مشرق جو آڪسفورڊ - پوني
هي شهر پوني (Pune) جيڪو جپان جي شهر ڪوبي (Kobe) يا موجي (Moje) وانگر لکيو وڃي ٿو، جنهن کي انگريز پونا (Poona) سڏيندا هئا ۽ سنڌ جا رهاڪو اڄ به پونو (Poonu) سڏين ٿا. ڪجهه اڄ جي ڪلفٽن واري علائقي جهڙو به لڳي ٿو. گهڻي بارشن پوڻ ڪري سڄو پونو ساون، وڏن ۽ گهاٽن وڻن سان جهنجهيو پيو آهي. ۽ پوني جي ٻي خصوصيت اها آهي ته هي شهر خط استوا جي ويجهو آهي، ان ڪري هتي ممبئي، ڪاليڪٽ، ڪوچين ۽ ڪولمبو وانگر ٻارهوئي گرمي هجڻ کپي، پر پوني سطحِ سمنڊ کان 560 ميٽر، يعني 1700 فٽ مٿي هجڻ ڪري سياري وارن مهينن ۾ سيءُ به پوي ٿو. پوني Plateaue تي آهي يعني ويسٽرن گهاٽ وارا جبل هن هنڌ تي ائين هڪٻئي سان ملي ويا آهن، جو مٿاهين ليول تي ميدان ٿي ويو آهي.
پوني تي قدرت ته مهربان رهي آهي، پر انگريز سرڪار جون به مٿس وڏيون مهربانيون رهيون آهن. جنهن هتي بهترين روڊ رستا، ريلون ۽ ٽپال گهر ٺاهيا. سڀ کان وڏي ڳالهه ته ڪيترائي تعليمي درسگاهه ٺاهيا. ممبئي ۽ پوني جي ڪيترن ڪاليجن کان هڪ سئو سال کن پوءِ 1843ع ۾ سنڌ انگريزن جي حوالي ٿي. ان بعد سئو سالن ۾ يعني 1947ع ۾ ورهاڱي تائين، فقط ڊو ميڊيڪل ڪاليج ٺهيو، سو به آخري سالن ۾. ان بابت هن کان اڳ وارن مضمونن ۾ لکي چڪو آهيان. سو ان حساب سان انڊيا جا ڳوٺ اسان جي شاهه پنجو سلطان، ٻيٽو جتوئي، جهانگارا باجارا جهڙن ڳوٺن يا ويندي هالا نوان، راڻيپور ۽ روهڙي جهڙن شهرن کان وڌيڪ ئي بهتر ٿيڻ کپن ۽ پوني تي ته انگريزن اها به نوازش ڪئي، جو هن کي گاديءَ جو هنڌ بڻايو. بامبي پريزيڊنسيءَ جو گورنر، انگريز بهادر، سانوڻيءَ واري موسم ۾، سڀني آفيسن جا فائيل ۽ آفيسر ساڻ کڻي پوني اچي رهندو هو، يعني سال جا ڇهه مهينا کن بمبئي گاديءَ جو شهر هو ته ڇهه مهينا پوني. پوني ۾ ڪيترائي مشهور ڪاليج هڪ سئو سالن کان به پراڻا آهن ۽ انهن مان هڪ ائگريڪلچر ڪاليج لاءِ لکي چڪو آهيان، ته اتان منهنجي والد گل محمد شيخ B.Sc ڪئي.
بهرحال تعليم جي معاملي ۾ دنيا، انڊيا جي حڪومت کي Credit ڏئي ٿي، جو انگريزن جي وڃڻ بعد هن نه فقط انهن درسگاهن کي تباهيءَ کان بچايو، پر انهن کي بهتر کان بهتر رکندا اچن ۽ شهر ۾ ڪيترائي نوان ۽ اڄ جي ضرورت موجب ٽيڪنالاجيءَ جا ڪاليج، اسڪول ۽ يونيورسٽيون کوليون. اڄ پوني جي گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ مختلف اسڪول ۽ ڪاليج نظر اچن ٿا. جن ۾ ڪيترن ئي ڌارين ملڪن جا شاگرد پڻ تعليم حاصل ڪن ٿا. اهو ئي سبب آهي جو پوني کي “مشرق جو آڪسفورڊ” (Oxford of the East) ۽ آڪسفورڊ آف انڊيا سڏين ٿا. پوني ۾ آٽو موبائيل گاڏين جا به ڪيترائي ڪارخانا آهن، جنهن ڪري هن شهر (Pune) کي Detroit of Indiaپڻ سڏين ٿا ۽ هاڻ هي شهر “پوني” روز بروز انفارميشن ٽيڪنالاجي جي تعليمي ادارن ۽ ڪارخانن کان به مشهور ٿي رهيو آهي، ان ڪري هن شهر کيQueen of Deccan به سڏين ٿا.
پوني اسان کي پهچندي پهچندي رات ٿي وئي هئي. ظاهر آهي ممبئيءَ مان ٻين اڍائي بجي کان پوءِ نڪتاسين. اسان جي ميزبان جئه موتياڻيءَ، جيتوڻيڪ تيز رفتاريءَ سان گاڏي پئي هلائي، پر ظاهر آهي رستي تي نئين (نوي) ممبئيءَ ۾ به ڪلاڪ کان وڌيڪ ترسڻ ٿي پيو، جو اتي ڪجهه دير ساڌو واسواڻي انٽرنيشنل اسڪول جي هن سال مڪمل ٿيل عمارت ڏٺيسين. ان بعد نَوي ممبئيءَ جي ڪجهه علائقن سانپارا، واشي، نيرول، بيلاپوري، پان ويل مان ٿيندا، پوءِ “پوني ــ ممبئي ايڪسپريس وي” تي چڙهياسين. اهو ايڪسپريس وي به ائين آهي، جيئن ڪراچيءَ کان حيدرآباد سپرهاءِ وي، پر اسان وٽ بارش نه برابر ٿي ٿئي، ان ڪري سڄي واٽ رڻ پٽ ۽ ٺوڙها، ناسي ڀورا جبل آهن ۽ پوني ويندي وقت ساوڪ ئي ساوڪ آهي. چئن پنجن هنڌن تي جبلن جي اندر سرنگهون ٺاهي، رستو ڪڍيو ويو آهي ۽ ٻي ڳالهه ته جيئن جيئن پوني ڏي وڃجي ٿو، تيئن تيئن سطح سمنڊ کان مٿاهون ٿيندو وڃجي، جو پوني شهر جبلن تي آهي.
ايڪسپريس هائي وي تي به ڪلاڪ کن کنڊالا ۾ ترسياسين، جيڪو سمجهو ته حيدرآباد ويندي اسان جو نوري آباد وارو اسٽاپ ٿيو. کنڊالا انڊيا جي هڪ خوبصورت هِل اسٽيشن آهي. “ممبئي ــ پوني ايڪسپريس وي” پان ويل شهر وٽ، ڪلام بولي کان شروع ٿئي ٿو ۽ پوني پاسي ديهو (Dehu) روڊ تي ختم ٿئي ٿو ۽ اهو 93 ڪلوميٽر آهي. “ديهو روڊ تي ايڪسپريس وي جي ختم ٿيڻ بعد پوني شهر ۾ پهچڻ لاءِ ٻه رستا آهن.” جئه موتياڻيءَ ٻڌايو، “ هڪ ته سڌو هلڻ سان، نگري جي انڊسٽيريل ٽائون مان ٿي، پوني شهر ۾ پهچي سگهجي ٿو پر اتي ٽرئفڪ جئم هجڻ ڪري پاڻ پوني وارو باءِ پاس کڻنداسين.”
ديهو روڊ پهچڻ بعد، جئه ساڄي پاسي وارو “پوني باءِ پاس” روڊ اختيار ڪيو. رستي تي پوني جي ٻن مشهور ندين مان هڪ مُولا (Mula) ندي ڪراس ڪئيسين. مُولا نديءَ جو ٻڌي مون کي حيرت ٿي، جو ان ساڳئي نالي واري ندي اسپين ۾ به آهي، ته اسان وٽ پاڪستان ۾ به. پاڪستان ۾ هيءَ ندي بلوچستان ۾ وهي ٿي ۽ جهل منگسي ضلعي جي شهر گانداوا وٽ هن نديءَ تي نؤلانگ ڊئم ٺهڻ جي ڳالهه هلي رهي آهي.
جئه موتياڻيءَ ٻڌايو ته، “انڊيا جي هيءَ مُولا ندي هتان ويسٽرن گهاٽ وارن جبلن مان نڪري ٿي ۽ پوني شهر مان وهندڙ هڪ ٻي ندي مُوٺا (Mutha) ۾ وڃيو ملي.” مُولانديءَ لاءِ بائلاجسٽن جو چوڻ آهي ته هن ۾ هڪ سئو کان مٿي مڇين جا قسم آهن. تنهنجي معنيٰ ته هن نديءَ کي گند ڪچري کان بچائي صاف سٿرو رکيو ويو آهي. ٻي ڳالهه ته هيءَ ندي (Mula) ويسٽرن گهاٽ جبلن مان نڪرندڙ هڪ ٻي وڏي ندي، ڀيما (Bhima) جي شاخ آهي، جيڪا 725 ڪلوميٽر ڊگهي آهي ۽ مهارا شٽرا، ڪرناٽڪا ۽ انڌرا پرديس صوبن مان وهي ٿي.
بهرحال اسان “ممبئي پوني ايڪسپريس وي” بعد “پوني باءِ پاس” ڏئي اڳتي پوني شهر ڏي وڌي رهيا هئاسين. شاستري نگر وٽ اسان پود فاٽا (Paud Phata) روڊ وٽ پهتاسين، جنهن جي ساڄي پاسي گرو راج سوسائٽي آهي ۽ کاٻي پاسي رام باغ ڪالوني نظر آئي. M.I.T. سائنس ڪاليج بعد اسان ڪاروي (Karve) روڊ تي آياسين، جنهن روڊ تي کاٻي مڙياسين. پاسن تي “سن جيون هاسپيٽل” ۽ “انا صاحب وومين يونيورسٽيءَ” جا بورڊ نظر اچي رهيا هئا.
مٿي بيان ڪيل ڪاروي روڊ ۽ انا صاحب ڪاليج، انڊيا جي مشهور سماج سڌارڪ مها رشي ڪاروي (سڄو نالوDhondo Keshav Karve) نالي آهي، جنهن کي عوام پيار مان انا سڏيو ٿي. انا مرهٺي زبان ۾ عزت ۽ پيار جو لقب آهي، جيڪو ڀاءُ يا پيءُ لاءِ استعمال ٿئي ٿو. مهارشي ڪاروي هن صوبي مهاراشٽرا جي هڪ اهم شخصيت ٿي گذريو آهي، جنهن عورتن جي حقن لاءِ ۽ معاشري ۾ اعليٰ مقام ڏيارڻ لاءِ سڄي زندگي جفاڪشي ڪئي. هن عورتن جي تعليم عام ڪرڻ لاءِ ڪيترائي درسگاهه پڻ کوليا، جن مانSNDT وومين يونيورسٽي هڪ آهي. هن SNDT (شريمتي ناٿي ٻائي دمودار ٺاڪرسي) وومين يونيورسٽيءَ لاءِ کيس وڏو چندو (1920ع ۾15لک روپيا) سر وشالداس ٺاڪرسي ڏنو.
ڪاروي انا صاحب هندستان مان ستيءَ جو رواج (يعني مڙس جي مري وڃڻ تي هن جي زال کي ساڙڻ) ختم ڪرڻ ۽ بيواهه زالن کي شادي ڪرڻ لاءِ وڏي جاکوڙ ڪئي. انا صاحب پاڻ به گودُو ٻائي رن زال سان شادي ڪئي. پاڻ 1858ع ۾ مهاراشٽرا صوبي جي رتناگري ضلعي ۾ ڄائو ۽ 105 ورهن جي ڄمار ۾ 1962ع ۾ وفات ڪيائين. پاڻ ممبئيءَ جي ايلفنسٽن ڪاليج مان مئٿس ۾ گرئجوئيشن ڪيائين ۽ 1891ع کان 1914ع تائين پوني جي فرگوسن ڪاليج ۾ پڙهايائين. 1916ع ۾ جڏهن هن کي جاپان جي وومين يونيورسٽي ٽوڪيو جي خبر پئي، ته هن به ان ئي سال پوني ۾ عورتن جي يونيورسٽيءَ جو بنياد وڌو، جنهن جو پوءِ 4 سالن بعد، SNDT وومين يونيورسٽي نالو رکيو ويو. هندستان جي حڪومت مها رشي ڪاروي جي خدمتن جي مڃتا ۾ کيس ملڪ جو وڏو سول ايوارڊ “ڀارت رتنا” 1958ع ۾ ڏنو. جڏهن پاڻ پُورن هڪ سؤ ورهين جو ٿيو هو.
اسان سان گڏ سفر ڪندڙ ڊاڪٽر مونا ٻڌايو ته مها رشي ڪاروي انا صاحب جي چئن پٽن مان ٻه پٽ رگهوناٿ ڪاروي ۽ دنڪار پڻ مشهور پروفيسر ٿيا. هڪ مئٿس جو ۽ ٻيو ڪيمسٽريءَ جو. مطالعي جي شوقينن لاءِ هتي اهو لکندو هلان ته دنڪار ڪاروي جي ٻن لکيل ڪتابن مان The New Brahmans:5Maharashtrican Families پڙهڻ وٽان آهي. ساڳي وقت مهارشي انا صاحب جو ننڍپڻ جي يادگيرين جو دلچسپ ڪتاب Looking Back جيڪو 1936ع ۾ ڇپيو، سو به پڙهڻ وٽان آهي. هن ڪتاب جي آخر ۾ پاڻ لکن ٿا ته،
...Here ends the sroty of my life. I hope this simple story will serve some useful purpose.
ڊاڪٽر مونا ٻڌايو ته هن سان اسپتال ۾ ڪم ڪندڙ مرهٺي ڊاڪٽرياڻيون مها رشي انا صاحب جي هڪ ٻئي ڪتاب “آتما وروتا” جي به تعريف ڪن ٿيون، جيڪو مرهٺي زبان ۾ آهي.
مها رشي ڪاروي تي به ڪيترائي ڪتاب لکيل آهن، جن مان هڪ گنيش چندورڪار جو ڪتاب مارڪيٽ ۾ عام آهي. هن ڪتاب جي مهورت 18 اپريل 1958ع (مها رشي جي جنم ڏينهن تي) ممبئيءَ جي برابورن اسٽيڊيم ۾، ملڪ جي وزيرِاعظم جواهر لعل نهرو پاڻ ڪئي هئي. ان جي چئن سالن کان پوءِ مها رشي گذاري ويو.