس بيت جو انداز ته ڏسو! ڪرب تڙپ ۽ گھرو زخم! سوچ ۽ لوچ، ادائگي ته ڏسو!
”سج نه ڪني ڪڍ، اڃا رات رھڻ ڏي،
وڇوڙي جا وڍ، ڀنيءَ ۾ ڀري وٺان!“
منشي ھڪ فطري شاعر آھي، ھن کي مصنوعي ۽ مصلحتي معيارن جي ڪا پرواھ نه آھي. حقيقت ۽ برملا حقيقت بيان ڪندو آھي-
”ٺرو ٺاھي پياريو، ڪولھڻ ٿي ڪلال،
جاڳي پيو جيءَ ۾، جيئرو جد جلال،
حرام ۽ حلال- ٻئي ٻڏي ويا ٻوڏ ۾.
منشي ھڪ عملي ۽ حقيقت پسند مبلغِ انصاف آھي. ھن جو وايون ڏاڍيون مقبولِ عام آھن، جيڪي سُٺيون، سُھڻيون ۽ مؤثر آھن، لفظ سادا، سھڻو انتخاب ۽ جذبات اُڀاريندڙ ھوندا اٿس. سندس وائيءَ جو انداز ڏسو:
”راڻا ڏيئي رَتُ- ٿورو لاھيو ٿَڃُ جو“
منشيءَ جي شعر ۾ عزم، حوصلو، بلندي ۽ قربانيءَ جو بي پناھ جذبو مؤجزن آھي-
”ڪبا ڪارا نه ڪوٽن ۾، پنوھارن جا اڇا پَٽڪا،
ڦوھارا ڏي يا ڏي ڦاسي، ڦٽن تي ھڻ ڦري ڦٽڪا.“
قربانيءَ جو جذبو ملاحظه فرمايو!
پوندي اتي پڙ ۾ پرک- سُوريون جتي سينگاربيون!
پيا لٽڪندا ڪئين لاش لک- سُوريون جتي سينگاربيون!
بھرڪيف منشي ھڪ جامع الصفات شاعر آھي. سندس زبان، سندس سوز ۽ آلاپ، سندس فڪر ۽ فھم، سندس پيغام، ھمت، جرئت ۽ قرباني آھي. سندس ھي نئون ڪتاب سنڌي زبان ۽ نظرياتي توڙي طبقاتي ادب ۾ تاريخ جو ھڪ سونھري باب آھي، سنڌي نوجوان نسل لاءِ ھڪ ضابطه حيات آھي.
منشيءَ جي شاعريءَ ۾ سونھن، سُرت، ساڃاھ، پيڙا، پڪار، عزم، حوصلو، جدوجھد، جرئت ۽ ھمت، جانبازي توڙي جان نثاري ۽ ڌرتيءَ سان بي انداز محبت موجزن آھي. وقت جي ضرورت آھي ته ھن کي پڙھجي، پروڙجي ۽ راهِ عمل ۾ رھنمائي حاصل ڪجي-

ايم ايم سٺيو
ٽنڊو محمّد خان