لطيف در دانھن
ھتي ته چارئي پھر چڙھي پيو، سوريءَ سائين سچ لطيف،
سون ڏيئي اڄ سوڌين ويٺا، ڪيئي ڪوڏيون ڪڃ لطيف.
سنڌ سموري سانگيئڙن جي، سائين سوگھي منجھ سنگھر،
ڌاڙيلن جا ڌرتيءَ ھِن تي، ڌار مچي ويا آھن ڌمچر،
پورھيتن جو پورھيو وڪجي، ساءِِ سستو رت پگھر،
راڻا راتو رات ڪُٺا ڪئين، ڪيئي قيدن ۾ ڪونڌر،
جيجل جيءَ ۾ جل جلن ٿا، جاڳ وراءِ واڳ لطيف،
ڀونءِ سڄي ڀڙڀانگ ڀٽائي، ڀاڳيئڙن جا ڀاڳ لطيف....!!
دم قدم تي ديس وندن لئه، در در اڏيل دام ھتي،
ناز نپايل ناريون ڪيئي، ننگ ڀريون نيلام ھتي،
پنھنجي گھر ۾ چور اسين ٿا، سڏجون صبح شام ھتي،
سَچ چڙھي پيو سؤريءَ سائين، کاھڙ ساري کام ھتي،
گھر گھر ٽنگيل ٽياسن ۾، اڄ ڳاڙھا ڳاڙھا گھوٽ لطيف،
مھر ڪري اچ ماروئڙن تي، ماڳن پنھنجي موٽ لطيف....!!
ڪت نه ڪڻڪي ڪڙمي ڪاري، نه ڪا وڄائي چال چڙي،
پڄران پسيو پڊ ۽ پينگھا، اکين مان پيا لڙڪ لڙي،
ويا دڪاري ولر واري، جن سان منھنجي جيءَ جڙي،
ڏينھن گذاريان تن ري ڏسڪي، رات گذاريان روئي رڙي،
سينڍ نه سڻجي وانجھيو آھي، جھونگارن کان جھنگ لطيف،
ڪين ڪٿي ٿا پسجن پيارن، ڍاٽيئڙن جا ڍنگ لطيف....!!
دؤر ڇڏي ويو درياه سارو، ڪين ڪنن ڪڙڪاٽ ھتي،
اڄ نه ٻولي ٻاٻاڻن جي، ڀاڳين جو ڀُڻڪاٽ ھتي،
مورن مينھن مڙڻ ڇڏيو ۽، ڪونج نه ڪا ڪڻڪاٽ ھتي،
دردن ماريل دلگيرن جي، دل دل ۾ دونھاٽ ھتي.
اڄ نه ڪو چونگار چڙي ۽، چوڙيلين جا چاڳ لطيف،
ست ڀتيرو ساڳ نه ڪو ڪو، دو ديرين جا داڳ لطيف....!!
دونھيون وِسائي پيھون ڊاھي، لاشڪ ويئڙا لال لڏي،
سيني جا جي ساھ سھارا، سانگي ويا سي ساٿ سڏي،
ڇانگون ڇوڙي ڪلا اکوڙي، ڇني ڇورو ويا ڇڏي،
رند نھاريان ھنجون ھاريان، ويئڙا گوندر منجھ گڏي؛
واھر ٿي اچ مون ته ولھيءَ تي، واڳون پنھنجون وار لطيف،
مون لئه ڌرتي ڌڳ ڌڳي پئي، ڌنارن کان ڌار لطيف....!!
اچ کڻي ڪو مچ ڙي سائين، جھانگين ڪارڻ جھول ڀري،
جنھن جي ڏسندي جبر جلي ۽، لاھيون ڏيھ تان ڏاڍ ڏري،
جوت جلايون ساري جڳ ۾، جابر سان ڪا جنگ ڪري،
گھر گھر ”منشي“ گل ٽڙن ۽، آزادي جي جوت جلي،
ٻيجل جو اڄ روپ وٺي ڪو، چوري اھڙو چنگ لطيف،
سورھ ڏيندا سِر ائين جيئن، سارين وڍجن سنگ لطيف....!!
*