انڊيا گهمڻ تي دل چوي ٿي پر...
هن سيمينار جي ڪارروائي ريٽا شهاڻيءَ هلائي ۽ دادي مسز رتنا واسواڻيءَ آيل مهمانن جو آڌرڀاءُ ڪيو، بقول سندس لفظن هُن ’سواگت‘ ڪيو. ڊاڪٽر لڇمڻ خوبچنداڻيءَ سڀ کان پهرين پيپر پڙهيو ۽ صوفيزم ۽ ويدانيت تي ڳالهايو. سندس پيپر جو عنوان هو ڀڳتي ڌارا.
الهاس نگر کان آيل ڊاڪٽر جڳديش لڇاڻيءَ جي تقرير جو عنوان ’تصوف‘ هو. اسان جي حيدرآباد جي ڪويتا پبليڪيشن واري موهن مدهوش. هن ڪنوينشن لاءِ جيڪو پيپر لکيو هو، ان جو عنوان هو ’تصوف: اڄ جي پڪار‘ پر جيئن ته هُو پاڻ پوني پهچي نه سگهيو ان ڪري سندس فيڪس ڪيل هيءُ پيپر هن فنڪشن جو انتظام هلائيندڙ ريٽا شهاڻيءَ پڙهي ٻڌايو. اهڙيءَ طرح لاڙڪاڻي کان ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جو پيپر گوورڌن شرما گهايل پڙهيو. پيپر جو عنوان هو ’اچو ته سچل کان پڇون!‘ ممبئي يونيورسٽيءَ جي سنڌي ڊپارٽمينٽ جي هيڊ ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻيءَ ’سچل جو سنيهو‘ عنوان تي پنهنجو پيپر پڙهيو. ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻيءَ جا ڪيترائي ڪتاب ممبئي توڙي حيدرآباد سنڌ ۾ ڇپجي چڪا آهن ۽ ڊاڪٽوريٽ ڪرڻ وقت هن جي ٿيسز جو واسطو به سچل ۽ شاهه جي شاعريءَ سان رهيو. هن ڪنوينشن لاءِ امرجليل کي به اچڻو هو ۽ پوءِ جڏهن ڪنهن ڪم ڪري هن نه اچڻ جو فيصلو ڪيو ته مون ڏٺو ته آخر تائين ريٽا شهاڻي کان ٽيڪچند مست ۽ وينا شرنگيءَ کان گوبند خوشحالاڻيءَ تائين هن جي مقالي جو انتظار ڪندا رهيا ۽ پوءِ جڏهن ڪنوينشن هلندي هن جو اِي ميل پهتو، ته هتي جي آفيس جي ڪمپيوٽر ۾ اهي Fonts نه هجڻ ڪري، ان جو پرنٽ آئوٽ نه نڪري سگهيو يا گهٽ ۾ گهٽ ان وقت بندوبست نه ٿي سگهيو جو کڻي ڪو مهمانن کي پڙهي ٻڌائي. بهرحال بعد ۾ امرجليل جو پيپر ممبئيءَ مان نڪرندڙ سنڌي ادبي ٽماهي رسالي “سپون” ۾ ڏنو ويو. هي رسالو پروفيسر رام پنجواڻي لٽرري ۽ ڪلچرل سينٽر پاران موري روڊ، ماهيم مان نڪري ٿو. هن رسالي جو ايڊيٽر جنهن کي هتي ’سمپادڪ‘ سڏين ٿا، ٺاڪر چاولا آهي. اهو ساڳيو مقالو سنڌ ۾ به ماهوار ’امرتا‘ ۾ ڇپيو ويو آهي. هن مقالي جو عنوان آهي: ’منهنجو روح اوهان وٽ آهي.‘ هن مضمون جي آخر ۾ امرجليل لکي ٿو:
“هن دفعي مجبورين مون کي اوهان تائين پهچڻ نه ڏنو آهي، پر، اها مجبوري منهنجي جسم جي آهي، سرير جي آهي، روڳي وجود جي آهي. اهڙين مجبورين کان منهنجو روح آزاد آهي. اڄ به منهنجو روح اوهان وٽ آهي.”
هن صبح واري سيشن بعد آيل مهمانن لاءِ سينٽ ميران گرلس ڪاليج جي گرائونڊ تي لنچ جو بندوبست هيو. آءٌ هن لنچ تي غير حاضر هئس. ٻئي ڏينهن ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻيءَ ٻڌايو ته ڪيترائي مهمان جن مون کي سيمينار دوران اسٽيج تي ويٺل ڏٺو هو، تن مون سان ملڻ ٿي چاهيو. اسٽيج تان لهڻ مهل سنڌي ادبي سڀا پوني جي فائونڊر صدر گوورڌن شرما “گهايل” مون کي هڪ ڪنڊ ۾ بيهاري، ٻئي ڏينهن صبح جو پوني جي اگروال ڪالوني ۾ ٿيندڙ مشاعري جو دعوت نامو ڏنو ۽ مون کي ان فنڪشن لاءِ وٺي اچڻ لاءِ ڪنهن ماڻهوءَ تي ڪم پڻ رکيو. مون پاڻ اهڙو ادبي فنڪشن اٽينڊ ڪرڻ چاهيو ٿي، ته جيئن گهڻي کان گهڻن ادبي ماڻهن سان ملي سگهجي. مون کي اهو فنڪشن اٽينڊ ڪرڻ ۾ ڪوبه آر يا اعتراض نه هو جڏهن ڏهين بجي ڌاري مون کي سندن ماڻهو ساڌو واسواڻي چوڪ تان جتي جي گيسٽ هائوس ۾ آءٌ رهيل هئس، مشاعري واري بابا جان چونڪ تي وٺي ٿي هليو... پر سڀني کي حيرت ٿي ته آءٌ ان مشاعري ۾ نه آيس ۽ سندن ماڻهو جڏهن گيسٽ هائوس ۾ ڏهين بجي ڌاري پهتو ته اتي به نه هئس. البت شام مختلف فنڪشنس ۾ ۽ ڊنر تي مان ڪجهه مهمان (انڊيا جا سنڌي اديب) پڇندا رهيا پر آءٌ چُپ رهيس.
هاڻ ان Suspense واري ڳالهه کي معلوم ڪرڻ لاءِ هڪ دفعو وري منهنجو شروعاتي چئپٽر ياد ڪيو، جنهن ۾ پوليس رپورٽنگ بابت لکيو اٿم، ته اسان پاڪستانين کي انڊيا جي هر شهر ۾ پهچڻ تي 24 ڪلاڪن اندر پوليس آفيس ۾ اطلاع ڪرڻو پوي ٿو ۽ اهو شهر ڇڏڻ وقت وري اطلاع ڪرڻو پوي ٿو ته هاڻ اسان بس يا ٽرين رستي اهو شهر ڇڏي ٻئي ۾ پيا وڃون. ڏٺو وڃي ته يورپ يا جپان ۽ ملائيشيا جهڙن ملڪن ۾ اهو ڪم ٻن منٽن جو به نه آهي، پر اسان وٽ پاڪستان توڙي انڊيا ۾ هر هڪ مسافر جو تيل ڪڍيو ڇڏين، خاص ڪري جي اهو مسافر بنگلاديش يا پاڪستان جو آهي. رپورٽنگ ۾ ڇا ٿو ٿئي؟ ايئرپورٽ تان حڪومت هند طرفان مليل فارم تي پنهنجو نالو ۽ ان شهر ۾ پهچ جو وقت لکي صحيح ٿي ڪرڻي پوي. جيڪا معلومات پوليس آفيس ۾ ويٺل ايس آءِ پنهنجي رجسٽر ۾ نوٽ ڪري، فارم تي صحيح ڪري اسان کي واپس ٿو ڪري يعني هاڻ توهان اهو فارم کڻي اهو شهر گُهمو ڦرو. هاڻ ٿيڻ کي ته اهو ڪم ٻن منٽن ۾ ٿيو وڃي، پر مون کي ٻڌايو ته اهو واسطيدار پوليس آفيسر ئي غير حاضر آهي ته توهان ڇا ٿا ڪري سگهو؟ وري جڏهن هُو آفيس ۾ نازل ٿئي ٿو ۽ ان جو ڪلارڪ توهان کان فارم ۽ پاسپورٽ وٺي صاحب جي ٽيبل تي رکي ٿو پر صاحب ان ڪم کي ترجيح ڏيڻ بدران ٻين ڪمن ۾ لڳو رهي ٿو ته توهان ڇا ٿا ڪري سگهو؟
آءٌ صوفيزم واري سيمينار ۾ محفل جو صدر بڻجي ته ويٺو هئس پر هر وقت اهي پئي دعائون گهريم ته سيمينار ختم ٿئي ته پوليس اسٽيشن تي فارم صحيح ڪرڻ لاءِ پهچان. گذريل شام جو ستين بجي تائين ويهاري موٽائي ڇڏيو هئائون ۽ هاڻ اڄ شام ڌاري 24 ڪلاڪ ٿيڻ وارا هئا ۽ منهنجي فارم تي پوليس جي Entry جو ٺپو لڳڻ ضروري هو. منهنجي ممبئيءَ واري ميزبان جئه موتياڻيءَ به اهائي صلاح ڏني ته سيمينار بعد سڌو پوليس آفيس هليو وڃان. ان ڪري مون لنچ لاءِ به انتظار نه ڪيو. رڪشا ڪري سڌو پوليس اسٽيشن پهتس. هڪ ٻه ٻيا به سنڌ جا ۽ بنگلاديش جا مسافر مون کان اڳ ويٺا هئا. چيائون ته صبح کان انتظار پيا ڪريون ’صاحب‘ نه آيو آهي. آءٌ به چُپڙي ڪري ڪاٺ جي بينچ تي ويهي رهيس. بک به ڏاڍي لڳي رهي هئي. هنن کان پڇيم ته هتي ڪو ڪيڪ بسڪيٽن واري جو دڪان يا پيڍي آهي.
“اجهو ته سگريٽ ۽ ڇولا وڪڻڻ وارو آيو.” هنن ٻڌايو.
ڇولن وارو ته نه آيو، ڪجهه دير بعد ٿالهه ۾ پٽاٽا ۽ گدامڙيءَ جو مڪسچر وڪڻڻ وارو آيو، جنهن کان پٽاٽا ۽ ڊبل روٽي جيڪا ڪنهن زماني ۾ هالا جا ڊُگا ٺاهيندا هئا، وٺي ڪنڊ ۾ اچي کاڌم، مزو اچي ويو. سيمينار ۾ صدر ٿيڻ جي ٽينشن ۾ صبح جو نيرن به نه ڪئي هيم. بک جي ڪري هاڻ چڪر پئي آيا. سچ چيو اٿن ته بک بڇڙو ٽول داناءَ ديوانا ڪري. موهن، قاضي خادم، ڍول فقير (فقير محمد ڍول ـ ايڊيٽر ماهوار ’امرتا‘) گاڏي کاتي جي غيبات جهڙي ربي چيمبر جي آفيس ۾ ويهي، توڙي مهرالنساءِ لاڙڪ ۽ ڊاڪٽر رخسانا پريت جهڙيون واڌو واهه جون ڇوڪريون، جيڪي هن سفر ۾ مون سان گڏ شامل هيون، پر آخري وقت تي هلي نه سگهيون، سوچي رهيون هونديون ته آءٌ اڪيلي الائي ڪهڙا پيو عيش ڪندو هوندس! بس رڳو اهو سوچي رهيو هئس ته هينئر به جي واسطيدار پوليس آفيسر اچي وڃي، ته ڏهن منٽن ۾ اسين سڀ فارغ ٿي وينداسين ۽ مون کي گهر (گيسٽ هائوس) وڃي ڪلاڪ سوا سمهڻ لاءِ ملي ويندو. منهنجي همعمر سنڌين ۾ ننڍي هوندي کان جيڪا مائٽن منجهند جو سمهڻ واري عادت وڌي، سا هن عمر ۾ به نٿي نڪري. ڪٿي به يڪساهيءَ سڄو ڏينهن ڪم نٿو ڪري سگهجي، جو ٻپهريءَ کان پوءِ گهيرٽ اچي ٿو. چڱو جو ننڍي ٽهي ان عادت کان بچيل آهي، جو اڄڪلهه هنن لاءِ اسڪول صبح ۽ شام ٻن قسطن ۾ هجڻ بدران يڪو هڪ دفعو صبح جو 8 کان هڪ يا ٻين بجي تائين آهي.
توهان سوچيندا هوندا ته واسطيدار پوليس وارو نه هو، ته اسان ان جي ڪنهن ٻئي ساٿي يا اعليٰ پوليس عملدار کي ئي کڻي چئون ها. جي ها، ائين به ڪيوسين... پر هنن اسان کي يعني اسان پاڪستاني ۽ بنگلاديشي ٽوئرسٽن کي حقارت مان ڇڙٻ ڏيئي چيو ته، “هلي ويهو. اجهو ٿو اچي. ميٽنگ ۾ ويل هوندو.” ان دوران آءٌ رڪشا ڪري ساڌو واسواڻي مشن جي آفيس پهتس، جن اسان کي انڊيا اچڻ جي دعوت ڏني هئي. اتي ويٺل ائڊمن آفيسر مس رجني آهوجا مون سان همدردي ڪئي ۽ منهنجي صلاح موجب هن مون کي آفيس جي ليٽر هيڊ تي خط لکي ڏنو ته هي اسان جو اهم مهمان آهي... وغيره وغيره ۽ هن کي مهرباني ڪري جلد واندو ڪيو وڃي.
خط کڻي واسطيدار پوليس آفيسر جي باس کي اچي ڏنم، پر هن تي ڪو اثر نه ٿيو. ٻه لفظ پڙهي خط کڻي ٽري ۾ ڦٽو ڪيائين ۽ مون ڏي بنا ڏسڻ جي مون کي چيائين، اڌر چل ڪر بيٺو... يعني جتي پهرين ويٺي ڌوڙ پاتانوَ، اتي ئي وڃي ويهي رهو. “بنا ڏسڻ جي” مان منهنجو خبر ناهي ڇا مطلب هو ته هو منهنجي اڇي ڏاڙهيءَ کي ڏسي ڪجهه خيال ڪري ها ڇا؟ ڏاڙهي ڪري ته ويتر هرهڪ کي اوساما جو چيلو ۽ دهشتگرد ٿا سمجهن. ممبئيءَ جي CST ريلوي اسٽيشن سامهون ڊگهين عمارتن وٽان لنگهندي، هڪ پراڻي عمارت جي entrance وٽ پنو پينسل ڪڍي انگريزن جي ڏينهن جي ڪنهن جهازران ڪمپنيءَ جي جهوني عمارت جو، ان تي لکيل سن ٿي نوٽ ڪيا ته گيٽ جو دربان مون وٽ اچي پڇي ٿو، “ڪير آهين؟”
“ٽوئرسٽ آهيان.” وراڻيومانس.
“ڪٿي جو؟”
“پاڪستان جو.”
“مسلمان آهين؟” هُو منهنجي ڏاڙهيءَ کي غور سان ڏسي پڇي ٿو ۽ پاسپورٽ گهري ٿو. پاسپورٽ هميشه گهر ڇڏي شهر گهمڻ نڪرندو هئس، پر ان ڏنهن چڱو جو پاسپورٽ ۽ ويزا جو فارم گڏ هوم.
هن مون کان پاسپورٽ وٺي پنهنجي سيڪيورٽي آفيسر کي فون ڪيو ۽ مرهٺي ۾ ڪجهه چوندو رهيو ۽ منهنجي پڇڻ تي ته آخر ڳالهه ڇا آهي؟ ته چوڻ لڳو، “آپ غیر ملکی ہمارے ملک کی عمارتوں کو غور سے کیون دیکھ رہے ہیں۔۔۔؟” هاڻ سائين ڏيو مُنهن! سيڪيورٽي آفيسر پهتو ۽ منهنجو پاسپورٽ ۽ ويزا ڏسي مون کي ڇڏيو ويو يعني باعزت بري ڪيو ويس پر آءٌ اهو ئي سوچڻ لڳس ته ان ڏينهن پاسپورٽ نه هجي ها يا اهو وڏو سيڪيورٽي عملدار به گيٽ تي بيٺل مرهٺي دربان جهڙو هجي ها ته جيسين فيصلو ٿئي، تيسين مون کي گهٽ ۾ گهٽ اڌ ڏينهن ٿاڻي تي ويهاري اجايو وقت ضايع ڪن ها ۽ پڙهندڙن کي ٻڌي حيرت ٿيندي ته انڊيا (۽ ٿي سگهي ٿو ته اسان جي ملڪ) جي پوليس ۽ سيڪيورٽي عملدارن جي ان قسم جي بيوقوفاڻا سوچن ۽ ذهني اختراع جي ڪري اسان جي ملڪ جا ڪيترائي معصوم ٽوئرسٽ انڊيا جي جيلن ۾ پيا سڙن... ڪو داد فرياد ناهي. سڀ کان آسان الزام جاسوسيءَ جو هڻي، ڪنهن کي به جيل حوالي ڪري ڇڏڻ ۽ هوڏانهن هرڪو ڏسي رهيو آهي ته گورن ملڪن جا ٽوئرسٽ ڀلي ڪهڙيون به کُلئي عام بداخلاقيون ڪندا وتن، پر اهي اسان جي غريب ايشيائي ملڪن جا لاڏلا آهن.
مون اهو ئي سوچيو ته شام تائين پوليس رپورٽنگ جي فارملٽي پوري ٿي ويندي، پر ان ڪم لاءِ مقرر ٿيل پوليس آفيسر نه آيو، سو نه آيو ۽ شام جو ستين بجي اسان کي ٻئي ڏينهن صبح جو اچڻ لاءِ چيو ويو. تنهن جي معنيٰ ته ٻيو ڏينهن به برباد ٿي ويو. هاڻ ته 24 ڪلاڪن کان به مٿي ٿي ويو. بنا ٺپي جي شهر به گهمي نٿو سگهجي. ڪا گهڙي ڪهڙي ڪا گهڙي ڪهڙي!؟ ڪٿي ڪو سرڪاري اهلڪار اوچتي چڪاس ڪري وٺي ته اسان مهمانن سان گڏ ميزبان به سُورن ۾. اهڙي حالت ۾ مشاعري ۾ يا ڪنهن ٻي دعوت ۾ وڃڻ تي ڪهڙي دل چوندي؟
ٻئي ڏينهن صبح جو ساڌو واسواڻيءَ جي آفيس طرفان ڏنل هڪ برجستو آفيسر چندرو موهناڻي ڏنو ويو... پر پوليس اسٽيشن پهچي ڏٺم ته هُو به بيوس لڳي رهيو هو ۽ صبر کان ئي ڪم وٺڻ جي تلقين ڪري رهيو هو. ظاهر آهي درياهه جي ڪناري تي رهي ڪيئن ٿو ڪير مانگرمڇ سان وير رکي. ڪير هنن پوليس وارن سان بحث ڪري. هڪ ڌارئين ٽوئرسٽ کي ڇا مجال. تِکو ٿيڻ تي هُو ٺپو هڻڻ کان انڪار ڪري سگهن ٿا يا ٺپو هڻي ڪلاڪ بعد جاسوسي جي ڪيس ۾ جهلي سگهن ٿا، جنهن جهڙو ڪو سولو بهانو ته آهي ئي ڪونه. ٿاڻي تي مار موچڙو ڪري انڊيا جي پوليس (۽ ٿي سگهي ٿو اسان جي پوليس به) خبر ناهي ڪيترن معصومن کي جڙتو ڏوهن لاءِ نه فقط هائوڪار ڪرائي ڇڏي، پر هنن جو ذهني توازن به وڃائي ڇڏيو. ان ڪري مِٺي به ماٺ ته مُٺي به ماٺ. في الحال گهمڻ ڦرڻ ڇُٽو پوليس اسٽيشن جي بينچ تي ئي وقت گذارڻو پيو. مشاعري وارا به ڇا سوچيندا ته سنڌ کان هڪڙو ئي مهمان ته آيو هو، سو به غائب ٿي ويو.
بهرحال شام جو ٽين بجي ڌاري اهو پوليس آفيسر اوچتو وارد ٿيو. حق جي ڳالهه ڪبي هُو سٺي اخلاق سان پيش آيو. اسان سمجهيو ته هُو رشوت وٺڻ جي چڪر ۾ هوندو، پر هن بنا ڪنهن اهڙي اشاري ڏيڻ جي ڪاغذ صحيح ڪري ٺپو هڻي ڏنو. هن ٻڌايو ته هن جي ذمي ٻيون به ڊيوٽيون آهن، جن جا هُو فرض ادا ڪري رهيو هو. بهرحال هڪ ڳالهه مون نوٽ ڪئي ته اسان جا سنڌي هندو ميزبان جيتوڻيڪ وڏا پئسي وارا آهن، خير جا ڪم ڪرڻ ڪري هر رياست جي حڪومت هنن جي عزت به ڪري ٿي. هنن جو حال ائين آهي جيئن اسان وٽ آغا خانين توڙي بوهرين جي به ڪافي هلي ٿي، جو اسان وٽ سرڪاري ڪامورا سنڌي ڳالهائيندڙ يا اڙدو ڳالهائيندڙ هنن جو ۽ هڪٻئي جو خيال رکن ٿا، پر انڊيا ۾ ڀانت ڀانت جون زبانون ۽ ذهنيت رکندڙ ماڻهو آهن، خاص ڪري اهڙن کاتن ۾ جن جو واسطو فيڊرل گورنمينٽ سان آهي. مرهٺي ۽ تامل آفيسر ايترا همدرد نٿا سمجهيا وڃن، جيترا گجراتي ۽ سک. بهرحال انڊيا ايندڙ پاڪستانين کي منهنجي اها ئي صلاح آهي ته هنن کي جي انڊيا وڃڻو به آهي ته پوليس رپورٽ معاف ڪرائي نڪرن، جنهن تي اجائي گِھِلَ ۽ وقت جو ضايع زيان ٿئي ٿو. ٻئي ڏينهن ڪيترائي اديب ۽ شاعر مون کان پهرئين ڏينهن لنچ تي ۽ ٻئي ڏينهن مشاعري تي غير حاضر رهڻ جو سبب پڇندا رهيا، پر هاڻ هڪ هڪ کي ڪير ٻڌائي ته ٻن ڏينهن کان معمولي ڪم لاءِ پوليس اسٽيشن تي ذليل ٿيندو رهيس ۽ هاڻ پوني ڇڏڻ وقت وري ساڳئي عذاب مان گذرندس. بقول هڪ سنڌي اديب جي “سائين حقيقت اها آهي ته پاڪستان هندستان دوستي فقط کوکلو نعرو آهي. عوام ضرور چاهي ٿو ته دوستي رهي، هڪٻئي وٽ گهمڻ وڃون، پر سرڪار چاهي ئي ڪانه ٿي...”