هڪ عمر ۾ جاني ڇا جيئندس؟
پوني، ممبئي، لنڊن، قاهره ۽ دهليءَ جهڙن تاريخي شهرن ۾ گهمڻ لاءِ ڪيترو به وقت هجي ته اهو گهٽ آهي. پوني جي رستن تان هلندي ڪيتريون ئي جهونيون عمارتون پارڪ، مندر، مسجدون، ڪاليج، يونيورسٽيون ۽ ڪليسا گهر نظر اچن ٿا. ڪيترا دفعا ته مون لاءِ اهو فيصلو ڪرڻ ڏکيو ٿي پوندو هو، ته ڪهڙي شيءِ ڏسجي ڪهڙي ڇڏجي. ايران مان منهنجي هڪ جهازران ايراني دوست علي ايستريءَ کي جڏهن خبر پيئي ته آءٌ پوني ۾ آهيان ته هن جو هڪ ڏينهن صبح ساڻ فون آيو.
“ڪراچيءَ مان ڪئپٽن مظهر زيدي، هتي مون وٽ تهران ۾ آيو آهي. هن کان خبر پيئي ته تون پوني ۾ آهين.”
“ها يار، بلڪل صحيح ٿو چوين.” وراڻيومانس.
“پر ڏس پوني وڃڻ کان اڳ مون کان ڇو نه پڇيئي؟” هن چيو ۽ آءٌ حيرت ۾ پئجي ويس، پر پوءِ يڪدم ياد اچي ويو ته علي ايستري انجنيئرنگ جي ڊگري هتان حاصل ڪئي ۽ پوني ۾ رهڻ ڪري هندي/ اڙدو سکي ويو هو. اسان ٻئي ’ورلڊ مئريٽائيم يونيورسٽي‘ سئيڊن ۾ ڪلاس ميٽ هئاسين. ٻيا ايراني جهازن جا آفيسر اسان سان انگريزيءَ ۾ ڳالهائيندا هئا ۽ هن کي پهرين ڏينهن ئي اڙدو ڳالهائيندو ڏسي اسان کي حيرت ٿي هئي، جنهن تي هن ٻڌايو ته هُو پوني انڊيا مان تعليم حاصل ڪرڻ دوران هندي ۽ ٿوري ٿوري مرهٺي سکيو. جيئن آءٌ هر وقت چٽگانگ (هاڻ بنگلاديش جو شهر آهي) جي ڳالهه ڪندو هئس، تيئن علي ايستري پوني جي گهٽين ۽ اتي گهاريل ڏينهن جو ذڪر ڪندو هو. علي ايستري اڄڪلهه ايران جي جهازران ڪمپنيءَ ۾ هڪ اعليٰ آفيسر آهي ۽ هن جي ڪمپنيءَ جي جهازن مان هڪ منهنجو پاڪستاني دوست ڪئپٽن مظهر زيدي هلائي ٿو. جڏهن جونيئر هئاسين ته ڪيترن ئي پاڪستاني جهازن تي مظهر زيدي ۽ منهنجو گڏ رهڻ ٿيو. ان بعد جڏهن آءٌ ملائيشيا هليو ويس ته هُو ايران هليو ويو ۽ اڄ تائين ايران جا جهاز هلائي ٿو. علي ايستري سندس باس آهي.
“صحيح ٿو چوين ايستري، مون کي به هاڻ پيو ڌيان ۾ اچي،” مون کلندي علي ايستريءَ کي چيو، “ڀلا هاڻ ٻڌاءِ ته تنهنجا سلام ڪهڙي ڪهڙي پوڙهيءَ کي پهچايان... آخر تنهنجي جواني ديواني هتي گذري آهي.”
مون کي خبر آهي ته اسان جو ايراني دوست بيحد شرميلو آهي مالمو (سئيڊن) ۾ اسان جو هڪ عرب ڪلاس ميٽ ڪمانڊر صالح اشهري اونهاري جي موسم ۾ جڏهن سئيڊش ڇوڪريون اڌ اُگهاڙن ڪپڙن ۾ سمنڊ جي ڪناري ڏي وڃڻ لاءِ اسان جي يونيورسٽيءَ وٽان لنگهنديون هيون، ته عليءَ ڏي اشارو ڪري مون کي چوندو هو ته يار هتي جون ڇوڪريون ته ائين ئي رهنديون، باقي تون پنهنجي ايراني دوست عليءَ لاءِ پاڪستان يا افغانستان مان کڻي تنبوءَ وارو برقعو گهرائي. اهو ان ڪري جو علي پاڻ ته ڪنهن ڇوڪريءَ ڏي نه ڏسندو هو، پر اسان کي به چوندو هو ته ڪنڌ هيٺ ڪري هلو. جنهن جي جواب ۾ ڪمانڊر صالح چوندو هو ته ائين هلڻ سان سامهون يا پاسن کان ايندڙ گاڏين هيٺ چپجي وينداسين.
بهرحال سئيڊن وارن ڏينهن ۾ اسان جو ايراني دوست علي هميشه انڊيا جي، خاص ڪري پوني جي ڏاڍي تعريف ڪندو هو ته پوني ۾ تعليمي ماحول آهي، تمام گهڻا تعليمي ادارا آهن ۽ انهن جو معيار تمام بلند آهي. اڄ جيئن ته آءٌ پوني ۾ هئس، ان ڪري هن لاءِ سٺو موقعو هو ته هو پنهنجي ڳالهه جو ووٽ مان کان وٺي.
“الطاف مهرباني ڪري هڪ ڪم ڪجانءِ،” هن چيو، “پوني جا تعليمي ادارا ضرور ڏسجانءِ.”
گذريل چند ڏينهن ۾ پوني شهر جا چڪر هڻندي Idea ته مون کي به ٿي وئي هئي، وڌيڪ ڇا ڏسي ڇا ڏسجي! وقت ڪٿي آهي... سوال آهي ته ٿوري وقت ۾ ڪهڙا ڪم ڪري ڪهڙا ڪجن. گهنشام واسواڻيءَ جو دبئي ۾ هڪ راڳ ٻڌو هئم:
هڪ عمر ۾ جاني ڇا جيئندس،
ڪم ڪار ڪندس يا پيار ڪندس.
سو پوني ۾ هفتو ڏيڍ رهڻ دوران آءٌ ڇا ڇا ڪري سگهان ٿو! سيمينار اٽينڊ ڪيان، شاعرن اديبن کان انٽرويو وٺان، شهر گهمان، پوليس اسٽيشن تي رپورٽنگ ڪيان، جهونيون عمارتون ڏسان يا پوني شهر جا ڪاليج ۽ يونيورسٽيون ڏسان! سچي ڳالهه اها آهي ته پوني ۾ تعليمي ادارا واقعي ايترا آهن، جو فقط انهن کي ڏسڻ لاءِ هفتو ڏهه ڏينهن ته ڪجهه به نه آهن. گهنشام جي مٿئين گيت تي مون کي پنهنجي ڳوٺائي دوست حميد شهيد جو غزل پڻ ياد اچي ٿو:
پيار جا ليکا ڀلا، ڪهڙا ڪري ڪهڙا ڪبا،
وقت ٿورو ڪم گهڻا، ڪهڙا ڪري ڪهڙا ڪبا.
پُر پيارا ساقيه، ڪهڙا ڪري ڪهڙا ڪبا،
نينهن کان وڌ ٻيا نشا ڪهڙا ڪري ڪهڙا ڪبا.
اعتبارن جو ڀڳل شيشو کڻي پيو سوچيان،
دوستن تي ڀروسا، ڪهڙا ڪري ڪهڙا ڪبا.
نيڻا آهن ميڻ بتيون، جي ٻريو وگهريو وڃن،
راهه ۾ روشن ڏيا ڪهڙا ڪري ڪهڙا ڪبا.
بهرحال هتي پوني جي تعليمي ادارن جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون ته اسان وٽ سنڌ يونيورسٽي به پوءِ کُلي، هتي ته ان کان به هڪ صدي اڳ پوني ۾ يونيورسٽيون ۽ ڪاليج کُلي ويا. مون وٽ پوني جو هڪ نقشو آهي، جيڪو 1950ع ۾ ڇپيل آهي. ان نقشي ۾ ٿو ڏسان ته حيرت ٿي ٿئي، ته اڄ کان سٺ سال اڳ تائين به پوني ۾ ڪيترائي ڪاليج هئا. پوني مان وهندڙ موٿا ۽ مُولا ندين جو جتي سنگم ٿئي ٿو يعني پوني ريلوي اسٽيشن جي اولهه ۾، اتي هي ڪاليج آف انجنيئرنگ، پوني (COEP) آهي، جنهن مان اسان جي ايراني دوست عليءَ اڄ کان 40 سال اڳ B.E جي ڊگري حاصل ڪئي. هي ڪاليج انگريزن جي راڄ ۾ 1854ع ۾ کُليو هو ۽ ايشيا جو ٽيون نمبر جهونو انجنيئرنگ ڪاليج آهي. باقي ٻه انجنيئرنگ ڪاليج به انڊيا ۾ ئي آهن. هڪ مدراس (چنائي) وارو ڪاليج آف انجنيئرنگ گئندي جيڪو 1794ع ۾ کُليو ۽ ٻيو انڊين انسٽيٽيوٽ رورڪي جيڪو 1847ع ۾ کليو. انڊيا جو شهر رورڪي (Roorkee) اتر کنڊ ۾ آهي، جنهن جو ذڪر ’دهليءَ جو درشن‘ سفرنامي ۾ ڪري چڪو آهيان، جڏهن اسان جو دهليءَ کان هردوار وڃڻ ٿيو هو. ’عينِ اڪبري‘ مطابق، جيڪا اڪبر جي رتن عبل الفضل لکي، رورڪي، شهنشاهه اڪبر جي ڏينهن ۾ مغلن جي هڪ پرڳڻي جي گاديءَ جو هنڌ هو.
پڙهندڙن جي دلچسپي لاءِ هتي اهو پڻ لکندو هلان، خاص ڪري اهي جيڪي آمريڪا جي رياست ۾ رهن ٿا ته اتي جي مشهور يونيورسٽي UOC (يونيورسٽي آف ڪئليفورنيا، لاس اينجلس) جو اڄڪلهه وائيس چانسلر پروفيسر سي. ڪمار. اين. پٽيل آهي، جيڪو دنيا ۾ ’ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ ليزر‘ ايجاد ڪرڻ جي حوالي سان مشهور آهي. هي صاحب پڻ پوني جي مٿئين انجنيئرنگ ڪاليج جو گريجوئيٽ آهي ۽ هن کي آمريڪا طرفان 1996ع ۾ ’نئشنل ميڊل آف سائنس‘ جو ايوارڊ ملي چڪو آهي، پروفيسر ڪمار پٽيل بابت مون کي پڻ منهنجي پيٽارو جي ڪلاس ميٽ انجنيئر طلعت عباس ٻڌايو، جيڪو لاس اينجلس ۾ رهي ٿو ۽ مٿين يونيورسٽيءَ ۾ وزيٽنگ پروفيسر جي حيثيت سان ليڪچر ڏئي ٿو.
پوني جي هن انجنيئرنگ ڪاليج جو هڪ ٻيو مشهور شاگرد، جنهن کي سڄي انڊيا سڃاڻي ٿي اهو راجيو بجاج آهي. راجيو انڊيا ۾ ’بجاج موٽر سائيڪلون‘ ٺاهيندڙ ڪمپنيءَ جو مئنيجنگ ڊائريڪٽر آهي.
اهڙيءَ طرح پوني جي يونيورسٽي آهي. پوني ۾ ’آچاريا آنند رشي جي چؤڪ‘ تمام مشهور آهي، جتي شهر جا ڪيترائي اهم رستا اچيو ٿا ملن، جيئن ته: سينا پتي باپات روڊ، گنيش کنڊ روڊ (جيڪو يونيورسٽي روڊ به سڏجي ٿو)، ڊاڪٽر هومي ڀاڀا روڊ، لوکت وادي گوپال راءِ ديشمک روڊ... اتي ئي راج ڀون ۽ وشويسوار بئنڪ به آهي. هڪ ڏينهن ان چؤڪ وٽان گنيش کنڊ روڊ وٺي مُولا نديءَ ڏي وڃي رهيو هئس، ته رستي تي پوني يونيورسٽي ڏسي رڪشا مان لهي پيس.
پوني يونيورسٽي تعليم توڙي سهوليتن جي لحاظ کان نه فقط انڊيا ۾ پر دنيا ۾ ٽاپ جي يونيورسٽي مڃي وڃي ٿي. پوني جي يونيورسٽي توڙي ٻين ڪاليجن ۾ هڪ ڳالهه نوٽ ڪيم ته هڪ طرف امن امان ۽ ڊسيپلين آهي ته ٻئي طرف شاگردن جي رهائش لاءِ هاسٽلن جو بندوبست به آهي، جتي نه فقط انڊيا جي مختلف شهرن جا پر دنيا جي ڪيترن ملڪن جا شاگرد اچي رهن ٿا ۽ تعليم حاصل ڪن ٿا. ان ڳالهه ۾ نه فقط پوني شهر اڳيان اڳيان آهي، پر انڊيا جا ٻيا به ڪيترائي شهر تعليم حاصل ڪرڻ جو مرڪز ٿي پيا آهن. پوني جي يونيورسٽي يا انجنيئرنگ ڪاليج جون هاسٽلون ڏسي نه سگهيس، پر رورڪي جي انڊين انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجيءَ ۾ جڏهن گذريل دفعي ليڪچر ڏيڻ ويو هئس ته اتي گيسٽ هائوس کان علاوه (جنهن ۾ مون کان سواءِ ٻين به ڪيترن ئي ملڪن کان آيل مهمان پروفيسر رهيل هئا) شاگردن جي رهائش لاءِ به بهترين بندوبست هو. پڙهندڙن کي حيرت ٿيندي ته هن ڪاليج کي ڏهن هاسٽلن کان علاوه چار اهڙيون هاسٽلون هيون، جن ۾ شادي شده شاگرد پنهنجي فئمليءَ سان رهيا ٿي. ملائيشيا جهڙي امير ملڪ ۾، جتي جي مئرين اڪيڊميءَ ۾ مقامي توڙي ڌاريان جهازران ڪئڊٽ ۽ آفيسر تعليم لاءِ آيا ٿي، اتي به شادي شده شاگردن لاءِ فقط هڪ هاسٽل هئي. باقي شاگردن کي ڪئمپس کان ٻاهر مسواڙي گهرن جي پاڻ ٿي ڳولا ڪئي.
اسان وٽ جيئن هاسٽلن جا نالا: جناح هائوس، لياقت هائوس، لطيف هائوس ۽ اقبال هائوس ٿين ٿا، يا ذوالفقار هاسٽل، مارئي هاسٽل، سچل هاسٽل يا الرازي هال، ابوسينا هال... وغيره وغيره، تيئن هن پاسي، خاص ڪري رورڪي جي هن ڪاليج جي ڏهن هاسٽلن جا نالا هن ريت آهن:
• آزاد ڀون (هيءَ هاسٽل مولانا ابوالڪلام آزاد نالي آهي)
• ڪوٽلي ڀون
• گنگا ڀون
• گووند ڀون
• جواهر ڀون
• مال وِا ڀون
• رويندرا ڀون
• سروجني ڀون
• ڪستوربا ڀون
• راجيندرا ڀون
پوني جو ڊيڪن ڪاليج، فرگوسن ڪاليج ۽ ايگريڪلچر ڪاليج پڻ آڳاٽن ڪاليجن مان آهن. ڊيڪن (Deccan) ڪاليج 1821ع ۾ ممبئي جي گورنر مائونٽ اسٽارٽ ايلفنسٽن جي سرپرستي ۾ کُليو، جنهن جي نالي صدر ۾ ايلفي اسٽريٽ آهي، جيڪا هاڻ زيب النساءِ اسٽريٽ سڏجي ٿي. اهڙيءَ طرح پوني جي فرگوسن ڪاليج ان وقت جي گورنر سرجيمس فرگوسن جي ياد ۾ 1885ع ۾ ٺهيو.
مون وٽ جيڪو پوني جو 1950ع وارو نقشو آهي، ان تي مٿين ڪاليجن کان علاوه ٻيا ڪاليج هن ريت آهن:
• ڪاليج آف مليٽري انجنيئرنگ
• اسپائيسر ڪاليج
• ڪاليج آف ڪامرس
• MES ڪاليج
• S.P ڪاليج
• آرمڊ فورسز ميڊيڪل ڪاليج
• B.J ميڊيڪل ڪاليج
• SNDT ڪاليج
• واديا ڪاليج
• آيرويديا ڪاليج
• گوکلي انسٽيٽيوٽ آف پوليٽڪس
• انسٽيٽيوٽ آف ميٽرولاجي... وغيره
۽ هاڻ ته رڳو ميڊيڪل ڪاليج يا انجنيئرنگ ڪاليج ٿا ڏسجن ته ڊزن کان مٿي آهي ۽ انهن جي تعليم يافته شاگردن کي دنيا ۾ جتي ڪٿي وڏو مانُ ڏنو وڃي ٿو.