انتساب
منهنجي هن ڪتاب جا ڪجهه مضمون ڪالمن جي شڪل ۾ هڪ روزنامه اخبار ۽ نيٽ تي پڙهي هڪ دوست چيو: “انڊيا ۾ رهندڙ وڏيرا، پير، وزير ۽ سياستدان پنهنجن ماڻهن ۽ پنهنجن ڳوٺن لاءِ تمام گهڻو ڪن ٿا. اسان جي ملڪ جا وڏيرا ڀوتار – خاص ڪري سنڌ جا، ڪجهه به نٿا ڪن. هنن کي نه عوام جي صحت ۽ تعليم جو خيال آهي ۽ نه عوام جي بهتريءَ جو” اها ڳالهه گهڻي ڀاڱي صحيح به آهي، پر ان حال ۾ به ڪي خدا جا نيڪ ٻانها اهڙا آهن، جن کي عوام جو به خيال آهي. هو چوريون، ڌاڙا ۽ اغوائون ڪرائي پئسو ڪمائڻ بدران خود محنت ڪن ٿا، پنهنجن ڳوٺن ۾ ڪارخانا ۽ فئڪٽريون لڳرائي پاڻ به پئسو ڪمائين ٿا ته ڳوٺ جي ماڻهن کي به گهر ۾ ئي روزگار مهيا ڪري ڏين ٿا. اسان جي پاڙي واري ڳوٺ مٽياريءَ جو سيد ذوالفقار علي شاهه ڄاموٽ به انهن مان هڪ آهي. منهنجي ساڻن پهريون دفعو ملاقات ٽي سال اڳ پير صاحب پاڳاري جي جنم ڏينهن جي فنڪشن تي ٿي. اسان جي پيٽارو جي محبوب عالم انصاريءَ، جيڪو سنڌ حڪومت ۾ سيڪريٽري هو ۽ ڪليم وساڻ مون کي سائين سان ملايو. پاڻ اسان کان عمر ۾ وڏو هجڻ جي باوجود اسان سان ايڏو ته سٻجهائپ سان مليو ۽ فضيلت سان ڳالهايائين جو مون کي هو ڪنهن به ڪنڊ کان سنڌ جو علامتي وڏيرو يا سياستدان نٿي لڳو. اسان سڀ اسٽيج ڀرسان، اڳيان رکيل ڪرسين تي وڃي ويٺاسين، پر ڄاموٽ صاحب اڳيان خالي قطارون هجڻ جي باوجود پوئينءَ سيٽ تي ويهي رهيو. آئون ڪافي عرصو ٻاهر رهي آيو هوس ۽ اهو سوچيم ته ڳوٺ خبر ناهي منهنجو وڃڻ ٿئي يا نه سائين ذوالفقار ڄاموٽ صاحب سان هتي ئي ملڻ کپي. هو اسان جي شهر جو نه سهي پر ڀر واري شهر جو ته ٿيو، جنهن جي ماڻهو هيڏي تعريف ڪن ٿا. پر آئون 60 سال گذارڻ بعد به کانئن اڻ واقف آهيان، اهو سوچي آئون وڌي اچي وٽ ويٺس. جيسين ڪيڪ ڪٽجي ۽ مهمان مانيءَ لاءِ اٿن، تيسين مون کي ڳالهائڻ لاءِ سائينءَ سان ڪلاڪ يا منو ڪلاڪ ملي ويو ۽ هن پهرين ملاقات ئي مون کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو، ته سيد ذوالفقار ڄاموٽ صاحب رڳو شام جي اخبار پڙهڻ وارن سياستدانن ۽ وڏيرن مان ناهي، پر هن جو تمام گهڻو مطالعو آهي. هو ڪيترن ئي topics تي مون سان ڳالهائيندو رهيو ۽ مون ڏٺو ته کين هر ڳالهه جي تمام گهڻي ڄاڻ آهي، جيڪا هن نه فقط ڪتابن جي مطالعي ذريعي حاصل ڪئي آهي، پر سندن دوستي ۽ اُٿي ويٺي به پڙهيل ڳڙهيل ۽ سلجهيل ماڻهن سان آهي، ان کان علاوه سندن سٺي انگريزيءَ پڻ مون کي متاثر ڪيو. ڄاموٽ صاحب جي انگريزي نه فقط گرامر جي لحاظ کان پر لهجي جي خيال کان پڻ سُٺي آهي.
ڄاموٽ صاحب سان ان بعد سگهو سگهو ڪيترن ئي دعوتن ۾ ملاقات ٿي. ڪڏهن ڪراچي جيم خانه ۾ ته ڪڏهن سنڌ ڪلب ۾ يا ڪنهن ملڪ جي نئشنل فنڪشن تي. انهن دعوتن ۾ ملاقات بعد خبر پيئي ته اسان جو پيٽارو ڪئڊٽ ڪاليج جو ساٿي ۽ ممتاز ڀٽي صاحب جو ناٺي غلام قادر ڄاموٽ، PIA جو ڊائريڪٽر سيد فاروق شاهه آغا خان هاسپيٽل جو هيڊ ۽ اسپيشلسٽ سيد حسنين شاهه ۽ ڊاڪٽر شفقت علي شاهه ڄاموٽ .... وغيره جو هڪ ئي فئملي سان تعلق آهي ۽ هي خاندان سنڌ جو صحيح طرح پڙهيل ڳڙهيل خاندان آهي. ايتريقدر جو سيد ذوالفقار علي شاهه ڄاموٽ بنيادي تعليم به (يعني مئٽرڪ تائين به) لاهور جي ايچيسن ڪاليج ۽ حيدرآباد جي ڪانوينٽ اسڪول (سينٽ بوناوينچر) مان حاصل ڪئي، ظاهر آهي اهڙي ماڻهوءَ جي انگريزي ڪيئن نه بهتر هوندي.
1957ع ۾ اسان ڳوٺ ڇڏي ڪئڊٽ ڪاليج ۾ پڙهڻ وياسين ته انهن ڏينهن ۾ اها وڏي ڳالهه سمجهي وئي ۽ اسان به سمجهيو ته ڪا وڏي کيپ کٽي اٿئون. پر اڄ ٿو سوچيان ته سائين ذوالفقار علي شاهه ڄاموٽ جن ته اسان کان به چار پنج سال اڳ مٽياري ڇڏي لاهور پڙهيا. اسانجي پيٽارين ۽ ڄاموٽ صاحب جي سوٽ غلام قادر سان جڏهن اها ڳالهه ڪيم ته هن کلندي ٻڌايو ته هن جو وڏو ڀاءُ امداد علي شاهه جنهن کي حسن علي شاهه به سڏيندا هئا، اهو ڄاموٽ صاحب کان وڏيءَ عمر جو هجڻ ڪري کانئن به ٽي چار سال اڳ لاهور جي ڪاليج ايچيسن ۾ داخل ٿيا. هتي اهو لکندو هلان ته لاهور جي ايچيسن ڪاليج ۾ داخلا ملڻ – سان به انهن ڏينهن ۾ ڪو آسان ڪم نه هو. هن ڪاليج جي ڊيلي روٽين پڙهائي تمام سخت رهي آهي. اسان جي ڪيترن، پيرن، ميرن ۽ وڏيرن جي خاندان جي اها بدقسمتي رهي آهي ته هنن کي پنهنجي اولاد کي سٺن ڪاليجن ۾ پڙهائڻ جو خيال نه رهيو آهي، پر ان معاملي ۾ مٽيارين جو هي خاندان بلڪل مختلف آهي، جن جا ٻار انهن اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين مان پڙهيا، جن ۾ شاگردن کي پاس ٿيڻ لاءِ واقعي محنت ڪرڻي پوي ٿي ۽ هو صحيح طرح علم حاصل ڪن ٿا. رڳو لاهور جي هن ايچيسن ڪاليج مان ذوالفقار ڄاموٽ ۽ سندن سوٽ سائين امداد علي شاهه نه، پر سندن خاندان جا ٻيا به ڪيترائي ٻار پڙهيا، جيئن ته امداد علي شاهه جا ننڍا ڀائر: امير علي شاهه جيڪو اڳ ۾ MPA هو، هاڻ MNAآهي، سنڌ جي مشهور شخصيت آفتاب شاهه جنهن MRD تحريڪ ۾active حصو ورتو ۽ ضياءُ الحق جي ڏينهن ۾ جيل جون سختيون برداشت ڪيون. هتي اهو به لکندو هلان ته ايچيسن ڪاليج ۾ اڪبر بگٽي صاحب جو پٽ سليم بگٽي سندس ڪلاس ميٽ ۽ دوست هو، اهو به ٻڌائيندو هلان ته اڪبر بگٽي ۽ امداد علي شاهه (حسن علي) ننڍي هوندي علامه آءِ. آءِ قاضيءَ جن وٽ وارڊ ٿي رهيا ۽ امداد علي شاهه جڏهن ايچيسن ۾ هو ته نواب آف ڪالاباغ جو پٽ نواب اسد سندن ڪلاس ميٽ هو. بهرحال انهن ڀائرن کان علاوه سندن هڪ ٻيو ڀاءُ مرحوم امجد علي شاهه پڻ اتان پڙهيو ۽ ڄاموٽ صاحب (سيد ذوالفقار علي شاهه) جي چاچي سيد حاجي فضل علي شاهه جا به ٻئي پٽ سيد فاروق شاهه ( جيڪو PIA ۾ ڊائريڪٽر هو) ۽ ڊائريڪٽر پروفيسر سيد حسنين شاهه جيڪو آغا خان اسپتال ۾ پيٽ جي بيمارين جو اسپيشلسٽ ۽ هيڊ آف ڊپارٽيمينٽ آهي. اهي پڻ ايچيسن ڪاليج مان پڙهيا. دراصل سندن والد صاحب سيد فضل علي جيڪي ڪافي عرصو ٽائون ڪميٽيءَ جا چيئرمين رهيا، انهن کي به ننڍپڻ کان تعليم جو شوق رهيو آهي. مون جڏهن گهڻي همٿ افزائي ڪئي ته هنن ٻڌايو ته ان پٺيان هڪ ته سندن والد صاحب مرحوم سردار محمد علي شاهه ڄاموٽ جو هٿ هو ۽ ٻيو سندن هن چاچي فضل علي شاهه جو پڙهندڙن جي دلچسپيءَ لاءِ هتي اهو به لکندو هلان ته آئون نٿون سمجهان ته منهنجي همعصرن مان ڪو اهڙو هوندو جو سائينءَ کي نه سڃاڻندو هجي، جيڪڏهن آئون لکان ته فضل علي شاهه صاحب کي فلمي دنيا به دلچسپي هئي ۽ سندن فلمي نالو ايس گل هو. پاڻ ڪيترين ئي فلمن جا ڊائريڪٽر ۽ پريوڊيوسر رهيا، جن مان ڪجهه هن ريت آهن:
• حاضر سائين
• بيقرار
• التجا (جنهن ۾ هيروئن راگني ٿي هئي.)
مٽيارين جي هنن سيد فئمليءَ مان منهنجي دراصل سڀ کان پهرين ملاقات سائين ذوالفقار علي شاهه ڄاموٽ جي ننڍي ڀاءُ ڊاڪٽر شفقت سان اڄ کان ويهه سال کن اڳ ٿي. پاڻ MA سنڌ يونيورسٽي مان ڪرڻ بعد آمريڪا جي ورجينيا يونيورسٽي مان Ph.D ڪيائون. سندن خاص سبجيڪٽ فارين افيئرس هو. پاڻ ٻه دفعا وزير به رهي چڪا آهن. هڪ دفعو 1985ع کان 1988ع تائين سنڌ حڪومت ۾ ۽ ٻيو دفعو مشرف دور ۾ فڊ ۽ ائگريڪلچر جا فيڊرل وزير به ٿي رهيا. ساڻن منهنجي پاڪستان ۾ توڙي پاڪستان کان ٻاهر سفارتخانن طرفان ملهايل قومي ڏينهن تي يا ڪامن دوستن جي شادين مرادين ۽ غمين تي اڪثر ملاقات ٿيندي رهي ٿي. سندن هرهڪ تعريف ڪري ٿو ۽ سندن اخلاق ۽ سٻاجهائپ مان به هرهڪ متاثر رهي ٿو. اعلى تعليم يافته هجڻ ڪري پڻ هن جي عزت ڪئي وڃي ٿي. ساڳئي وقت گذريل 20 سالن ۾ منهنجي سندن سوٽ غلام قادر سان به پيٽارين جي حيثيت سان پيٽارو جي هر فنڪشن ۾ ملاقات ٿيندي رهي ٿي. پر عجيب اتفاق آهي جو مون ڪڏهن به سندن ڳوٺ جو معلوم نه ڪيو. اهو هاڻ ويجهرائيءَ ۾ سائين ذوالفقار علي شاهه ڄاموٽ جي گهر دعوت ۾ خبر پئي ته هنن سڀني جو تعلق مٽياريءَ جي ساڳيءَ فئملي سان آهي، بقول اسان جي پيٽارو جي هڪ دوست “دوست محمد بلوچ” جي ته “هي سڀ تعليم يافته، وڏن عهدن وارا، زميندار ۽ وڏيرا هجڻ جي باوجود فقير طبيعت جا ماڻهو آهن.” بقول اسان جي ڳوٺائي طارق عثمان ڀٽيءَ جي، جيڪي ماڻهو اسان جي سنڌ جي سيدن، پيرن، وڏيرن ۽ زميندارن کي جاهل ۽ ظالم سمجهن ٿا، انهن کي مٽياريءَ جي هن خاندان جي ماڻهن سان به ملڻ کپي.
اڄ جي انگريزي اخبار ڊان ۾ دينا شاهه جو مضمون پڙهي، اهو به لکڻ چاهيان ٿو ته بقول پيٽارين غلام قادر جي ته “اسان جي ڀيڻن ۽ پڦين جي ڏينهن ۾ اسان جي ڳوٺن ۾ ڇوڪرين جا اسڪول نه هجڻ ڪري اهي ته پڙهي نه سگهيون، پر اسان ضرور چاهينداسين ته اسان جون نياڻيون تعليم حاصل ڪن.” هن بلڪل صحيح چيو ۽ پڙهندڙن جي ڄاڻ لاءِ لکندو هلان ته پاڪستان جي مشهور ليکڪا دينا شاهه جنهن جا ڊان اخبار ۾ مضمون ايندا رهن ٿا ۽ جنهن جا هيستائين ڇهه ڪتاب ڇپجي چڪا آهن، جن مان ٻه ته اٽليءَ ۾ ۽ هڪ انڊيا ۾ ڇپيو، اها ڄاموٽ صاحب جي ڀائٽي ۽ ڊاڪٽر شفقت جي نياڻي آهي. هن به پنهنجي والد صاحب واري يونيورسٽي ورجينيا يونيورسٽي مان هسٽري ۽ ايڪانامڪس ۾ گرئجوئيشن ڪئي آهي. ڊاڪٽر شفقت جي ٻي نياڻي ٽيچنگ ۾ آهي ۽ فرزند رضا علي هاورڊ يونيورسٽيءَ مان گرئجوئيشن ڪرڻ بعد هاڻ پنهنجي والد جي فرم ۾ ڪم ڪري ٿو.
مٽيارين جي هيءَ سيد ڄاموٽ فئملي نه فقط تعليم ۽ زمينداريءَ ۾، پر بزنيس ۽ انڊسٽريءَ ۾ به ڪافي اڳيان اڳيان آهي. اسان ننڍا هئاسين، يعني پنجاهه واري ڏهي جي ڳالهه آهي ته پنهنجي شهر هالا جي منهن وٽ ڄاموٽ جننگ فئڪٽريءَ جو بورڊ ۽ فئڪٽري نظر ايندي هئي. هندن واپارين جون مختلف فئڪٽريون ته جتي ڪٿي نظر اينديون هيون، پر حيدرآباد کان نوابشاهه تائين هيءَ واحد فئڪٽري هئي، جيڪا مسلمان جي هئي. سائين ذوالفقار علي ڄاموٽ صاحب جي سڀ کان ننڍي سوٽ علي گوهر (جيڪو پڻ پيٽارين آهي ۽ جنهن جو پٽ ڊاڪٽر علي اڪبر اسرى يونيورسٽيءَ ۾ آهي ۽ اڄڪلههPh.D ڪري رهيو آهي) تنهن ٻڌايو ته اها فئڪٽري سندن چاچي سردار محمد علي شاهه سيد جيئندل شاهه ۽ سندن والد حاجي محمد انور شاهه جي ڪوششن سان پاڪستان ٿيڻ سان قائم ڪئي وئي. هتي اهو به لکندو هلان ته حاجي انور علي شاهه هڪ بيحد درويش صفت انسان ٿي گذريو آهي، جنهن کي مذهب ۽ ادب سان تمام گهڻو لڳاءُ هو. پاڻ ڪيترائي مدرسا ٺهرائين ۽ شاگردن جي مدد ڪيائين. مٽيارين واري النور مسجد به سندن ٺهرايل آهي.
بهرحال هتي منهنجي لکڻ جو مقصد فقط هي آهي ته مٽيارين جا هي سيد تعليم ۽ مذهب سان گڏ حق حلال جي ڪمائيءَ لاءِ هنن ائگريڪلچر، بزينس ۽ انڊسٽري ۾ به محنت ڪئي. بقول سنڌين جي حقن لاءِ جنگ جوٽيندڙ ۽ ضياءَ جي جيل ڀوڳيندڙ آفتاب شاهه جي ته هنن جي سيد فئملي اها آهي، جنهن کي ڪوبه مريد نه آهي، يعني اهو جيڪو اڄڪلهه فئشن آهي ته پير ڪهڙو به هجي، پر هن جا مريد هن کي ئي ووٽ ڏيندا، پير ڪهڙو به جاهل ۽ سُست هجي. هن کي نوڪري يا پورهئي جو فڪر نه ڪرڻ کپي، جو مريد گهر ويٺي ڏن پهچايو وڃن. اها ڳالهه مٽيارين جي هنن سيدن سان وابسته ناهي. هنن کي اسيمبلي ۾ ميمبر ٿي اچڻ بعد ماڻهن جا ڪم ڪرڻا پون ٿا. جنهن جي آڌار تي ئي هو ٻي اليڪشن ۾ عوام کان ووٽ حاصل ڪرڻ جي اُميد رکي سگهن ٿا. هنن جي گذر سفر جو اهوئي رستو آهي ته پاڻ محنت ڪن ۽ ان ڏس ۾ هنن نه فقط پاڻ ڊاڪٽر، انجنيئر، زميندار، بزنيس مين ۽ انڊسٽريلسٽ ٿي روزگار جو بندوبست ڪيو آهي، پر ٻين لاءِ به روزگار مهيا ڪيو آهي. ان جو هڪ مثال مٽياري شوگرمل ۽ ان جي اوس پاس پڪن رستن جو وڇايل ڄار آهي. جتي سردار محمد علي شاهه ڄاموٽ جننگ فئڪٽري لڳرائي، اتي سندن لائق فرزند ذوالفقار علي شاهه ڄاموٽ مٽيارين ۾ شوگرمل لڳرائي اوسي پاسي جي ماڻهن لاءِ روزگار مهيا ڪيو. هن فئڪٽريءَ جو 1986ع کان ٺهڻ جو ڪم شروع ٿيو ۽ 1992ع ۾ فئڪٽريءَ پروڊڪشن شروع ڪئي ۽ اڄ ڏينهن تائين اها بهتر نتيجا ڏئي رهي آهي، اڄ کان ويهه سال اڳ اهي مڪاني ماڻهو جيڪي هن فئڪٽريءَ ۾ مزور ڀرتي ٿيا، اڄ اهي قابل ٽيڪنيشن، ويلڊر، مستري، مڪينڪ آهي. فئڪٽريءَ جي مئنيجر دوست محمد بلوچ ٻڌايو ته ذوالفقار علي شاهه ڄاموٽ صاحب فئڪٽريءَ ۾ ڪم ڪندڙ هر ماڻهوءَ جو خيال رکي ٿو ۽ سندن ترقيءَ تي کين خوشي ٿئي ٿي ته سندس ڳوٺ جا غريب ماڻهو روزگار لاءِ پرديس ۾ وڃي ڌڪا کائڻ بدران هتي گهر ڀرسان ئي ڪمائي رهيا آهن.
سائين ذوالفقار ڄاموٽ صاحب جون ڪجهه ڪجهه ڳالهيون مون کي ملائشيا جو سابق وزيراعظم مهاتير محمد ياد ڏيارينديون آهن. جيڪو پڻ ڄاموٽ صاحب وانگر هر وقت اهو چوندو هو ته ڪنهن به علائقي جي ترقي چاهيون ٿا ته روڊ رستا ٺاهيو ۽ ان بعد ماڻهن جي صحت ۽ تعليم لاءِ اسپتالون ۽ اسڪول ٺاهيو. ڄاموٽ صاحب کي زراعت جو به بيحد شوق ۽ اونو آهي. پاڻ گريجوئيٽ به ائگريڪلچر جا آهن. منهنجو ڀاءُ حاجي اشفاق هر وقت کانئن ان بابت صلاح مشورو وٺندي نظر ايندو آهي.
ڄاموٽ صاحب جن فصل کي نقصان رسائڻ وارن جيتن تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ مٽيارين ۾ هڪ اعلى قسم جي بايولاجيڪل ڪنٽرول لئبارٽري به ٺهرائي آهي، جنهن ۾ قابل سائنسدان ۽ زراعت جا ڄاڻو تجربا ڪن ٿا. هنن ويجهڙائيءَ ۾ فصل کي چٽ ڪرڻ وارن جيتن کي مارڻ لاءِ ٻه قدرتي دشمن پيدا ڪيا آهن. هڪ ٽائڪوگراما جيت جيڪو ڪمند جي فصل کي چٽ ڪرڻ وارن جيتن جو خاتمو آڻي ٿو ۽ ٻيو Chrysoperla جيڪو ميلي بگ، سفيد مکين، پريلا، aphids ۽ thrips جهڙن نقصانڪار جيتن جو دشمن آهي. اهي جيت ڪيلي، ڪپهه، ڪمند ۽ ڀاڄين جي فصل کي نقصان رسائين ٿا. مٽياريءَ جي هن بايولاجيڪل لئبارٽري ۾ مٿين ٻن ڪمن جي جيتن جا آنا (eggs) ڪارڊن تي چنبڙائي زميندارن کي پهچايا وڃن ٿا ۽ لئبارٽريءَ جا ماهر هنن جي رهنمائي ۽ مدد ڪن ٿا.
مٽياريءَ جي هنن سيدن جا وڏا عربستان کان پهرين ايران آيا، جتان پوءِ هرات (اڄ واري افغانستان) مان 1521ع ۾ مغل تيمور بادشاهه سان گڏ سنڌ ۾ آيا، جن مان سيد مير علي شاهه هالا جي ڀرسان متعلوي شهر ۾ اچي آباد ٿيو ۽ هن مڪاني عورت سان شادي ڪئي. محمد موسى شاهه باقر محمد شاهه ۽ سيد جروار شاهه وغيره سندن اولاد مان آهن. مون وٽ هن خاندان جو فقط ويجهڙائيءَ وارو شجرو موجود آهي، جنهن ۾ جيئندل شاهه جنهن کي پاڻ جيئندل شاهه اول سڏينداسين، جيئندل ڪوٽ مٽياري ۾ رهائش اختيار ڪئي. سندن فرزند محمد علي شاهه کي ٻه پٽ ٿيا. هڪ جيئندل شاهه (جنهن کي پاڻ جيئندل شاهه ٻيو ٿا سڏيون) مخدوم طالب المولى جي ڏاڏي مخدوم محمد زمان جو همعصر هو ۽ ٻيو خانبهادر سيد حسن علي شاهه.
سيد حسن علي شاهه کي پنج پٽ ٿيا: امام علي شاهه جيڪو ننڍي هوندي گذاري ويو، ٻيو سردار محمد علي شاهه جيڪي MLA (ميمبر ليجسليٽو اسيمبلي) ۽ حيدرآباد لوڪل بورڊ جا چيئرمين پڻ هئا. ٽيون سيد جيئندل شاهه (جنهن کي پاڻ ٽيون سڏي سگهون ٿا.) پکين ۽ جانورن جو بيحد شوقين هو، چوٿون حاجي محمد انور شاهه ۽ پنجون سيد حاجي فضل شاهه (ايس گل).
سردار محمد علي شاهه وڏو ڀاءُ هجڻ ڪري ڄاموٽ سڏبو هو، کين ٻه پٽ آهن. وڏو ذوالفقار علي شاهه آهي، هو پڻ وڏي حيثيت ۾ ڄاموٽ سڏجن ٿا ۽ ٻيو ڊاڪٽر سيد شفقت علي شاهه آهي. پاڻ ٽي دفعا سينيٽر رهي چڪا آهن. پهريون دفعو ڀٽي صاحب جي دور ۾ 1973ع کان 1979ع تائين ۽ ٻه ٽرم 1985ع کان وٺي 1997ع تائين ڪيائون.
هڪ ڏينهن ڄاموٽ صاحب کان مون سندس اسڪول جي ڏينهن وارن ڪلاس ميٽ دوستن جو پڇيو ته اهي ڪير ڪير هئا. ڪجهه اهم شخصيتون جن کان اسان سڀ واقف آهيون، هن ريت آهن.
• خيرپور جو هزهائينيس مير علي مراد خان (ايچيسن ڪاليج لاهور).
• نواب آف ڪالاباغ جو پٽ نواب اسد (لاهور)
• علي نواز شاهه ميرپور خاص وارو، وزير زراعت. ( هي ۽ هيٺيان سڀ ڄاموٽ صاحب جا حيدرآباد واري سينيٽ بونا وينچر اسڪول جا ڪلاس ميٽ آهن.)
• عطا محمد مري صاحب (اڄ جي وزير شازيه مريءَ جو والد).
• سهيل رانا – فلمن جو ميوزيڪ ڊائريڪٽر.
• خير محمد جوڻيجو.
• اقبال قاضي صاحب، سابق سنڌ سيڪريٽري.
پڙهندڙن کي اهو معلوم ڪري ضرور مون وانگر حيرت ٿيندي ته سائين ذوالفقار علي ڄاموٽ صاحب کي ٿورو گهڻو شڪار جو به شوق رهيو آهي ۽ شڪار به ڪينجهر ۽ منڇر ڍنڍ تي وڃي وسوڙيل ڪونجن ۽ ويڳاڻين آڙين تي فائر ڪرڻ جو نه، پر آفريڪا ۾ وڃي خونخوار جانورن تي هٿ سڌو ڪرڻ جو. هڪ دعوت ۾ جتي سوڊان جو ذڪر نڪتو، اتي سائينءَ کان هن ملڪ جون تفصيلي ڳالهيون ٻڌي مون کي ۽ مون سان گڏ ويٺل سوڊان جي سفير ظفر شيخ کي تعجب لڳو. هيستائين هو سوڊان جي گاديءَ واري شهر خرطوم جون ۽ آءُ سوڊان جي بندرگاهه پورٽ سوڊان جون ڳالهيون ڪري، اسان سمجهندا هئاسين ته سوڊان جي تاريخ جاگرافيءَ جا اسان ئي ڄاڻو آهيون، جو انهن شهرن ۾ رهي آيا آهيون. پر ان ڏينهن ائين لڳو ته سائينءَ سوڊان بابت يا ڪتابن ۾ پڙهيو آهي يا اتان ٿي آيا آهن. هڪ ٻيءَ ملاقات ۾ پاڻ کلندي ٻڌايائون ته هو شڪار جي شوق خاطر 1982ع ۽ 1983ع ۾ ٻه دفعا سوڊان ۾، 1984ع ۾ آفريڪا جي ملڪ زمبابوي ۾ هڪ دفعو 1985ع ۾ بوٽسوانا ۾ ۽ 1986ع ۾ تنزانيا ۾ رهي چڪا آهن.
جڏهن ننڍا هئاسين ته ڄاموٽ صاحب جن جو ۽ اسان جو ساڳيو ضلعو حيدرآباد هو. هاڻ مٽياري ضلعو ٿيڻ تي اسان کي پنهنجي شهر سان گڏ حيدرآباد بدران مٽياري ضلعو لکڻو پوي ٿو ۽ اسان جي مٽياري ضلعي جو ناظم ڄاموٽ صاحب جو وڏو فرزند سيد محمد علي شاهه آهي. ڄاموٽ صاحب جي ٻئي فرزند جو نالو سيد تيمور علي شاهه آهي.
اسان جي دوست سيد ذوالفقار علي شاهه ڄاموٽ صاحب کي هي ڪتاب منسوب ڪندي خوشي محسوس ڪريان ٿو. پاڻ اسان کان ٽي سال وڏو آهي، اڄ سندن عمر کي ستر سال پورا ٿيڻ تي آهن ۽ زندگيءَ جو نئون سال شروع ٿيڻ تي کين مبارڪباد پڻ پيش ڪريان ٿو.
الطاف شيخ
ڪراچي
15 – اپريل 2010ع