ھن نگريءَ کي نگري جي، بيماري چوڌاري ڙي،
مسڪينن جو ماس پيو کامي، ظلم ھتي ڪئين زاري ڙي.
سانگين سِر تي سور سوين ٿا، ڏين سياسي سانڊا ھتي،
ماروئڙن جي ماس مٿان آھن، آڪرا ٻاٻرا ٽانڊا ھتي.
ويس ڍڪي موسيٰ جو البت، آيا ھتي ابليس وري،
آڙ وٺي اسلام سندي سي، ڪرڻ گھرن ٿا ڪيس وري.
ھن جي سياست پيٽ جي پوڄا، ھن جي زبان ۾ زھر الا،
ڪير ٻڌي ۽ ڪير سڻي ھي، ڪيسين ھلندا قھر الا.
رھبر مَٽجي رھزن ٿي پيا، راھگيرن جي نه راھ رھي،
ھٿ ۾ قرآن ڪڇ ۾ ڪاتي، ڪنھن نه خبر ھي ڪيئن وھي.
داد رسيءَ لئه دانھون نه ڪريو، درد وندا بيداد ھتي،
ڪير نه ٻڌندو، ڪير نه سُڻندو، ڪنھن جو ڪو فرياد ھتي.
لُھوءَ اوھانجو لوڀين لُڇن، سانڍن کي آھي سيباڻو،
ھلو ھلون ڪنھن ٻي نگريءَ ۾، ڏيھ ڇڏي ھي ڏاڏاڻو.
”منشي“ ھتي مجبوري آھي، پوري جنھن تي سوري ڙي،
ڏاڍو گابو ھن نگريءَ ۾، دوست ھتي دستوري ڙي.