الطاف شيخ ڪارنر

هلي ڏسجي هندستان

هن سفرنامي ۾ الطاف شيخ هندستان وڃي ٿي اچڻ دوران مشاهدي ۾ آيل ڳالهين کي تفصيل سان لکيو آهي ۽ گڏوگڏ اُتي جي سنڌين بابت پڻ ڪافي معلومات ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هندستان تي لکيل هي تفصيلي سفرنامو پڙهڻ وٽان آهي.
  • 4.5/5.0
  • 6162
  • 1165
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book هلي ڏسجي هندستان

مٺن سُرن وارا نالا ۽ ذاتيون

پوني ۾ هلندڙ راڳ رنگ جي محفلن ۾ ماسٽر چندر جي وڏي پٽ مهيش چندر به چڱو ملهايو. منهنجي ساڻس نيو جرسي (آمريڪا) ۾ ٻه ٽي دفعا سنڌي پروگرامن ۾ ملاقات ٿي چڪي هئي، جتي هو پنهنجي ننڍي ڀاءُ گوپال وٽ رهيل هو. مهيش ۽ گوپال ٻنهي پنهنجي پيءُ وانگر راڳ ۽ موسيقيءَ ۾ وڏو نالو پيدا ڪيو آهي. مهيش ته نه فقط سنڌي فلمن ۽ راڳ جي محفل ۾ پر هندي ڳالهائيندڙن ۾ به ايترو ئي پسند ڪيو وڃي ٿو. هُو ممبئيءَ جي شيواجي پارڪ واري علائقي ۾ رهي ٿو، پر مختلف سنڌي ۽ هندي فنڪشنن ۾ حصو وٺڻ لاءِ هُو اڪثر دبئي، لنڊن، براڊ فورڊ ۽ آمريڪا جي شهرن ۾ به نظر اچي ٿو.
اسان جيئن ئي هوش سنڀاليو ۽ پاڙي جي هڪ گهر ۾ فونو (گراموفون) آيو، ته ماسٽر چندر ۽ جيوڻي ٻائيءَ جا راڳ ٻڌاسين. هي پنجاهه واري ڏهاڪي جا شروع وارا سال هئا. ماسٽر چندر اسان جو فئوريٽ ڳائڻو هو ۽ اڄ ڏينهن تائين رهيو آهي. سندس ڪيترائي راڳ اسڪول جي ڪتابن وارن بيتن کان وڌيڪ ياد ٿي ويا هئا. مون چندر کي 1980ع يا 1981ع ڌاري ملائيشيا ۾ ڏٺو. ڪوالالمپور جي سنڌين ماسٽر چندر کي ممبئي مان گهرائي راڳ جي محفل ڪئي هئي. منهنجو جهاز پورٽ ڪلانگ (ڪوالالمپور ڀرسان بندرگاهه) ۾ آيل هو ۽ گلوب سلڪ اسٽور (تن ڏينهن جو “بلي بلي” شاپنگ سينٽر) جي مالڪن مان سيٺ وڪيومل لاکياڻيءَ مون کي گهرايو هو. فوني ۽ ريڊيو جي اسپيڪرن بدران ڊائريڪٽ ماسٽر چندر جي واتان جڳ مشهور راڳ ٻڌي عجيب محسوس ٿي رهيو هو ڇو جو چندر نه فقط پنهنجا راڳ ٿي ٻڌايا، پر انهن جي وچ وچ ۾ ٽوٽڪا به ٿي ٻڌايا. ’اڃا ته ائٽ مان ننڍڙي آهيان...‘ ۽ جڏهن چور جهلجي ٿو پوي ته چندر راڳ روڪي ٻڌندڙن کي چيو ته چور کي جڏهن مئجسٽريٽ وٽ وٺي ويا ته هن جون وايون بتال ٿي ويون. ذري گهٽ بيهوش ٿي ٿيو... پوءِ هوش ۾ آڻڻ لاءِ هن کي ٿڌي پاڻيءَ جا ڇنڊا هنيائونس، پتاشن جو شربت...
“ڪوڪا ڪولا پياريائونس.” اسان ٻڌندڙن مان ڪنهن چيو.
“ماٺ ڪري ويهه،” چندر رهڙ ڏيندي چيس، “ڪٿي هئي تن ڏينهن ۾ ڪوڪا ڪولا؟”
“وسڪي.” ڪنهن ٻئي چيو.
“اها به تن ڏينهن ۾ ڪانه هئي.” چندر چيو.
“ڀلا ڀنگ...”
...پر چندر ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري پنهنجو راڳ جاري رکيو. وري هڪ راڳ ۾ “ٻن مان چار بنائڻ وارا سنڌي...” چوڻ وقت محفل ۾ ويٺل هڪ رڙ ڪئي، “ڇا...؟”
“رپيا ٻيو ڇا.” چندر چيس.
“مون سمجهيو ٻار.” هن کلندي چندر کي وراڻيو.
“ها. ها. اهي به،” چندر چيو، “انهن ۾ به سنڌي گهٽ نه آهن. توهان پاڻ ڏسو ته هتي ملايا ۾ اچڻ وقت توهان ڪيترا هُيئو؟ هينئر ٽيڻا چؤڻا نه ته ٻيڻا اڍائوڻا ضرور هوندؤ.”
هڪ دفعو وري ٽهڪڙو شروع ٿي ويو. چندر سان گذاريل هن راڳ جي محفل ۾ سڄي رات ڀوڳ چرچا ٿيندا رهيا. هن محفل جي آڊيو ڪيسٽ جون خبر ناهي مون ڪيتريون ڪاپيون ٺهرائي سنڌ ۾ پنهنجن دوستن کي ڏنيون. مون وٽ به گهر ۾ الڳ ڪئسٽ هئي ته ڪار ۾ الڳ. هر وقت ٻڌندو رهيس ٿي... پوءِ خبر ناهي ته ڪيڏانهن هيٺ مٿي ٿي وئي. ٿي سگهي ٿو ڪوالالمپور يا سنڌ ۾ ڪنهن وٽ اها ڪئسيٽ اڃا به هجي ۽ آءٌ اهو وري ٽيپ ڪرائي سگهان.
ملائيشيا جي سنڌي سيٺين اهو ئي پڪو پهه ڪيو، ته چندر کي هر سال ملائيشيا گهرائيندا رهنداسين، پر افسوس جو چندر وري نه اچي سگهيو. صحت صحيح نه هجڻ ڪري هُو ممبئيءَ کان ٻاهر نه نڪري سگهيو ۽ 1984ع ۾ گذاري ويو:
ڇڏي پنهنجي سنڌونديءَ جا ڪنارا
اباڻا اَجها ۽ ڇَنا پيارا پيارا
پراڻن پَکن کي پٽيندا وڃن ٿا
پکي باغ پنهنجو ڇڏيندا وڃن ٿا
وطن کان جدا ٿي لڏيندا وڃن ٿا
وڃن ٿا وڃن ٿا، وطن کي ڇڏيندا وڃن ٿا...
ڇڏي قطب، بيدل ۽ بيڪس جا ديرا
ڇڏي شاهه، سامي، ڌر پٽ جا پيرا
درازن کان اڄ هُو ٿيندا وڃن ٿا
پکي باغ پنهنجو ڇڏيندا وڃن ٿا...
ماسٽر چندر کي هند ۾ “سنڌ جو تان سين” چيو وڃي ٿو. سنگيت آچاريه ماسٽر چندر (The Music Maestro of Sindh) 27 ڊسمبر 1907ع تي ٺارو شاهه ۾ ڄائو. سندس تعلق هڪ زميندار گهراڻي سان هو ۽ ماءُ پيءُ کي اڪيلو ٻار هو. مئٽرڪ ڪرڻ کان پوءِ هُن پڙهائي بند ڪري پنهنجو ناتو ميوزڪ سان جوڙيو، جيڪا ڳالهه جيتوڻيڪ سندس والدين جي خواهش جي خلاف هئي.
چندر لاءِ چون ٿا ته هن کي پنهنجي ان قابليت جي خبر تڏهن پيئي، جڏهن هُو ٻارنهن سالن جو ٻار هو ۽ سائيڪل جي مرمت ڪندي هُن پهريون راڳ ڳايو هو.
ماسٽر چندر کي ڳائڻ جي ڪلا پنهنجي مامي بالا سجن داس کان ملي، جنهن جو ڳوٺ ۾ مندر هو. هن چندر کي تحفي ۾ هارمونيم وٺي ڏنو، جنهن کيس ميوزڪ ۽ ڳائڻ جي دنيا ۾ اڳتي وڌايو. ڪجهه وڏو ٿي چندر راڳ جي وڌيڪ سکيا امير خان ۽ عاشق خان کان ورتي، جيڪي ان وقت جا قابل ڪلاسيڪل ڳائڻا ۽ ميوزيشن هئا.
چون ٿا ته هڪ دفعي سُريلي آواز جي مالڪ ڀڳت ڪنور رام چندر کي ڳائيندي ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ کيس هن فيلڊ ۾ نالو پيدا ڪرڻ جي دعا ڪئي. هن جي ڳالهه اڳتي هلي سچ ثابت ٿي ۽ ماسٽر چندر ميوزڪ جي دنيا ۾ ليجند ثابت ٿيو.
ماسٽر چندر، ماءُ پيءُ کي اڪيلو ٻار هجڻ ڪري هن جي والدين نٿي چاهيو ته سندن پٽ تعليم وٺي ڊاڪٽر انجنيئر ٿيڻ بدران محفلن ۾ ڳائيندو وتي، هن جي ننڍي عمر ۾ شادي ڪرائڻ (جيڪا Arranged Marriage هئي) جو مقصد به اهو هو ته هن جي ڳائڻ تان دل کٽي ٿئي، پر ائين ٿي نه سگهيو. پورن ٻن سالن بعد هن جا راڳ رڪارڊ ٿيڻ لڳا. ان وقت هن جي عمر ٻاويهه سال هئي.
1934ع ۾، هن بمبئيءَ جي فلم انڊسٽريءَ ۾ هيرو جي حيثيت سان قدم رکيو ۽ Movie tone پروڊڪشن جي فلم “موت کا طوفان” ۾ ڪم ڪيو. ان فلم جا پروڊيوسر هئا واسواڻي ۽ مير چنداڻي. فلم جو ڊائريڪٽر مسٽر هينري نالي يورپين هو. فلم جي هيروئن ڪانتا ٿي هئي. انهن ڏينهن ۾ پلي بئنڪ سنگرس جو رواج نه هو. هيرو کي پاڻ ڳائڻو پوندو هو. ماسٽر چندر پنهنجي پهرين فلم ۾ ئي سٺي پرفارمنس ڏني. ان کان پوءِ ته ماسٽر چندر راڳ جي دنيا ۾ پنهنجي وک پٺتي نه ڪئي. هن پنهنجا راڳ “هزماسٽرس وائس” گراموفون ڪمپنيءَ وٽ رڪارڊ ڪرڻ جي ائگريمينٽ ڪئي. چندر پهريون سنڌي هو جنهن کي هن رڪارڊنگ ڪمپنيءَ ڏهه سيڪڙو ڪميشن رائلٽيءَ طور ڏني ٿي. چندر اڳتي هلي هزماسٽر وائس رڪارڊنگ ڪمپنيءَ جو ڊائريڪٽر پڻ بنيو.
ماسٽر چندر جو اڄ به مٺو آواز هند سنڌ ۽ دنيا جي ٻين ملڪن ۾ جتي جتي سنڌي آهن گونجندو رهي ٿو. چندر منهنجو ننڍپڻ کان فئوريٽ سنگر رهيو آهي. ڊگهن ۽ ٿڪائيندڙ سامونڊي سفرن تي هن جا راڳ مون لاءِ هميشه وندر ۽ اتساهه ڏياريندڙ رهيا آهن.
ماسٽر چندر هڪ عام ماڻهوءَ لاءِ ڳايو ٿي. هارين نارين، ڪمين ڪاسبين، مزورن پورهيتن لاءِ، جن هميشه اهو محسوس ٿي ڪيو ته ماسٽر چندر هنن جي دلين جي ڌڙڪن ۽ احساسن کي express ڪري ٿو. چندر جا راڳ انسانذات لاءِ آهن. اڄ به چندر کي هندو توڙي مسلمان شوق مان ٻڌن ٿا. هن ٻنهي مذهبن جي ماڻهن لاءِ سُک ۽ شانتي گهريا ٿي:
سنڌ جو اڳوڻو شان عجب هو
راحت هئي ڄڻ راضي رب هو
رهندو هندو ۽ مومن گڏ هو
هڪ ٻئي کي ڏيندو سڏ ۾ سڏ هو...

بقول آمريڪا ۾ رهندڙ ڊاڪٽر اين آڏواڻيءَ جي:
Truly it goes to the credit of Master Chander that not only he made the profession look respectable but also made singing as a vehicle of conveying various messages to the society at different times. He sang musical notes in praise of Hindu-Muslim unity when the occasions demanded.
چندر جي راڳ جون ڪجهه سِٽون ياد ٿيون اچن:
پرديسي هت روئندا هوندا
ڳوڙهن سان منهن ڌوئندا هوندا
ڌارين ۾ ڪيئن سوهندا هوندا
سور هزارين پوئندا هوندا.
چندر کي هر ملڪ جي امير سنڌين پاڻ وٽ رهڻ لاءِ پنهنجي خوش نصيبي ٿي سمجهيو. هن کي ممبئيءَ ۾ به هر سُک مهيا هو، پر هُو آخر تائين وطن جي وڇوڙي ۾ تڙپندو رهيو:
چندر عمر شل وطن ۾ گذري
وطن کان شل دشمن به نه وڇڙي
جو دم گذري وطن ۾ گذري
جي دم نڪري ته به وطن ۾ نڪري.
اڄ ماسٽر چندر اسان وٽ نه آهي، پر سندس پٽ مهيش چندر پنهنجي پيءُ جي نقش قدمن تي هلي غزل ڳائڻ ۾ نالو پيدا ڪيو آهي. سندس ٻيو پٽ گوپ نيويارڪ آمريڪا ۾ رهي ٿو. جڏهن به نيويارڪ يا هڊسن نديءَ جي ٻئي پار نيو جرسيءَ ۾ سنڌين جي ڪا محفل ٿئي ٿي ته گوپ پنهنجي سُريلي آواز سان سنڌي راڳ ڳائي، پنهنجي پيءُ جي ياد ڏياري ٿو ۽ هيڏانهن، سريلنڪا ۽ ملائيشيا پاسي وري مهيش ئي گهڻو نظر اچي ٿو ۽ پاڻ ملهائي ٿو.
مهيش چندر 3 سيپٽمبر 1942ع تي ٺارو شاهه (ضلعي نوابشاهه) ۾ ڄائو ۽ ٻارنهن سالن جي ڄمار ۾ پنهنجي پيءُ جي تربيت سبب ڳائڻ لڳو. شروع جي ڏينهن ۾ مهيش کي لتا منگيشڪر اڳيان غزل ڳائڻ جو موقعو مليو، جنهن هن جو نالو HMV رڪارڊنگ ڪمپنيءَ کي recommend ڪيو ۽ سندس غزلن جو پهريون رڪارڊ “سلسلہ زلف کا جب مکھ پے بکھر جاتا ہے” رليز ٿيو. هن رڪارڊ مهيش کي تمام گهڻي مشهوري ڏني. ان بعد يڪدم لتا، مهيش کي مرهٺي فلم ’ساڌي مانسي‘ ۾ ڪم جو موقعو ڏنو. انهن ئي ڏنهن ۾ هن کي هندي فلم ’مئخانا‘ جي ٽائيٽل گاني ڳائڻ جو پڻ موقعو مليو.
مهيش، انڊيا ۾ ان وقت تمام گهڻي مشهوري ماڻي، جڏهن اوشا کنا جي ميوزڪ ۾ “پتھروں کا شہر” فلم جو ٽائيٽل گانو هُن کي ڳائڻ لاءِ مليو. سنڌي گانن ۾ مهيش جو پهريون راڳ “سج اُڀر نه تون، شل رات هجي” هو. انڊيا ۾ مهيش کي “Singer with Velvet Voice” جي لقب سان به سڏيو وڃي ٿو. بقول تاج جويي جي مهيش هڪ ورسٽائل، نامور راڳي ۽ ڌنون ترتيب ڏيندڙ آهي.