روپا ماڙي
ھن ڳاڙھي ڳاڙھي ماڙيءَ ۾؛ ڪئين روپ ھزارين رنگ ھئا،
سي ڏينھن ھئا نت نينھن ھئا، ڪن نام ڪٺن جا ننگ ھئا.
ڇا شھزادن ھت شان ھئا، مانجھين مردن مان ھئا،
ڇا آن ڀريا انسان ھئا، ڇا سورھه پٽ سلطان ھئا،
ڇا ڀاڳوءَ جھڙا ڀان ھئا؛ جن دودن ڏنڙا دان ھئا،
ير- غيرت محبت حڪمت حشمت، دولت ۾ سي دنگ ھئا.
ڇا گھم گھمان ھئا گھوٽ ھتي، سي گھوٽ به ڪي اڻموٽ ھتي،
ڪو دودو چوٽان چوٽ ھتي، ڪي ننگر ڀونگر سوٽ ھتي،
ھو اولو ھر ڪنھن اوٽ ھتي، ھئي ھيرن مُور نه کوٽ ھتي،
۽ چالن ڪنڍين چؤواٽن تي، چرندا چوَڏس چنگ ھئا.
جن ٿر بر ھئڙا ٿاڪ سدا، سي بانڪا پٽ بيباڪ سدا،
تن ھنڌين ماڳين ھاڪ سدا، ۽ دل جا پاڪئين پاڪ سدا،
سي ڌڱ ڌڻي ھن ڌرتيءَ جا، تن ڌُوپارن جي ڌاڪ سدا،
سي وارو واھر وانگين جا، ۽ ويرين وجھندا ونگ ھئا.
ڪڏھن رم جھم رم جھم رات ھئي، ۽ ھيرن موتين تات ھتي،
ڪڏھن برھ بياني بات ھتي، لک لاکيڻي ھر لات ھتي،
ڪڏھن ورھ جون وايون وات ھتي، ٿي برھ وٺي برسات ھتي،
ڪڏھن جوڌا جاني جاءِ انھيءَ تي، جوٽي بيٺا جنگ ھئا.
ڪڏھن چوڌاري ھت چس ھئا، ۽ وانگي پنھنجي وس ھئا،
ڪڏھن گھوڙن گھوٽن گس ھيا، ۽ ڏِس ڏِس تن جا ڏَس ھئا،
سي قلب نه رکندا ڪَس ھئا،۽ جيءَ سان چوندا جس ھئا،
ڪڏھن تاڪُن کي تڪبير وجھڻ لئه، تڻبا تازين تنگ ھئا.
ھن ڌرتي ڌنڌا ڌار ھئا، ھت ٻاگھين رھندا ٻار ھئا،
جي دشمن لئه تلوار ھئا، ۽ يارن جا سي يار ھئا،
ھت ھنسا پٽ ھزار ھئا، سي مانجھي مڻيادار ھئا،
ھت راڻا سوڍا رھواسي ڪئين، ارڏا پٽ اڙٻنگ ھئا.
ھت شاھ وڏا شھزور ھئا، ڪي ”منشي“ مانجھي مور ھئا،
سي اڀرن عاجز اُھکن جي نت، پاڻ ڪندا پرگھور ھئا،
ھر ڌارئين کي ھئا ڌوڙ ڪندا، ھت دنگ دليرن دور ھئا،
تير تراريون ڀالا تن وٽ، ڍال ٻَڌڻ جا ڍنگ ھئا.