اچ ته ڪريون منهن ڪارو يار...
هري پنکج جو اڄڪلهه گهڻو ساٿ مدن جماڻيءَ سان رهي ٿو، جنهن جي ڊرامن لاءِ هُو ڪهاڻيون لکي ٿو. مدن جماڻيءَ سان هتي پوني ۾ ملڻ کان اڳ مون سمجهيو ته ’جماڻي‘ فقط سنڌي مسلمانن جي ذات آهي، پر پوءِ خبر پيئي ته شهاڻي، ملڪاڻي ۽ ٻين ڪيترين ذاتين وانگر جماڻي پڻ ٻنهي پاسي عام آهي.
مدن جماڻيءَ کي هرڪو عزت جي نگاهه سان ڏسي رهيو هو، جو بقول ڊاڪٽر جڳديش لڇاڻيءَ جي مدن سنڌي ڊرامن ۽ فلمن ۾ وڏو نالو پيدا ڪيو آهي. سندس ڊرامي ’ڪاڪو ڪلومل‘ ته کيس شهرت جي چوٽيءَ تي پهچايو آهي. مدن جماڻي پاڻ ليکڪ به آهي ته ڊائريڪٽر، ائڪٽر ۽ پروڊيوسر به. مدن جا ڪجهه ڪتاب به لکيل آهن، پر جيئن ته آءٌ اهي حاصل ڪري نه سگهيو آهيان، ان ڪري انهن بابت ڪجهه لکي نٿو سگهان. پاڻ ’اکل ڀارتيه سنڌي ٻولي ۽ ساهتيه سڀا‘ جو اهم رُڪن آهي. مدن هڪ سنڌي فلم ’جيئي جهولي لال‘ پڻ ٺاهي آهي.
مدن جي مٿين فلم کان علاوه ڪجهه ٻين سنڌي فلمن جي به ڳالهه هلي رهي هئي جيئن:
• کٽمٺڙو (مزاحيه)
• اباڻا (ڊراما)
• ڪير ڪنهنجو (هڪ سنڌي ڪٽنب جو ڏک ڀريل داستان)
• هل ته ڀڄي هلون
هيءَ فلم سترام روهيڙا ۽ مدن جماڻيءَ گڏجي ٺاهي آهي، جنهن ۾ اداڪاري ڪئي آهي: راجن سپيءَ ۽ سونيا ميرچنداڻيءَ. اها پهريون دفعو 1984ع ۾ رليز ٿي هئي.
هتي جي هڪ فلمون ٺاهيندڙ ’شري گروپ‘ فلم ٺاهي آهي ’جايا جادي.‘ هن ۾ سنڌين سان واسطو رکندڙ چرچا آهن. هن جو اهم ائڪٽر ۽ ڊائريڪٽر آهي پرمانند پياسي.
دبئيءَ جي ايشور آڏواڻي ۽ سندس سنگيت گروپ جي ٺهيل فلم ’چيٽي چنڊ جي رات‘ جي پڻ هتي پوني ۾ واکاڻ هلي رهي هئي. هيءَ ميوزيڪل قسم جي فلم آهي، جنهن ۾ ڪيترائي مزاحيه گانا، لاڏا ۽ ڀڄنَ آهن.
چرچائي گانن تان ناري لڇواڻيءَ جو مزاحيه انداز ۾ هوليءَ جو گيت ياد ٿو اچي، جيڪو هتي پوني جي گيسٽ هائوس ۾ هڪ همراهه ٻڌايو:
مس مليو آ وارو يار
اچ ته ڪريون منهن ڪارو يار
ڪاري منهن کي نظر نه لڳندي
ڪير وڃي پيو خبر نه پوندي
غفلت ۾ جڳ سارو يار،
اچ ته ڪريون منهن ڪارو يار.
ماڻهن ليکي رنگ هڻن پيا،
مون کي تنهنجا انگ وڻن پيا،
اک جو سمجهه اشارو يار،
اچ ته ڪريون منهن ڪارو يار.
سال سڄي جي گرمي لاهيون،
پريت نڀايون، پيچ به پايون،
هيٺ لهي ڪجهه پارو يار.
اچ ته ڪريون منهن ڪارو يار.
ڳڻتين ۾ هيئن ڳرڻ ڇڏي ڏي،
جيئري هوندي مرڻ ڇڏي ڏي،
ناهي ٻيو ڪو چارو يار،
اچ ته ڪريون منهن ڪارو يار.
انڊيا ۾ رهندڙ هندو سنڌي ڪميونٽي توڙي ملائيشيا، سنگاپور، انڊونيشيا، سريلنڪا، اسپين، ڪينيا يا ٻين ملڪن ۾ رهندڙ سنڌ جا هندو ماڻهو، بزنيس سان واسطو رکن ٿا. هُو جتي رهن ٿا اتي ڪامياب واپاري ثابت ٿين ٿا، توڙي هنن جي مقابلي ۾ مقامي چيني واپاري هجن يا يهودي. ساڳئي وقت مون هنن ۾ اها به ڳالهه نوٽ ڪئي آهي، ته هُو خير خيرات به ڪن ٿا ته منجهن حسِ لطافت (Sense of humor) به آهي. منهنجي ڏور اوڀر جي ملڪن ۾ سنڌي هندو واپارين، بزنيس مئن، سيٺين، دڪاندارن سان گهڻي ويجهڙائي رهي آهي ۽ واپار ۾ لاها چاڙها ايندا رهن ٿا. ڪيترا وڏا سيٺ ترپٽ ۽ ڏيوالي ۾ به هليا ويا، پر هنن جي چرچي ڀوڳ جي عادت قائم رهي. اهڙن مان هڪ موهن جو مثال سنگاپور واري سفرنامي ۾ ڏئي چڪو آهيان، ته هن جو بندرگاهه وارو دڪان ٽاپ جو دڪان هو. هُو وڏو سيٺ هو ۽ پوءِ قسمت جو اهڙو چڪر ٿيو جو موهن کي اسان سنگاپور جي هاءِ اسٽريٽ ۾ هڪ مارواڙيءَ جي دڪان تي ڪيترائي سال نوڪر ٿي ڪم ڪندو ڏٺوسين، پر هن هر هنڌ محنت ڪئي، هر هنڌ کِل مُک ٿي رهيو ۽ اڄ هُو وري ساڳيو سيٺ آهي، پر پهرين کان به وڌيڪ! ان معاملي ۾ سنڌي هندو وڏي دل وارا چئبا، جو ڪيترا چرچا هُو پاڻ پنهنجو پاڻ تي ٺاهين ٿا. ڪيترا چرچا آهن جيڪي چيني، گجراتي، سک ۽ ٻيا جن جو واپار ۾ سنڌين سان مقابلو رهي ٿو، جا ٺهيل آهن. ظاهر آهي هُو واپار ۾ ته سنڌين جو مقابلو نٿا ڪري سگهن، ان ڪري هُو مٿن چرچا ٺاهين ٿا. اهڙا ڪيترائي چرچا، جيڪي ٻين سنڌين تي ٺاهيا يا سنڌي پنهنجو پاڻ تي ٺاهيندا رهن ٿا، اڪثر اِي ميل ذريعي ملندا رهن ٿا. جيئن هي چرچو آهي:
هڪ سنڌي بزنيس مئن پنهنجي ڏاڏي جي موت جو اشتهار اخبار ۾ ڏيڻ لاءِ ويو ته هُو ڇپين، “Grandpa dead”
اخبار وارن چيس ته اشتهار لاءِ گهٽ ۾ گهٽ پنج لفظ ته هجن. ان تي هن ٽي وڌيڪ لفظ گڏي اشتهار هن طرح ڏنو:
Grandpa dead. Honda on sale.
سنڌين جي ذاتين بابت به ڪيترائي غير سنڌي (مرهٺي، تامل، گجراتي، ملباري) ويندي انگريزي ڳالهائيندڙ چرچا ٺاهيندا رهن ٿا. هڪ اهڙو اِي ميل ملائيشيا جي هڪ سنڌي هندوءَ مون ڏي موڪليو آهي:
- هڪ سنڌي وڪيل جي ذات؟
ڪيسواڻي (Case-Wani)
- هڪ سنڌي وڪيل ڪيس بعد؟
پرسواڻي (Purse-Wani)
- هڪ ڪميونسٽ سنڌي ڇا سڏجي؟
لالواڻي.
- اهو سنڌي جيڪو پهرين ماڙ تان هيٺ ڪِري؟
ٿڌاڻي.
- اهو سنڌي جيڪو سترهين ماڙ تان ڪِري؟
ڪرپلاڻي (يعني اهو Cripple ٿيو وڃي.)
- اهو سنڌي جيڪو ٽيهين ماڙ تان ڪِري؟
مرجاڻي.
- اهو سنڌي جنهن کي خدا جو خوف هجي؟
ڀڳوانداس گاڊواڻي.
- هڪ سنڌي پينٽر؟
سدارنگاڻي.
- هڪ سنڌي بورچي (شيف)؟
پاپڙمل ڪُڪُريجا.
- هڪ سنڌي اليڪٽريشن؟
وولٽرام بِجلاڻي.
- هڪ سنڌي کير وارو؟
گوپال ڌوڌيجا.
- هڪ سنڌي سپاهي هيرو؟
هيرو سپاهيملاڻي.
- هڪ سنڌي Pest ڪنٽرولر؟
کٽمل مرواڻي.
- هڪ سنڌي ڪاسانووا (عاشق مزاج)؟
پريم ڪشنچنداڻي.
- هڪ سنڌي پوسٽ مئن؟
ميلواڻي.
- هڪ سنڌي ڀُلڪر (forgetful)؟
بُولو ڀولچنداڻي.
- هڪ ٿلهو سنڌي؟
هاٿيراماڻي.
- هڪ رشوتخور سنڌي؟
چائيپاڻي.
هونئن ڪو زمانو هو جو سنڌي فلم ته ڇا پر سنڌي ڊرامن لاءِ به پيو سڪبو هو، پر هاڻ سنڌ ۾ ڪيترائي چئنل ٿي پيا آهن جن تان 24 ئي ڪلاڪ سنڌي پروگرام ايندو رهي ٿو، جهڙوڪ KTN جا ٻه چئنل، سنڌ ٽي وي جا ٻه چئنل، ڪشش، مهراڻ، ڌرتي، آواز وغيره، جيڪي چئنل نه فقط سنڌ جا رهاڪو سنڌي پر انڊيا جا سنڌي به وڏي شوق سان ڏسن ٿا. انهن چئنلن تان سنڌي گانا، ڊراما، لانگ پليز ۽ ٽي وي فلمون هلنديون رهن ٿيون. اهڙي طرح انڊيا جي به هڪ ٻن چئنلن تان هر روز ڪجهه ڪلاڪن لاءِ سنڌي پروگرام هلي ٿو. انهن سنڌي چئنلن لاءِ انهن جي انتظاميا ۽ ٻيون پرائيويٽ ڪمپنيون سنڌي ڊراما ۽ ٽيلي فلمون ٺاهيندا رهن ٿا. جيئن ڪراچيءَ ۾ اسان جي پاڙي ۾ رهندڙ ٽي. ويءَ. جي مشهور فنڪارن قيصر نظاماڻي ۽ سندس زال فضيله قاضيءَ ٻڌايو ته، هُو مختلف چئنلن لاءِ ڊراما ۽ اشتهار ٺاهين ٿا. اهڙيءَ طرح دبئي ۾ رهندڙ سندري اُتم چنداڻيءَ جي ڌيءَ آشا چاند ۽ سندس مڙس پڻ ساڳي ڳالهه ڪئي ۽ هن مون کي سندس ڊرامن جا ڪجهه DVD ڏنا. هيڏانهن انڊيا ۾، خاص ڪري ممبئي، پوني ۽ الهاس نگر وغيره ۾ به ان قسم جون ڪيتريون ئي ٽيلي فلمون، اسٽيج ڊراما ۽ فيچر فلمون ٺهنديون رهن ٿيون، جن ۾ گهڻي ڀاڱي مزاحيا آهن يا ميوزيڪل آهن. سندن ٽائيٽل به مزيدار ۽ چرچائي آهن. اها ٻي ڳالهه آهي ته سنڌ ۾ ٺهندڙ ڊراما ۽ فلمون، بقول انڊيا جي سنڌي اديبن جي ’مار ڌاڙ، بندوق ۽ لٺبازي، خون ۽ قتل، ڪارو ڪاري ۽ زالون ڀڄائڻ تي آهن، جن انڊيا ۾ رهندڙ سنڌين جو به اميج خراب ڪيو آهي...‘ هتي پڙهندڙن جي معلومات لاءِ انڊيا جي ڪجهه سنڌي فلمن ۽ ڊرامن جا دلچسپ عنوان لکان ٿو:
- بيوقوف بازار ۾ (سنڌي فلم)
- گنگو هليو ڀاؤنگر (سنڌي فلم)
- کٽمٺڙو (سنڌي فلم)
- منهنجا من ڪبوتر (سنڌي فلم)
- هل ته ڀڄي هلون (سنڌي فلم)
- دل ڏجي دل وارن کي (سنڌي فلم)
- ولائتي گهوٽ جي ڳولا (ٽيلي فلم)
- ڏس رنگيءَ جا رنگ (اسٽيج ڊرامو)
- پُٽن جا سُور (سنڌي فلم)
- کل سهڻا کل (ٽيلي فلم)
- جوءِ ته پنهنجي (سنڌي ناٽڪ)
- مورک اڪبر ۽ اشتهاري شادي (سنڌي ناٽڪ)
- ماڻهو ڇا چوندا (سنڌي ناٽڪ)
- موبائيل شمشان (سنڌي ناٽڪ)
پوني جي ڪيترن ئي دڪانن تي سنڌي چرچن (Jokes) ۽ راڳن جا وڊيو ڪئسٽ ۽ سي ڊيون به مليون ٿي، جن جا ڪجهه نالا جيڪي هن وقت ياد آهن، هن ريت آهن:
- جَيا جا ڀوڙينڊا (کل مسخري)
- گهر واري پڙدي واري (کل مسخري)
- کلي خون وڌايو (کل مسخري)
- منهنجي شادي (کل مسخري)
- سنڌي گيتن جي ڌوم (سنڌي گيت)
- مان نچندس (سنڌي گيت)
- امر آواز مٺو آواز (ڀڳت ڪنوررام جا
اوريجنل 20 ڪلام)
- سنڌي گانا (محمد رفيع)
- منهنجي شهزادي (سنڌي ري مڪس)
- سنڌي گيت (ڪاجل چندريماڻيءَ جا ڳايل)
-
- ۽ پوءِ – گهنشام واسواڻيءَ جا غزل وغيره وغيره.