روئي رني ڪوٽ، دانھن ڏني درياھ کي،
ٻاٻاڻن جا ٻُوٽ، ڳُجھين ڳجھن وات ۾،
مھراڻا ٿئي موٽ، ته روءِ نه رني ڪوٽ،
اڃان منھنجي اوٽ، ڪئين دودا ديس جا...!!
دودا منھنجي ديس ۾ ڪئين، ھي آ دودن ديس،
جڏھن ھڙيئي ھڪ ٿي، ورندا ڪري ويس،
مري ويندي ميسَ، ڌارين ڌاڙيلن جي...!!
موھن دڙي مورتيون، ساک سنڌوءَ جي سونھن،
ويو وقت وماس ۾، وانگي منجھ ورونھ،
ھاڻي در در دونھن، دکي ديس وندن لئه...!!
ڌرتي ڏني دانھن اڄ، ڳاڙھيندي ڳوڙھا،
دؤر دراوڙ قوم جا، دل تي پيس دوڙا،
ٻاڏائي ٻانھون کڻيو، ٻڌين نٿو ٻوڙا،
گھلون گھر گھر آئيون، گھوڙا ڙي گھوڙا،
سانگيئڙا سڀ سميم ۾، سڪي ٿيا سوڙھا،
ڦاسيون ۽ ڪوڙا، ڪيسين رھندا قوم تي...!!
ٻوڙن ٻڌي ڪانه ڪا، سندي امڙ آنھ،
سندي دردن دانھن، ٻيلا ٻرائي ويئي....!!
ڪاري تڙ تان ڪونجڙيون، ڪرڪي مٽيون ڪالھ،
پلر نه پسي پٽ تي، لڙڪ وھايئون لال،
سُک نه سنڌوءَ سال، چاليھن کان چڙھي ويا....!!
ڪونج ڀانيا ڪک، ماريءَ جي مانڊاڻ کي،
پوپٽ جھڙا پک، ڦاسندي ڦونڊا ٿيا...!!
ڪونج وڌي ويئي مونجھ، ٻاڪاري ٻچن لئه،
جيئن ڪوڪن نه ڪونج، ڇڪي ۽ ڇيتيون ڪري...!!
مٿي ماڻھوءَ تيل، ھيٺان ڌرتيءَ تيل،
گھاڻي ڪئين گھمائيا، ھت بلاول ھيل،
رت رتا رابيل، رتا جن جي رت مان....!!
گھڻي گھاڻي پيڙ، آھي عام عوام تي،
ڪنجھي ٿي ڪرڪي ٿي، ھي ھي ھيڏي ريڙ،
لڱن ليڙون ليڙ، ڏسيو ڏيل ڏڪيو وڃي....!!
جيئڻ تو نه جڳاءِ، پڃري منجھ پکيئڙا،
وڻ وڻ واس وٺڻ جو، ھيئن تو ھڳاءُ،
آءُ اڏامي آءُ، سگھو پکي سٿ سان....!!
ڪوٽ ڏجي مان ڪوڪ ٿي، رني ڪوٽ مان رڙ،
وڪامن پيا واڪ ۾، وانگيئڙن جا وڙ،
جھانگين جھڳا جھڻ ٿيا، ڪوٽ نه قلعو ڪڙ،
ويٺا آھن وفاق لئه، در در لاھيو دڙ،
ڊگھا نَڪ نرين کان، ڀاڙيائيءَ ۾ ڀَڙ،
جيڪر اھا جڙ، پٽجي ته پاڪائي ٿئي....!!