اورنگا آباد، جلگائون ۽ ناشڪ
اورنگزيب مغل شهنشاهه نالي اورنگ آباد شهر انڊيا جي ڪيترين ئي رياستن ۾ آهن، جيئن اتر پرديش جي ضلعي مٿرا ۾ اورنگ آباد شهر آهي. بهار رياست ۾ ته اورنگ آباد ضلعي جو به نالو آهي ته شهر جو به. اهڙيءَ طرح اتر پرديش ۾ ’بلند شهر‘ ضلعي ۾ اورنگ آباد شهر آهي. مغربي بنگال جي مرشدآباد ضلعي ۾ ته اورنگ آباد شهر آهي، پر مشرقي بنگال (يعني هاڻ بنگلاديش) ۾ به سونام گنج ضلعي ۾ اورنگ آباد شهر آهي، پر پاڻ هتي مهاراشٽرا جي اورنگ آباد جي ڳالهه ڪنداسين، جيڪو ٺٽي، سانگهڙ ۽ سنڌ جي ٻين ضلعن وانگر ضلعي جو به نالو آهي ته شهر جو به. هتان گوداوري ۽ تاپي نديون وهن ٿيون. پوني ضلعي جي اتر اوڀر ۾ احمد نگر ضلعو آهي ۽ وڌيڪ اتر ۽ اورنگ آباد ضلعو آهي. اورنگ آباد ممبئي يا پوني کان گهڻو پري ناهي، پر جي پري هجي ها ته به ٽوئرسٽن جي ساڳي رش رهي ها، خاص ڪري مغربي ٽوئرسٽن ۽ تاريخ جي شاگردن جي... جو دنيا جون مشهور ۽ آڳاٽيون غارون اجنتا ۽ الورا اورنگ آباد ۾ ئي آهن.
اجنتا غارون ٻي صدي قبل مسيح جي زماني جون آهن يعني 2200 کن سال پراڻيون آهن، جن تي چترڪاري ۽ ٽُڪ جو ڪم ٿيل آهي. هي شيون ٻڌ ڌرم جي آرٽ جو شاهڪار آهن. هي غارون اجنتا نالي شهر ۾ آهن، جيڪو اورنگ آباد شهر کان 106 ڪلوميٽر پري آهي. جلگائون شهر کان ته فقط 60 ڪلوميٽر پري آهي. هنن غارن جو جملي تعداد 29 آهي ۽ اِهي 35 کان 110 فٽن جي بلنديءَ تي آهن. چون ٿا ته سن 480ع ۾ هنن غارن ڏي اچ وڃ بند ٿي وئي هئي ۽ پوءِ جا 1300 سال هنن جي چوڌاري ايڏو ته گاهه ۽ جهنگ ٿي ويو، جو انهن غارن جو ڪنهن کي به اتو پتو نه پيو، پوءِ 1819ع ۾ مدراس آرمي جي هڪ انگريز آفيسر جو ٽائيگر جي شڪار پويان هتي اچي نڪرڻ ٿيو ۽ هن پهرين غار جي صفائي ڪرائي. هن غار جي منهن وٽ اڄ به ان انگريز آفيسر ڪئپٽن سمٿ جو پينسل يا ڪوئلي سان لکيل نالو ۽ سال اپريل 1819ع نظر اچي ٿو.
اهڙيءَ طرح الورا غارون آهن، جيڪي اورنگ آباد کان فقط 30 ڪلوميٽر (19 ميل) پري آهي. الورا ۾ 34 غارون آهن، جن تي مختلف دورن ۾ (5 کان 10 صديءَ تائين) ٽُڪ (Rock-Cut Architecture) جو ڪم ٿيل آهي. هي غارون چارا نندري پهاڙين جو حصو آهن. انهن غارن جو ڪم ٻُڌ ڌرم، هندو ڌرم ۽ جين ڌرم جي نمائندگي ڪري ٿو. سڀ کان آڳاٽيون ٻُڌ ڌرم واريون غارون آهن. سڀ کان مشهور غار ’غار نمبر 10‘ آهي جيڪا وشواڪرما غار سڏجي ٿي. ڪي ان کي ’واڍي جي غار‘ Carpenter Cave به سڏين ٿا، جنهن جون ڀتيون ۽ ڇت ڪٽ ورڪ سان ڀريل آهن ۽ منجهس مندر ۽ گوتم ٻُڌ جي 15 فٽ اُتاهين مُورتي پڻ رکيل آهي. موهن ڪلپنا جو هڪ نظم ٿو يا اچي:
پهاڙن ۾ غفائون هي اجنتا جون
ورق اتهاس جا آهن،
ڪلا جي روپ ريکا ۾
ڊٺل ۽ ڪجهه سلامت ڪي
زماني جون ڪلاميه سوکڙيون آهن.
ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هي مورتيون، چتر، ڪَٽ ورڪ بيحد خوبصورت ۽ اعليٰ درجي جا آهن. جن جا فقط فوٽوگراف ڏسي حيرت ٿي ٿئي ته انهن جي چترڪارن ۽ آرٽسٽن، اهي ٺاهڻ تي ڪيڏي محنت ڪئي هوندي. نصرت فتح علي کان ڪنهن جو لکيل راڳ ٻڌو هئم جنهن جون ڪجهه سٽون آهن ته:
ایسا دیکہا نہین خوبصورت کوئی
جسم، جیسے اجنتا کی مورت کوئی
جیسے نگاہوں پہ جادو کوئی۔۔۔
اڄ جو هي اورنگ آباد شهر، جنهن جي ڀرسان اجنتا ۽ الورا جهڙيون غارون آهن، اصل ۾ ڪرڪي (Kirki) نالي ڳوٺ هو، جيڪو 1610ع ۾ ان وقت جي وزيراعظم ’ملڪ امبر‘ ٻڌرايو. ملڪ امبر ان وقت جي حاڪم مرتضيٰ نظام شاهه دوم جيڪو پوني ۽ هن شهر اورنگ آباد (ڪرڪي) جي وچ واري شهر احمد نگر ۾ رهيو ٿي، جو ملازم هو. ملڪ امبر (1626ع-1549ع) هڪ حبش (Ethopia) جو شيدي غلام هو. هُو اڃان ننڍو ئي هو ته هن جي والدين هن کي هڪ يمنيءَ کي وڪڻي ڏنو ۽ يمن ۾ هن جو وري وڪرو ٿيو، جتان بغداد پهتو. بهرحال ’فتوحاتِ عادل شاهي‘ تاريخي ڪتاب موجب بغداد ۾ پڻ هو ٻن ٽن ڌرين وٽ وڪرو ٿيندو، مير قاسم البغداديءَ وٽ پهتو، جيڪو هن کي سينٽرل انڊيا وٺي آيو، جتي هُو پنهنجي قابليت، بهادري، وفاداري، عقل ۽ ٻين پازيٽو ڳالهين جي ڪري وڌي وڃي ان رئنڪ تي پهتو ۽ 1607ع کان مرڻ تائين (1626ع تائين) نظام شاهي گهراڻي جو حاڪم ٿي رهيو. ان دوران هن وڏي فوج تيار ڪري ورتي ۽ اتر کان ٿيندڙ مغل بادشاهن جي حملن کي پسپا ڪندو رهيو. ان ڪري مغلن کي ملڪ امبر تي وڏيون باهيون هيون. اورنگزيب (1707ع-1618ع) جي ڏاڏي جهانگير (1627ع-1569ع) جيڪو ملڪ امبر کان 20 سال ننڍو هو (پر وفات هڪ سال جي فرق تي ٿين) پنهنجين يادگيرين ۾ ملڪ امبر تي چڱا ڇوهه ڇنڊيا آهن. هن ڪٿي به هن جو نالو نه لکيو آهي. ان بدران هن گهٽ وڌ لفظ لکيا آهن، جيئن ته اهو ڪارو امبر، نڀاڳو، بدبخت، حبشي، لعنت وسيس، امبر بدختور وغيره.
بهرحال هتي پاڻ مهاراشٽرا جي هڪ اهم شهر اورنگ آباد جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون جيڪو پهرين ڪرڪي نالي هڪ ڳوٺ هو جيڪو اٿوپيا جي حبشي غلام ملڪ امبر نظام ۾ شاهي حڪومت ۾ وزيراعظم جي پوسٽ تي پهچي 1610ع ۾ اڏرايو. 80 ورهين جي ڄمار ۾ ملڪ امبر 1626ع ۾ وفات ڪئي ۽ سندس جاءِ تي سندس پٽ فتح خان حاڪم (Regent) مقرر ٿيو ۽ ڪرڪي جو نالو بدلائي فتح پور رکيو. پوءِ اڳتي هلي مغل شهنشاهه اورنگزيب دکن (Deccan) جو علائقو 1653ع ۾ فتح ڪيو ته هن فتح پور (ڪرڪي) کي پنهنجي گاديءَ جو شهر بڻايو ۽ فتح پور نالو بدلائي اورنگ آباد رکيو، جيڪو اڄ ڏينهن تائين هلندو اچي. اورنگزيب جي وفات به هتي ٿي ۽ سندس مقبرو اورنگ آباد شهر جي ڀرسان خلت آباد ۾ آهي. اورنگ آباد الورا ۽ اجنتا غارن کان علاوه گرشنيشور جي جيوتي لنگا ۽ سنت ڌنيشور کان به مشهور آهي.
پوني، ڪولهاپور يا هي شهر اورنگ آباد جيتوڻيڪ خطِ استوا جي ويجهو آهن، جنهن ڪري هتي اسان جي شڪارپور، روهڙي يا عمرڪوٽ جهڙن شهرن کان گهڻي گرمي ٿيڻ کپي، پر هڪ ته اونهاري ۾ پنج مهينا کن مينهوڳيءَ ڪري ۽ ٻيو ته هي شهر پهاڙي علائقن ۾ بلنديءَ تي هجڻ ڪري خوشگوار موسم ماڻين ٿا.
اورنگ آباد، سلڪ ۽ ڪاٽن جي ڪارخانن کان مشهور آهي. دنيا جو مشهور پائٿاني ساڙهيون پڻ هتي ٺهن ٿيون. ساڙهين جو اهو نالو، هتي جي هڪ شهر پائٿان تان پيو. ان کان علاوه هتي مختلف قسم جا مشروب ۽ بيئر ٺهن ٿا. ڪيترائي وڏن نالن وارا ڪارخانا هتي آهن، جهڙوڪ: بجاج آٽوز، اسڪوڊا آٽوز، گڊييئر ٽائرز، ڪولگيٽ ۽ پامولو، جانسن ائنڊ جانسن، پيپسي ڪولا وغيره. هوٽل ونڊسر، هوٽل تاج ريزيڊنسي، هوٽل راما، هوٽل اجنتا، هوٽل پريزيڊنٽ پارڪ جهڙيون فائيو اسٽار هوٽلون ۽ سؤ ٻه سؤ رپين وارين ’هنڌ کوٽلن‘ واريون هوٽلون جام آهي ۽ هر قسم جو ٽوئرسٽ پنهنجي کيسي جي طاقت موجب سٺو وقت گذاري سگهي ٿو.
جيئن اسان وٽ ڪراچيءَ ۾ ڪياماڙي، کارادر، بولٽن مارڪيٽ، لسٻيلو، تين هٽي، ناظم آباد علائقا آهن، تيئن اورنگ آباد شهر جي ڪجهه علائقن جا نالا هن ريت آهن: جوبلي پارڪ، گل منڊي، ڪنچن وادي، شاهه نور ميان درگاهه، شيواجي نگر، سمرٿ نگر، عثمان پورا، حمايت باغ، جهونا بازار، روشن گيٽ، راجا بازار، شاهه بازار وغيره.
هاڻ ته سونا ڳهه سعودي عرب، دبئي ۽ ڪراچي، حيدرآباد مان به مليو ٿا وڃن، نه ته اميرن جون زالون پنهنجي ٻارن جي شادين لاءِ ڳهه ڳٺا وٺڻ لاءِ مهاراشٽرا جي شهر جلگائون ۾ اينديون هيون. جلگائون شهر به آهي ته ضلعي جو نالو پڻ. جلگائون اورنگ آباد جي بلڪل اتر ۾ آهي. انڊيا جي سابق صدر شريمتي پراتيڀا پٽيل جو ڳوٺ پڻ جلگائون آهي. اجنتا ۽ الورا غارون جيتوڻيڪ اورنگ آباد ضلعي ۾ آهن، پر هن شهر جلگائون کي ويجهيون آهن جيئن ڪوٽڙي جيتوڻيڪ دادو ضلعي ۾ هو، پر اهو دادوءَ کان وڌيڪ حيدرآباد کي آهي. اهڙيءَ طرح هي غارون گهمڻ وارا اورنگ آباد وڃڻ بدران جلگائون جي هوٽل ۾ اچي رهن ٿا ۽ جلگائون مان شاپنگ ڪن ٿا. جلگائون، انڊيا جي مختلف شهرن سان ريل توڙي روڊ ذريعي ڳنڍيل آهي. هي شهر ڪارخانن، تعليمي ادارن ۽ شاپنگ سينٽرن کان مشهور آهي. ريل رستي جلگائون پهچڻ تي جيئن ئي توهان ريلوي اسٽيشن کان ٻاهر نڪرندئو، ته توهان کي سترنهن ماڙ جلگائون ميونسپل ڪارپوريشن جي عمارت نظر ايندي. ان سان ئي گڏوگڏ گولاني ڪامپليڪس آهي، جنهن ۾ 500 کان مٿي دڪان ۽ فلئٽ آهن. مهاتما گانڌي روڊ ٽپي ٽاور ڏي ويندي، توهان کي ڦولي مارڪيٽ نظر ايندي، جيڪا ڪپڙن ۽ هار سينگار جي شين ۽ ٿانوَن ٿپن کان مشهور آهي. ٿورو اڳيان هن شهر جي اهم مارڪيٽ ’دانا بازار‘ آهي، جنهن ۾ هر قسم جو اناج ملي ٿو. سڀاش چؤڪ ٽپڻ بعد صرافا بازار اچي ٿي. جيئن مٿي لکي آيو آهيان ته جلگائون ڳهه ڳٺن کان مشهور آهي ۽ هتي جي سونَ کي اعليٰ درجي جو سونُ مڃيو وڃي ٿو. هتي هڪ بوهري گهٽي به آهي، جتي گهڻا تڻا بوهرين جا رنگ روغن ۽ هارڊويئر جا دڪان آهن.
جلگائون ۽ اورنگ آباد جي کاٻي پاسي يعني اولهه ۾ مهاراشٽرا جو هڪ ٻيو اهم ضلعو ناشڪ (Nashik) آهي. ناشڪ ضلعي جو ناشڪ شهر ممبئيءَ کان 180 ڪلوميٽر ۽ پوني کان 220 ڪلوميٽر آهي. ڪيترا ماڻهو ممبئيءَ بعد ناشڪ اچن ٿا، جيڪو مندرن کان مشهور آهي. ناشڪ مان هتان جي مشهور ندي گوداواري وهي ٿي، جنهن جي ڪناري تي ڪيترائي مندر آهن. انڊيا جي چئن شهرن مان ناشڪ هڪ آهي، جنهن ۾ هر سال 12 سالن بعد کنڀ جو ميلو لڳي ٿو.
پوني، جلگائون يا ڪولهاپور وانگر ناشڪ به پهاڙي علائقي ۾ آهي ۽ سطح سمنڊ کان 570 ميٽر يعني 1900 فٽن جي بلندي تي آهي. ٿڌڪار ڪري هتي انگورن جو فصل سٺو ٿئي ٿو، جنهن مان شراب پڻ ٺاهيو وڃي ٿو. انگورن (Grapes) ۽ شراب (Wine) ڪري ناشڪ کي انڊيا جو ’گريپ سٽي‘ ۽ ’وائين سٽي‘ پڻ سڏيو وڃي ٿو. هتي جي هڪ مڪاني اسڪول ٽيچر ٻڌايو ته ناشڪ لفظ جي معنيٰ نڪ آهي. هن ٻڌايو ته هي نالو هندن جي ڌرمي ڪتاب رامائڻ مان ورتل آهي. رام جي ڏيهه نيڪالي (جلاوطني) دوران، شيطاني بادشاهه راوڻ جي ڀيڻ شُورپاناکا رام سان غلط تعلق رکڻ جي ڪوشش ڪئي. ڪاوڙ ۾ اچي رام، لڪشمڻ کي شُورپاناکا جو نڪ وڍڻ لاءِ حڪم ڏنو. رامائڻ موجب راوڻ، سيتا کي جنهن هنڌان ڀڄايو، اها جاءِ پنچاوتي پڻ هن شهر ناشڪ جي حدن ۾ اچي ٿي.