الطاف شيخ ڪارنر

هلي ڏسجي هندستان

هن سفرنامي ۾ الطاف شيخ هندستان وڃي ٿي اچڻ دوران مشاهدي ۾ آيل ڳالهين کي تفصيل سان لکيو آهي ۽ گڏوگڏ اُتي جي سنڌين بابت پڻ ڪافي معلومات ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هندستان تي لکيل هي تفصيلي سفرنامو پڙهڻ وٽان آهي.
  • 4.5/5.0
  • 6103
  • 1141
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book هلي ڏسجي هندستان

ڪولهاپور ۽ نانگپور

انڊيا جي مهاراشٽرا رياست جي ٻن وڏن شهرن ممبئي ۽ پوني کان علاوه ٻيا به ڪيترائي اهم شهر آهن، جيڪي ڪن خاص ڳالهين ڪري نه فقط انڊيا ۾ پر انڊيا کان ٻاهر به مشهور آهن. انهن مان ڪولهاپور به هڪ آهي. ڪولهاپور ’ڪولهاپوري چئمپلن‘ کان مشهور آهي. ڪولهاپوري چئمپل هونئن ته سالن کان انڊيا ۾ مشهور هئا، پر 1979ع ۾ ڊائريڪٽر من موهن ڏيسائي جي فلم ’سهاگ‘ کان پوءِ ته ايشيا، آفريڪا ۽ عرب ملڪن ۾ يڪدم مشهور ٿي ويا، جتي جتي هندي فلمون هلن ٿيون. سهاگ فلم ۾ ان وقت جو هيرو ۽ اڃان تائين ماڻهن جي دلين تي راڄ ڪندڙ اميتاڀ بچن، پروين ڀاڀي ۽ ريکا سان گڏ ڪم ڪيو آهي. انهن کان علاوه امجد خان، ششي ڪپور ۽ نيروپاراءِ پڻ هن فلم ۾ آهن. هن فلم ۾ اميتاڀ بچن جو ڪردار رومانٽڪ ۽ مزاحيه آهي. هُو ڏنگن ماڻهن کي ڪُٽڻ لاءِ ڪولهاپوري چئمپل هٿ ۾ کڻي هنن کان ان چئمپل جو نالو ۽ سائيز پڇي پوءِ وسڪارو ڪري ٿو. هن فلم جي ڪهاڻي قادر خان لکي هئي ۽ ان سال جي مڙني فلمن مان ’سهاگ‘ فلم سڀ کان گهڻو بزنس ڪيو.
بهرحال 1979ع کان پوءِ ڪولهاپوري چئمپل پاڪستان ۾ به مشهور ٿي ويو هو ۽ سمگل ٿي وڏي اگهه تي ڪراچيءَ ۾ وڪامبو هو. انهن ڏينهن ۾ اسان جو جهاز انڊيا نه ويندو هو، پر مون به ڪولمبو (سريلنڪا) مان اهو چئمپل خريد ڪري، جهاز تي پائڻ جو شوق ڪيو هو. سندس تَرو به چمڙي جو هجڻ ڪري انجڻ روم ۾ به پائي ويندو هئس. عام رٻڙ جو هوائي چمپل انجن روم جي تيل واري لوهي فرش تي تِرڪي ٿو.
بهرحال ڪولهاپور چئمپلن کان علاوه ڪولهاپوري کاڌن (Cuisines)، ڪولهاپوري لؤنگي مرچن ۽ ڪولهاپوري ڳُڙ کان به مشهور آهي.
ڪولهاپور ممبئيءَ جي ڏکڻ ۾ گوا وٽ آهي ۽ باءِ روڊ وڃڻ لاءِ پوني، ساتارا ۽ سانگلي ضلعا لتاڙي وڃڻو پوي ٿو. ڪولهاپور کي پنهنجو هوائي اڏو به آهي ان ڪري ممبئيءَ کان باءِ ايئر اڌ ڪلاڪ ۾ پهچي سگهجي ٿو. ڪولهاپور انگريزن جي ڏينهن ۾ نوابي رياست ٿي رهيو. هونئن به هي هڪ جهونو شهر آهي جيڪو نه فقط کاڌن ۽ چئمپلن کان مشهور آهي پر ڳهه ڳٺن، ٽوپين ۽ پڳڙين، ملهه بازي ۽ ڌرمي ڳالهين کان به مشهور آهي. گهڻي ڀاڱي مرهٽا رهن ٿا، پر ڪجهه تعداد گجراتين، مارواڙين ۽ سنڌين جو پڻ آهي، جن جو واپار وڙو هتي جي اهم مندر ’مها لڪشمي مندر‘ جي ڀرسان مهادوار روڊ تي آهي. هي شهر مرهٺي فلمن جو پڻ مرڪز سمجهيو وڃي ٿو، جتي انڊيا جي پهرين فلم ’راجا هريش چندرا‘ ٺاهي وئي هئي.
ڪولهاپور، مرهٺا سلطنت جو چوٿون نمبر اهم مرڪز سمجهيو وڃي ٿو، جتي ڀونسلي گهراڻي جي سلطنت رهي. هن سلطنت جا باقي ٽي شهر بڙودا، گواليار ۽ انڊور چيا وڃن ٿا. هتي جي راجا کي 19 بندوقن جي سلامي ڏني وئي ٿي، ان ڪري ڪولهاپور کي ’19 گن اسٽيٽ‘ به سڏيو ويو ٿي.
ڪولهاپور جي، شيواجِي يونيورسٽي، گورنمينٽ انجنيئرنگ ڪاليج، D.Y پاٽل انجنيئرنگ ڪاليج ۽ راجا رام ڪاليج سڄي انڊيا ۾ مشهور آهن.
ڪولهاپور وانگر نانگپور به مهاراشٽرا جو مشهور شهر آهي، پر سمجهو ته هڪ ڪنڊ تي ڪولهاپور آهي ته ٻيءَ ڪنڊ تي نانگپور آهي ۽ مهاراشٽرا رياست ڪا ننڍي ناهي. سمجهو ته پاڪستان جي ٽئي حصي جيڏي آهي. ’مهاراشٽرا‘ جي پکيڙ 3 لک چورس ڪلوميٽر آهي ۽ پاڪستان جي 8 لک چورس ڪلوميٽر. سو ممبئيءَ يا پوني کان باءِ روڊ نانگپور وڃڻ وقت جو زيان آهي، پر جي توهان انڊيا ۾ ڊگهي عرصي لاءِ رهيل آهيو، جيئن اڳئين دفعي اسان اوڏن جي شاديءَ لاءِ ڏيڍ مهينو کن دهلي رهيا پيا هئاسين، ته پوءِ انڊيا ۾ بس يا ريل ۾ سفر ڪرڻ جو مزو ئي ٻيو آهي، پر جي توهان کي وقت ٿورو آهي ۽ پئسو گهڻو ته پوءِ ممبئيءَ کان نانگپور باءِ ايئر وڃي سگهو ٿا. نانگپور انڊين جي مشغول هوائي اڏن مان هڪ آهي ۽ اهو بين الاقوامي نوعيت جو هجڻ ڪري نه فقط مقامي هوائي ڪمپنين انڊين ايئر لائنز، جيٽ ايئرويز، انڊيگو، ڪنگ فشر ايئر لائنز، گو ايئر، سهارا ۽ ڊيڪن ايئر جا هوائي جهاز انڊيا جي مختلف هوائي اڏن سان ملائين ٿا، پر بين الاقوامي هوائي ڪمپنين جا جهاز سنگاپور، دبئي، ڪولمبو، بئنڪاڪ، دوها، قطر، شارجا جهڙن شهرن سان ڳنڍين ٿا. توهان هن شهر نانگپور جي اهميت جو اندازو ان مان لڳائي سگهو ٿا، ته نانگپور کان روزانو 8 اُڏامون ممبئيءَ روانيون ٿين ٿيون، اهڙيءَ طرح روزانو دهلي 4، پوني 4، احمدآباد 2، بئنگلور 2، حيدرآباد دکن 3 وغيره وغيره. ايتريون ته لاهور مان به نٿيون نڪرن.
انڊيا جي هن شهر نانگپور جي اها خصوصيت آهي، ته هي شهر انڊيا جي بلڪل جاگرافيائي وچ ۾ آهي. ان ڳالهه جي اهميت هڪ جاگرافيءَ جو شاگرد ته سمجهي سگهي ٿو، پر هڪ عام ماڻهوءَ جي دلچسپي ۽ معلومات لاءِ آءٌ اها ڳالهه هن ريت لکندس ته اسان جي ملڪ پاڪستان ۽ انڊيا جي وقت ۾ اڌ ڪلاڪ جو فرق آهي. انڊيا اسان جي اوڀر ۾ آهي ۽ ان جي اوڀر ۾ بنگلاديش آهي. مثال طور بنگلاديش ۾ اڄڪلهه صبح جو ڇهين بجي سج اُڀري ٿو. اڌ ڪلاڪ بعد انڊيا ۾ اُڀري ٿو ۽ ٻيو اڌ ڪلاڪ رکي پاڪستان ۾ اُڀري ٿو. ان ڪري اسان جي ملڪن ۾ اڌ اڌ ڪلاڪ جو فرق آهي. هاڻ وري مٿئين مثال تي اچون. بنگلاديش ۾ سج اُڀرڻ کان پوءِ اڌ ڪلاڪ رکي انڊيا ۾ سج اُڀري ٿو پر اهو رڳو اسان چئون ٿا. بنگلاديش کان پوءِ جيڪو انڊيا جو شهر ڪلڪتا آهي، اتي جڏهن سج اُڀري ٿو ته لاهور جي ڀر واري شهر امرتسر ۾ ته اونداهه انڌوڪار لڳي پئي آهي. اتي ته تارا پيا ٽمڪن ۽ تقريباً اڌ ڪلاڪ بعد اتي ۽ لاهور ۾ سج اُڀري ٿو. تنهن جي معنيٰ ته اسان کي ان ڪم لاءِ ملڪ جو هڪ شهر مرڪز ڪرڻ کپي، خاص ڪري انڊيا جهڙي وڏي ملڪ کي. سو نانگپور کي نه فقط انڊيا جو وچ رکيو ويو آهي، پر جاگرافيائي طور ذري گهٽ وچ آهي. بنگلاديش جو وچ ڍاڪا آهي. ڍاڪا ۾ صبح جو سج اُڀري ٿو ۽ شام جو جنهن وقت لهي ٿو، اهو ساڳيو عمل انڊيا جي نانگپور شهر ۾ اڌ ڪلاڪ بعد ٿئي ٿو.
نانگپور شهر تي هيءُ نالو هتي گهڻن نانگن هجڻ ڪري نه پيو آهي پر هتان جيڪو ’نانگ ندي‘ نالي درياهه وهي ٿو ان تان پيو آهي. نانگپور جي حق ۾ هڪ ٻي اهم پوائنٽ نوٽ ڪرڻ جوڳي اها آهي ته هتي جي مشهور ڪارخانيدار ٽاٽا گهراڻي جنهن جون فئڪٽريون اڄڪلهه سڄيءَ انڊيا ۾ آهن، انهن پنهنجي پهرين ٽيڪسٽائيل مل هن شهر نانگپور ۾ لڳائي، جنهن جو افتتاح پهرين جنوري 1877ع ۾ ڪيو ويو. هيءَ اها تاريخ آهي، جنهن تي انگلينڊ جي راڻي وڪٽوريا کي ’امپريس آف انڊيا‘ جو خطاب ڏنو ويو، جنهن جي نالي اسان وٽ ڪراچي صدر ۾ ’ايمپريس مارڪيٽ‘ آهي. ٽاٽا پنهنجي ٽيڪسٽائيل ملز جي ڪمپنيءَ جو نالو به ايمپريس “Empress Mills” رکيو.
هندو ڌرم سان تعلق رکندڙ ٽوئرسٽ نانگپور مندرن جي زيارت لاءِ به اچن ٿا. نانگپور شهر لاءِ مشهور آهي ته اتي جي هر حصي ۾ هڪ اهم مندر ضرور آهي. جيئن ته سينٽرل ايوينيو تي ’سري پودريشور رام مندر‘. انگريزن جي حڪومت ۾ هي علائقو ائين هو جيئن ڪراچي صدر جي ايلفي ۽ وڪٽوريا اسٽريٽ. نانگپور شهر کان 17 کن ڪلوميٽر پري ڪورادي ڳوٺ ۾ انڊيا جو تمام جهونو مندر ’شري مها لڪشمي ديوي‘ مندر جتي ٻارهوئي پوڄاري ايندا رهن ٿا، خاص ڪري سالياني ’نَو راتڙي‘ جشن تي. هندو ڌرم جي پڙهندڙن لاءِ اهو به لکندو هلان ته نانگپور ۾ ٻيا به ڪيترائي اهم مندر آهن، جهڙوڪ تيلنگ کيدي مندر (جنهن ۾ هندو ڌرم جون سموريون ديويون ۽ ديوتا رکيل آهن)، ان ساڳئي علائقي ۾ هڪ مندر لارڊ شو جي نالي به آهي، جيڪو چون ٿا ته هڪ سؤ سال جهونو آهي. ان کان علاوه رام ديو بابا مندر به هتي ئي آهي، جنهن جي زيارت لاءِ اسان سان گڏ ڪنڊياري جو هلندڙ ڄاڃي پروفيسر بسنت اوڏ بڙودي کان نانگپور ويو هو. هي منهنجي ان سفر جي ڳالهه آهي، جڏهن منهنجي پيٽارو ڪئڊٽ ڪاليج جي ڪلاس ميٽن ڊاڪٽر رامچند اوڏ ۽ انڪم ٽئڪس ڪمشنر نول راءِ اوڏ جي پٽن جي شادي دهليءَ ۽ بڙودا ۾ ٿي هئي ۽ اسان ڄاڃي گروپ جي شڪل ۾ ڏيڍ مهينو کن انڊيا رهي پيا هئاسين.
نانگپور بابت هتي هڪ ٻي ڳالهه لکڻ به دلچسپيءَ کان خالي نه رهندي. جتي انڊيا جو شهر (جيڪو گاديءَ جو به شهر آهي) انڊيا توڙي دنيا ۾ مٽي ۽ ڌوڙ ڪري گدلو شهر سڏيو وڃي ٿو، اتي نانگپور، انڊيا جو سڀ کان صاف سٿرو شهر مڃيو وڃي ٿو ۽ ساوڪ (Greenery) ۾ نانگپور، بئنگلور کان پوءِ ٻئي نمبر تي قرار ڏنو ويو آهي.
تعليمي لحاظ کان نانگپور وچ انڊيا جو اهم شهر آهي، جتي جي نانگپور يونيورسٽي جيڪا 1923ع ۾ کُلي هئي، سا سڀني کان جهوني آهي. هن شهر ۾ ڪيترائي ميڊيڪل ۽ انجنيئرنگ ڪاليج به آهن جن مان هي بيحد اهم آهن:
• اندرا ميڊيڪل ڪاليج
• NKP سالو انسٽيٽيٽو آف ميڊيڪل سائنسز
• مهاراشٽرا ائنيمل سائنسز يونيورسٽي
• وِس ويس ورايا ٽيڪنالاجي يونيورسٽي
• پِريا دارشني انجنيئرنگ ڪاليج
• يشونت راءِ انجنيئرنگ ڪاليج
• شري رام ديو بابا ڪملا نهرو انجنيئرنگ ڪاليج وغيره وغيره