الطاف شيخ ڪارنر

هلي ڏسجي هندستان

هن سفرنامي ۾ الطاف شيخ هندستان وڃي ٿي اچڻ دوران مشاهدي ۾ آيل ڳالهين کي تفصيل سان لکيو آهي ۽ گڏوگڏ اُتي جي سنڌين بابت پڻ ڪافي معلومات ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هندستان تي لکيل هي تفصيلي سفرنامو پڙهڻ وٽان آهي.
  • 4.5/5.0
  • 6162
  • 1165
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book هلي ڏسجي هندستان

پوني ۾ آيل ڪجهه اهم سنڌي مهمان

پوني ۾ سنڌين جي ڪنوينشن ۾ نه فقط ادبي سيشن هو پر ڳائڻ وڄائڻ، مزاحيه خاڪن، ڊرامن، دادا جشن جي ڪتاب جي رونمائي جهڙا پروگرام به هلندا رهيا. آءٌ جيئن ته پوني ۾ ٻه ٽي ڏينهن وڌيڪ رهي پيس، ان ڪري ڪيترن ئي آيل مهمانن ۽ مقامي سنڌي اديبن، شاعرن، صنعتڪارن، سماجي ورڪرن، تعليمدانن ۽ ڌرمي، سياسي سرڪاري ماڻهن سان ملندو رهيس، جيڪي انهن فنڪشنن ۾ آيا ٿي يا گيسٽ هائوس ۾، جتي آءٌ رهيل هئس هڪ ليکڪ جي حيثيت ۾. خاص ڪري سفرناما لکڻ جي شهرت ڪري، مون ڏٺو ته اسان جا پوني وارا ميزبان ’ساڌو واسواڻي مشن‘ جي انتظاميا توڙي ٻين سنڌي ادبي ۽ ساهتيه ادارن جا سرپرست ۽ ميمبر مون کي پنهنجا ادارا گهمائڻ ۽ پنهنجين achievements بابت ٻڌائيندا رهيا، جيئن مون کي به گهڻي کان گهڻو لکڻ لاءِ مواد ملي وڃي ۽ ساڳئي وقت هنن جي به سڃاڻپ ٿي وڃي. جنهن وقت به دادا جشن جي مون تي نظر پئي ٿي، هن مون کان پڇيو ٿي ته آءٌ هنن جي مهمان جي حيثيت ۾ هتي پوني ۾ سٺو وقت پيو گذاريان يا نه؟ سندس اها وڏي مهرباني چئبي، جو هن ميلي جهميلي ۾ فقط آءٌ ته نه هئس، پر سوين اهڙا مهمان هئا جيڪي هندستان جي ٻين شهرن ۽ دنيا جي مختلف ملڪن کان، دادا جي دعوت تي، دادا جو جنم ڏينهن ملهائڻ لاءِ پوني کان اچي نڪتا هئا. دادا جا خاص پوئلڳ ۽ هن جي تمام گهڻي عزت ڪندڙ: جئه موتياڻي، چندرو مهناڻي، سُميت گيهاڻي، نريش سنگهاڻي، راجيش عيداساڻي ۽ ٻيا هر وقت مون کان ڪم ڪار جو يا ڪچهري ڪرڻ جو پڇندا رهيا ٿي. ممبئيءَ کان مون کي پنهنجي ڪار ۾ پوني وٺي ايندڙ جئه موتياڻيءَ ته هر هڪ کي سڃاتو ٿي ۽ ڪوشش ڪري هر اهم ماڻهو مون سان ملايو ٿي. مون پنهنجي ڪئميرا جئه موتياڻيءَ حوالي ڪري چيومانس ته، “سائين بس فوٽو ڪڍندا وڃو جيئن بعد ۾ انهن فوٽن ذريعي هڪ دفعو وري واقفيت ڪرائجو ۽ واقعي فوٽن مان اهو وڏو فائدو آهي ۽ انهن کي series wise ڏسڻ سان ياد اچيو وڃي، ته پهرين ڪنهن سان مليس؟ ان بعد جنهن جا به فوٽو ڪڍيم ٿي ته چندرو ۽ جئه جي مدد سان هر فوٽو جي پٺيان انهن ماڻهن جا نالا، شوق ۽ ٻيون خاص ڳالهيون لکي ڇڏيم ٿي. ڪيترن کي ته بي شرم ٿي ملڻ وقت ئي پنهنجو نوٽبڪ وڌائي ٿي ڏنم، ته سائين مهرباني ڪري پنهنجو نالو، فون نمبر ۽ اِي ميل ائڊريس لکي ڏيو نه ته مون پوڙهي ماڻهوءَ کان وسري ويندو ۽ پوءِ اها ئي ڪوشش ڪندو رهيس ته اهم ماڻهن جون تصويرون، ان ئي ڏينهن پرنٽ ڪرائي سندن نالا، نمبر ۽ ائڊريسون لکي ڇڏيان.
پهرئين ڏينهن صبح وارو سيمينار اٽينڊ ڪري، پوليس رپورٽنگ لاءِ پوليس اسٽيشن تي وڃي ويٺس، پر رات وارو فنڪشن ضرور اٽينڊ ڪيم. ان فنڪشن ۾ مسٽر پريم تولانيءَ سان ملاقات ٿي، جيڪو انڊيا جي ’سنڌي سکشا ساهتيه سنگت‘ جو صدر آهي. ان کان سواءِ مسٽر ديپڪ چندواڻيءَ سان مليس، جنهن لاءِ لاڙڪاڻي کان ممبئيءَ لڏي آيل ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻيءَ ٻڌايو ته ديپڪ ايم. اي. گولڊ ميڊلسٽ ۽ ’هندواسي‘ پرچي جو ايڊيٽر آهي. انهيءَ محفل ۾ ايشور ڪرپلاڻي به هو، جنهن پوني ۾ “سنڌي سيوا دل” جو بنياد رکيو. سنڌي سيوا دل (Sindhu Seva Dal) جي آفيس پوني جي ڀاواني پيٺ واري علائقي جي امرجيوتي سوسائٽي ۾ آهي. پاڻ ٻڌايائين ته هن اداري جو اڄڪلهه صدر راجو ٿاڪواڻي ۽ نائب صدر هريش هيم راجاڻي آهي. انهيءَ رات ماڻهن جي مجمعي ۾ مسٽر دنيش ٽهلياڻي ۽ مشهور وڪيل پورنيما آڏواڻي سان پڻ ملاقات ٿي. دنيش ممبئيءَ کان پوني آيو هو ۽ هُو ڪيترين سنڌي ايسوسيئيشنس جو ڪميٽي ميمبر آهي. پورنيما ’راشتريا مهلا آيوگيا‘ جي سرپرست آهي، پاڻ هتي جي مشهور وڪيل پڻ آهي. هُوءَ عورتن ۽ غريبن کي حق ڏيارڻ ۽ ڏيج ڏيڻ يا وٺڻ جي خلاف مهم هلائي رهي آهي. ان کان علاوه انهن عورتن جي بچاءَ لاءِ به ڪم ڪري رهي آهي، جن جي ساهرن کي جڏهن خبر پوي ٿي ته هُو پٽ بدران نياڻي ٻار کي جنم ڏيڻ واريون آهن، ته هنن جي زوريءَ ابارشن ڪرائي وڃي ٿي، جنهن سبب هنن جو موت ٿئي ٿو.
هن محفل ۾ مسٽر ڪنهيا لعل گدواڻي پڻ موجود هو. ڪنيها لعل انڊيا جي اسيمبليءَ جو ميمبر پڻ رهي چڪو آهي. هن پنهنجي تقرير ۾ اها ڳالهه ڪئي ته ڌڻيءَ جي مهربانيءَ سان سڄي هندستان ۾ اڄ ڪوبه سنڌي پنندي نظر نٿو اچي. هر هڪ پورهيو ۽ محنت ڪري پنهنجو پيٽ پالي ٿو. بلڪ هُو انڊيا جي ٻين ڪميونٽين جي به مدد ڪري ٿو. خيراتي اسپتالن، اسڪولن ۽ ڪميونٽي ڀلاين ۾ دل کولي چندا ۽ خيرات ڏئي ٿو. سنڌين جي ان سخاوت جي انڊيا ۽ انڊيا کان ٻاهر رهندڙ به واکاڻ ڪن ٿا. هن کان پوءِ پروفيسر ديال به تقرير ڪئي. پروفيسر ديال (سڄو نالو ڊاڪٽر ديال آشا) هڪ تمام وڏو ليکڪ آهي. سندس سنڌي، هندي ۽ انگريزيءَ ۾ اٽڪل پنجاهه کن ڪتاب ڇپجي چڪا آهن ۽ تازو دبئيءَ ۾ رهندڙ سنڌين جي هڪ واپاري گروپ “رام ائنڊ وينا بخشاڻي فائونڊيشن” جي سرواڻ مسٽر رام بخشاڻيءَ هن سال جي ’ايشوري ٻائي لائيف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊ‘ لاءِ ڊاڪٽر ديال آشا جو نالو منتخب ڪيو آهي.
انهن کان علاوه هن محفل ۾ دهليءَ کان آيل وينا شرما به تقرير ڪئي ۽ جئپور کان آيل جسٽس اندراسين ايسراڻي پڻ موجود هو، جنهن دراصل هن شام جو افتتاح ڪيو. جسٽس ايسراڻي انڊيا جي سنڌي ڪائونسل جو صدر به آهي. هن دادا جشن جي تمام گهڻي واکاڻ ڪئي ته دادا سڄي ڄمار انسانذات جي ڀلي ۾ وقف ڪري ڇڏي آهي. ساڳي ڳالهه هتي جي سابق سنڌي MP (پارليامينٽ جي ميمبر مسٽر سريش ڪيسواڻيءَ ڪئي).
ٻئي ڏينهن جي فنڪشن جي شروعات دبئيءَ جي ڪامياب واپاري ڀڳوان شلواني تقرير سان ڪئي. هن تقريب ۾ دبئيءَ جو هڪ آڳاٽو ۽ وڏو واپاري مولراج منگهناڻي پڻ موجود هو. (سندس تفصيلي احوال دبئيءَ واري سفرنامي ۾ ڪندس.) ڪشو منسکاڻيءَ پنهنجي تقرير ۾ علي نواز وفائي اسٽائيل ۾ چيو ته سنڌي پنجن لفظن جو مرڪب آهي.
S – Self Confidence
I – Intelligence
N – Nationalism
D – Determination
H & I – Hardworking Individuals
ڪشو منسکاڻي الهاس نگر جي چاند ٻائي ڪاليج جو وائيس پريزيڊنٽ آهي، جيڪو ڪاليج هن جي ڪٽنب جي ڀاتين ٺهرايو آهي. مٿين کان علاوه ڊاڪٽر هريش ميرچنداڻي ۽ هيرو ٿارياڻي ۽ مسز اندو شاهاڻي پڻ موجود هئا، جن تقريرون ڪيون يا ساڌو واسواڻيءَ جا ٻول ٻڌايا. ڊاڪٽر هريش ميرچنداڻي جيڪو حيدرآباد دکن کان آيو هو، تنهن لاءِ چندروءَ ٻڌايو ته هُو ميڊيڪل جو ڊاڪٽر هو، پر دادا جي چوڻ تي هن ڊاڪٽري ڇڏي اسڪول هلايو ۽ اڄ هُو ماهر تعليمدان آهي ۽ مسٽر هيرو ٿارياڻي ڪمپيوٽرن جو ايڪسپرٽ انجنيئر ۽ سنڌو درشن جو ايم. ڊي. آهي. مسز اندو شاهاڻي، ممبئيءَ جي ايڇ. آر. ڪاليج جي پرنسپال آهي. هن محفل جي ڪمپيئرر مس منجو نچاڻي هئي، جيڪا ممبئيءَ جي ڪي. سي. ڪاليج جي پرنسپال آهي.
هن محفل ۾ ڀَڄَن، وپن شيواڻيءَ ڳايا ۽ آخري راڳ مسز ڪاجل چنديراماڻيءَ ڳايو. ڪاجل پڻ تاجل بيوس جو لکيل غزل “سنڌ منهنجي امان” ڳايو، جنهن تي سڀ ماڻهو اُٿي بيٺا. جئه موتياڻيءَ ڪاجل سان گڏ منهنجو فوٽو ڪڍڻ مهل ٻڌايو، ته ڪاجل چندريماڻي سنڌيءَ جي اهم اديب رام پنجواڻيءَ جي پوٽي پڻ آهي.