پوني جون “مرچ مسالا” ۽ “مِرچي ڪولا”
وڃڻ وقت انگريزَ، انڊيا ۽ پاڪستان کي هڪجهڙو ريلوي سسٽم، ريل گاڏيون ۽ ريلوي اسٽيشنون ڏئي ويا، پر انڊيا جي کاتي ۾ اها پلس پوائنٽ آهي ته هنن ملائيشيا ۽ سنگاپور وانگر نه فقط ان سسٽم جو معيار قائم رکيو، پر ان کي بهتر پڻ بڻايو آهي. توهان کي انڊيا جي ريل جا دٻا صاف سٿرا نظر ايندا. ڊگهي سفر تي رات جو سمهڻ لاءِ پلاسٽڪ جي ٿيلهين ۾ بند ڊراءِ ڪلين ٿيل چادرون، ٽوال ۽ وهاڻي جي ڇَوَ ملي ٿي. ايئرڪنڊيشن گاڏا واقعي ايئرڪنڊيشنڊ رهن ٿا. گاڏيءَ جي ڪئنٽين توڙي ريلوي اسٽيسنن جي پليٽ فارم تي کاڌي پيتي جون شيون، اسان جي ملڪ جي ڀيٽ ۾ سستيون ۽ سٺيون ملن ٿيون. ريل اچڻ تي توهان کي پنهنجي گاڏي جي ڳولها ۾ هيڏانهن هوڏانهن ڊوڙڻو نٿو پوي. توهان جي گاڏي جي نمبر جو بورڊ پليٽ فارم تي لڳو پيو آهي. ريل گاڏي پليٽ فارم تي اهڙي پوزيشن ۾ بيهي ٿي، جو هن جو هر هڪ دٻو پليٽ فارم تي لڳل بورڊن سان برميچي اچي ٿو ۽ اڳواٽ قطار ۾ بيٺل مسافر ان ۾ چڙهيو پون.
سو انڊيا ۾ هڪ شهر کان ٻئي شهر تائين هلڻ لاءِ يا ممبئي، ڪلڪتي ۽ دهليءَ جهڙن وڏن شهرن ۾ هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ تائين سفر ڪرڻ لاءِ نه فقط ٽرينون آهن، پر بسون پڻ. بلڪ پرائيويٽ بسُن جو ته ڪو ڪاٿو ئي ناهي. رڳو ساڌو واسواڻي چؤڪ کان پوني جي ريلوي اسٽيشن تائين خبر ناهي ڪيتريون بس ڪمپنيون آهن. بس ۽ فاصلي مطابق انهن جون ٽڪيٽون آهن. جيڪا بس ايئرڪنڊيشنڊ نه آهي ته ان جي ٽڪيٽ تمام گهٽ آهي. جيتري اوچي ۽ آرامده بس اوتري مهانگي ٽڪيٽ... پر ان معاملي ۾ به جي ڀيٽ ڪئي وڃي ته اسان وٽ نسبتن ڀاڙو وڌيڪ آهي.
بسُن بابت هڪ ٻي ڳالهه ته رستي تي جتي جتي بس ساهي پٽي ٿي اتي مسافرن لاءِ ٽائليٽ، چانهه ۽ کاڌي جون هوٽلون آهن پوءِ چاهي اهو وڏو شهر هجي يا ڳوٺ. ساڳئي وقت قيمتون به مناسب آهن ۽ غريب غربو پنهنجي وت آهر ڪجهه نه ڪجهه وٺي کائي ٿو. حقيقت ته اها آهي سفر هلندڙ يورپي به پئسو بچائڻ چاهين ٿا ۽ هُو به سستي شيءِ آهي ته خريد ڪن ٿا. اسان وٽ ڪو گورو دڪان تي چڙهندو ته دڪاندار هن جي اُبتي کل لاهڻ جي ڪوشش ڪندس، پر هتي جا دڪاندار سياڻا آهن هُو شين جو اگهه گهٽ رکن ٿا، پر گهڻي وڪري ڪري هنن کي ساڳيو فائدو ٿيو وڃي.
انڊيا ۾ امن امان جي حالت به اسان کان بهتر آهي. ايران ۾ ته اڃان بهتر آهي ۽ اسان هتي انهن ٻن ملڪن جو ئي جائزو وٺي رهيا آهيون، جيڪي اسان جا پاڙيسري هوندي اسان کان بهتر ثابت ٿيا آهن ۽ هنن وٽ ٻارهوئي ڌاريان ۽ سندن ملڪ جا ماڻهو سير و تفريح ڪندا رهن ٿا. اسان وٽ ڪٿي آهن ٽوئرزم جون بهتر حالتون. ڌاريان ٽوئرسٽ ته ڇا پر پنهنجي ملڪ جا ماڻهو به ڪيڏانهن نڪرندي ڏهه دفعا سوچين ٿا. خاص ڪري سنڌ جون حالتون ته اهڙيون آهن جو نر ۽ ناريون ٻئي پيا اغوا ٿين. ڪنهن جي دل جيڪب آباد، گهوٽڪي، سکر يا لاڙڪاڻو گهمڻ تي چوندي، ڀلي کڻي پنج هزار سال پراڻو موهن جو دڙو هجي يا گورک هِل اسٽيشن. هتي انڊيا ۾ رات جو به عورتون توڙي مرد هڪ شهر کان ٻئي شهر پيا سفر ڪن ۽ راتيون بنا کُٽڪي پرديس ۾ پيا گذارين.
انڊيا جي شهرن توڙي ڳوٺن ۾ رهائش جو به مسئلو ناهي. جتي ڪٿي ٽوئرسٽن (سياحن، پرديسين، سير سپاٽو ڪرڻ جي شوقينن) لاءِ هر قسم جون هوٽلون، هاسٽلون، يوٿ هائوسز، ڌرم شالائون، پيئنگ گيسٽ هائوسز ۽ مسافرخانا آهن. وڏن شهرن ۽ تاريخي ڳوٺن ۾ ته انيڪ هوٽلون آهن ۽ روز بروز وڌيڪ هوٽلون ٺهي رهيون آهن. انهن هوٽلن جي ڳولا ڪرڻ به ڏکيو ڪم ناهي. ايئرپورٽ کان ريلوي اسٽيشن ۽ شاپنگ سينٽرن ۾ توهان کي انهن جي لسٽ ملندي. مثال طور هن شهر پوني ۾ جتي ميريڊين، تاج بلو ڊائمنڊ، سن ائنڊ سئنڊ، هوٽل سينٽرل پارڪ، هوٽل اوڪ ووڊ، هوٽل ڪوه نور جهڙيون فائيو اسٽار ڊيلڪس ۽ فور اسٽار هوٽلون آهن، اتي بنهه سستيون هوٽلون به آهن، خاص ڪري پوني ريلوي اسٽيشن وٽ هوٽل ڊائمنڊ، هوٽل ڊيليڪس، هوٽل ڊريم لئنڊ جهڙيون يا پٽيل روڊ تي هوٽل ڪپيلا، شيواجي روڊ تي اشوڪ لاج، دکن جيمخاني وٽ هوٽل اجيت، نيلم سئنيما ٿيٽر وٽ هوٽل اشوڪا، شيواجي نگر ۾ هوٽل آشيانا يا ڪاروو روڊ تي ياتري لاج جهڙيون سستيون هوٽلون به انيڪ نظر اينديون. پوني جي ريلوي اسٽيشن تي لهي ڀر ۾ ئي ڪيتريون بنهه گهٽ مسواڙ واريون هوٽلون آهن. بلڪ آءٌ ته اهو چوندس ته ريلوي اسٽيشن جي ڀر واري هوٽل سڀ کان بهتر ثابت ٿئي ٿي. ٻئي ڏينهن صبح جو سوير ٽرين ۾ وڃڻو آهي ته رڪشا جي ڪاڻ نه ٽئڪسيءَ جي. ٿيلهو کڻي پنڌ ئي پنڌ ريلوي اسٽيشن پهچي وڃو. ’دهليءَ جو درشن‘ ڪتاب ۾ به مون ڪيترين اهڙين هوٽلن جا نالا لکيا آهن، جيڪي ريلوي اسٽيشن جي ويجهو آهن ۽ تمام گهٽ مسواڙ اٿن. اسان وٽ به ڪنهن زماني ۾ حيدرآباد ۽ ڪراچي سٽي ريلوي اسٽيشن وٽ ڪيتريون ئي رهائش جون هوٽلون ۽ کاڌي خوراڪ جون ريسٽورنٽون هيون.
پوني اهڙو شهر آهي، جتي مدراسي، مرهٺي ۽ گجراتي کاڌن کان علاوه اتر انڊيا جي کاڌي جون به ريسٽورنٽون آهن. اتر انڊيا مان منهنجي مراد ڪشميري، پنجابي، دهلوي، لکنوي ۽ اسان جي پاڪستاني کاڌا آهن. گهمندي ڦرندي جتي توهان چاهيو ماني کائي سگهو ٿا. سڄو پوني قسمين قسمين ريسٽورنٽن، گاڏي وارن ۽ داٻا وارن سان ڀريو پيو آهي، جتي توهان پنهنجي کيسي ۽ پسند مطابق ماني کائي سگهو ٿا. منهنجي توهان کي اها ئي صلاح رهندي ته انڊيا ۾ گوشت يا مڇيءَ جهڙي شيءِ هوٽلن تي نه کائو ته بهتر آهي. هونئن ئي انڊيا ۾ گهڻا ويجيٽرينين آهن ۽ ورلي ڪنهن هوٽل ۾ گوشت رڌجي ٿو. ڀاڄي يا دال جي ٻوڙ جي خراب ٿيڻ جا ايترا Chances نه آهن، جيترا گوشت ۽ مڇيءَ جي ٻوڙ جا. ان ڪري پرديس ۾ هونئن به اهڙين شين کائڻ کان پاسو ڪجي. ايران ۾ به کاڌي جون شيون ڪافي سستيون آهن. ايران ۾ توهان گوشت، مڇي، چپلي ڪباب يا ٻيون اهڙيون شيون روڊ سائيڊ ريسٽورنٽن ۾ کائي سگهو ٿا. اتي جي هائيجن جو معيار اسان جي ملڪ توڙي انڊيا کان گهڻو گهڻو مٿاهون آهي. ايران ۾ مون به ڪيتريون ئي هوٽلون اندر تائين ڏٺيون. انهن جي اندرين ڪچن رڌ پچاءَ ڪندڙ بورچي بيحد صفائيءَ جي حالت ۾ نظر اچن ٿا. ان بابت تفصيلي احوال ايران واري سفرنامي ’ايران ڏي اُڏام‘ ۾ ٿي چڪو آهي. بهرحال انڊيا ۾ توهان کي جتي ڪٿي گرم گرم چپاتي ۽ پٽاتن ۽ مٽرن جي ڀاڄي عام ملندي. دالين جا ٻوڙ ۽ گول ڪواب اهڙا ٽيسٽي ملندا ڄڻ قيمي جا هجن. منهنجو به پوني جي هر علائقي ۾ گهمڻ دوران جتي موڊ ٿيو ٿي ته اتي ڪنهن ننڍي وڏي ريسٽورنٽ ۾ چانهه، ڪافي يا پڪوڙا، دال، اڊلي ۽ ڊوسا کائي ورتم ٿي. هن وقت پوني جي ڪجهه ريسٽورنٽن جا نالا دماغ ۾ ڦري رهيا آهن: موليڏنا روڊ تي Supriya ريسٽورنٽ جيڪا هڪ صاف سٿري Vege کاڌن جي ريسٽورنٽ آهي. ان موليڏنا روڊ تي ئي ’دي ڪافي هائوس‘ نالي هوٽل ڪافيءَ کان مشهور آهي. جئه موتياڻي منهنجو ممبئيءَ جو ميزبان جيڪو مون کي ۽ ڊاڪٽر مونا کي سندس ڪار ۾ پوني وٺي هليو، ان ٻه دفعا هن ريسٽورنٽ ۾ هلي ڪافي پياري. ڪوٿرج بس اسٽاپ وٽ ’مرچ مسالا‘ نالي هڪ ريسٽورنٽ پڻ پوني جي مشهور ريسٽورنٽ آهي ۽ هڪ مِرچي ڪولا نالي M.G روڊ تي آهي. فرگوسن ڪاليج جي مين گيٽ جي سامهون Savera (سويرا) نالي ريسٽورنٽ پڻ دالين ۽ ڀاڄين جي ٻوڙ کان مشهور آهي. هڪ ڏينهن ڪستوري مستاني نالي هڪ ريسٽورنٽ ۾ به ماني کاڌم.