هر سهڻي ائڪٽريس هن تي اَڪن ڇَڪن
فرگوسن ڪاليج جنهن تان هن روڊ تي اهو نالو پيو آهي. پوني جو 125 سال پراڻو ڪاليج آهي، جيڪو بمبئيءَ جي گورنر سر جيمس فرگوسن جي نالي آهي. جيمس فرگوسن 1880ع کان 1885ع تائين بمبئيءَ جو گورنر ٿي رهيو. ان کان اڳ هي صاحب نيوزيلينڊ ۽ آسٽريليا جو به گورنر رهي چڪو هو. فرگوسن جو پٽ چارلس ۽ پوتو بانرڊ ٻئي ڄڻا اڳتي هلي نيوزيلينڊ جا گورنر جنرل ٿيا. فرگوسن پاڻ 74 ورهين جي ڄمار ۾، سن 1907ع ۾ جئميڪا (ويسٽ انڊيز) ۾ موڪلون گذاري رهيو هو ته زلزلي ۾ دٻجي مري ويو. سر جيمس فرگوسن نالي پوني جي هن شهر کان علاوه ڏکڻ آسٽريليا ۾ ’جيمس ٽائون‘ نالي شهر پڻ آهي.
پوني جو هي فرگوسن ڪاليج ان ڪري به مشهور ۽ تاريخي آهي جو هن مان ڪيترائي اهم سياسي ماڻهو جن جو انڊين نئشنلسٽ ڪانگريس، انڊين نئشنلسٽ موومينٽ ۽ سوشلسٽ موومينٽ سان رهيو، تن هن ڪاليج مان تعليم حاصل ڪئي. فلمن جي شوقينن لاءِ اهو به لکندو هلان ته روهيني ڀاٽي (ڪٿڪ ڊانسر) منجيري فدنيس (جاني تو يا جاني نا واري ائڪٽريس)، پوجا باترا (مس انڊيا 1993ع ۽ فلمي ائڪٽريس)، سميٽا پاٽل (فلمي ائڪٽريس)، شريرام لاگو (فلم ائڪٽر) پڻ هن ڪاليج جا گريجوئيٽ آهن. انڊيا جا وزيرِاعظم نراشيمهارائو ۽ وشواناٿ پرتاب سنگهه، هندو مهاسڀا جو صدر ونياڪ دمودار ساوارڪر ۽ سنڌي ڪانگريس ليڊر جيوترام ڀڳوانداس ڪرپلاڻي پڻ هن ڪاليج مان پڙهيا آهن.
پاڪستان جي پڙهندڙن لاءِ اهو به لکندو هلان، ته هن ڪاليج ۾ لئبارٽريز، ليڪچر هال ۽ ڪانفرنس رومن کان علاوه ٻائي جرٻائي واديا نالي هڪ تمام وڏي لئبرري به آهي، جنهن جي گرائونڊ فلور تي ٽن لکن کان مٿي ڪتاب آهن ۽ فرسٽ فلور تي شاگرد ۽ ٻين ملڪن کان آيل اسڪالر ويهي پڙهن ٿا ۽ هڪ ئي وقت 400 ماڻهن جي ويهڻ جي گنجائش آهي. انڊيا جي واديا فئملي اها مشهور فئملي آهي، جنهن جي بزنيس مئن نيويلي واديا، محمدعلي جناح صاحب جي ڌيءَ دينا سان شادي ڪئي، جنهن مان کين نسلي واديا پٽ ٿيو ۽ ڪجهه عرصو اڳ ڪراچيءَ مان دينا پنهنجن پوٽن (يعني نسلي واديا جي پٽن) نيس ۽ جهانگير سان جناح جي مزار تان حاضري ڀري وئي هئي، جنهن جو احوال شروع ۾ ڪري چڪو آهيان. منهنجي پڇڻ تي لئبريريءَ جي انچارج ٻڌايو ته “جرٻائي” نيس واديا جي ماءُ ٿئي.
پوني جي هن رستي (يعني فرگوسن ڪاليج روڊ) تي برٽش قونصل لئبريري به آهي، جنهن جي سامهون ٽائيمز آف انڊيا اخبار وارن جي آفيس به آهي. هن روڊ تي سويرا، وئشالي ۽ روپالي ٽي پراڻيون ۽ مشهور ريسٽورنٽون آهن، جيئن هن روڊ جي ٻيءَ ڪنڊ تي لڪي ريسٽورنٽ هئي. هي ريسٽورنٽون ڪجهه ائين آهن، جيئن ڪنهن زماني ۾ حيدرآباد سنڌ ۾ ڪيفي جارج يا ڪراچي هوٽل جنهن ۾ شهر جا اديب، شاعر، فنڪار چانهه ۽ سموسي يا بن مکڻ تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويهي ڪچهري ڪندا هئا. پوني جي هيءَ لڪي ريسٽورنٽ ته ڪجهه سال ٿيا ته 2006ع ۾ ڊاٺي وئي، جنهن لاءِ مشهور آهي ته انڊين فلمن جو هيرو ديو آنند گذريل صديءَ جي پنجاهه واري ڏهاڪي ۾ جڏهن هُو پنهنجو ڪئريئر ٺاهڻ واري جدوجهد ۾ هن شهر ۾ رهيو ٿي، ته هن لڪي ريسٽورنٽ ۾ ئي اچي ويٺو ٿي. اهڙيءَ طرح ٻي مشهور ريسٽورنٽ گڊلڪ ڪيفي ۾ 1935ع کان چانهه ۽ مسڪا بن هلندو اچي. روپالي ۽ وئشالي ۾ ويجيٽرينين کاڌو serve ڪيو وڃي ٿو. ايف. سي. روڊ تي پاپيولر بڪ هائوس، انٽرنيشنل بڪ سروس ۽ ساگر آرڪيڊ به پراڻا ۽ مشهور دڪان آهن. هن ئي روڊ تي هانگ ڪانگ لين نالي هڪ سوڙهي گهٽي ننڍن دڪانن کان مشهور آهي ۽ هن ۾ مون کي ڪافي فارينر خريداري ڪندي نظر آيا. ڪنهن زماني ۾ ڪراچيءَ جي بوهري بازار ۽ ڪوآپريوٽو مارڪيٽن ۾ به ائين فارينر ۽ ڌارين ملڪن جا جهازي خريداري ڪندي نظر ايندا هئا. ان کان سواءِ هن روڊ تي دنيشور پادوڪا چوڪ ۽ تڪارام پادوڪا چوڪ وٽ مندر ڏسڻ لاءِ پڻ ملڪي ۽ غير ملڪي ماڻهو پوني اچن ٿا. چون ٿا ته پوني جي هن لوڪلٽي ۾ سڀ کان مهانگا گهر ۽ فلئٽ آهن.
ٻه اکر اسان جي جوانيءَ جي ڏينهن جي هيرو ديو آنند تي لکڻ چاهيان ٿو، جنهن لاءِ مٿي لکي چڪو آهيان ته هُو پنجاهه واري ڏهاڪي ۾ جڏهن پوني ۾ هو ته لڪي ريسٽورنٽ ۾ اچي ويهندو هو، جيئن سٺ واري ڏهاڪي ۾ طارق اشرف، حميد سنڌي ۽ امرجليل جهڙن ليکڪن کان وٺي مصطفيٰ قريشي ۽ محمد علي (زيبا جي مڙس) جهڙا فلمي ائڪٽر حيدرآباد جي ’ڪراچي ريسٽورنٽ‘ ۾ نظر ايندا هئا.
اڄ جو نوجوان جيڪو بالي ووڊ جي اڀي ديول، نيل نتن، مڪيش، اڌيان سمن، رنڀير ڪپور يا ڪترينا ڪيف، بپاشا ڀاسو، دپيڪا پرڊيڪون ۽ آشا تاڪيا جهڙن ائڪٽرن ۽ ائڪٽريسين کان واقف آهن، انهن کي شايد ئي اها ڄاڻ هجي ته اڄ کان اڌ صدي اڳ راجڪپور ۽ دليپ ڪمار بعد ديو آنند ئي ننڍي کنڊ جي فلمي شوقينن جي دلين تي راڄ ڪيو ٿيو. 1960ع ۾ جڏهن آءٌ مئٽرڪ ۾ هئس ته ان وقت جي فلمي رسالي فلم فيئر ۾ ديو آنند جا فوٽا ۽ خبرون پڙهبيون هيون. تن ڏينهن ۾ پاڪستاني سئنيما گهرن ۾ انڊين فلمون هلنديون هيون ۽ پيٽارو کان هلي حيدرآباد جي راحت، نيو مئجسٽڪ ۽ شهاب سئنيمائن ۾ ديو آنند جون فلمون ڏسندا هئاسين ۽ ديو آنند وانگر قميص جو مٿيون بٽڻ به بند ڪري هلندا هئاسين.
ديو آنند (سڄو نالو ڌرم ديو پشوريمل آنند پر هن فلمي دنيا ۾ فقط ديو آنند سڏرايو) 1923ع ۾ ڄائو ۽ هن وقت 87 ورهين جو ٿيندو. فلم ڊائريڪٽر چيتن آنند هن جو وڏو ڀاءُ ۽ وجي آنند ننڍو ڀاءُ آهي. هندي ۽ انگريزي فلمن جو مشهور ڊائريڪٽر شيکر ڪپور، ديو آنند جي ڀيڻ شيل ڪنتا جو پٽ آهي.
ديو آنند گورنمينٽ ڪاليج لاهور مان انگريزيءَ ۾ گريجوئيشن ڪئي، ان بعد هن کي فلمن جو شوق بمبئيءَ وٺي آيو. هن جي پهرين فلم 1946ع واري ’ہم ایک ہیں‘ جنهن جي شوٽنگ هن شهر پوني ۾ ٿي هئي، جتي هن جي دوستي پنهنجي ساٿي ائڪٽر گرودت سان ٿي. ان بعد ان دور جو مشهور فلم ائڪٽر اشوڪ ڪمار بمبئي وٺي آيو ۽ بمبئي ٽاڪيز پروڊڪشن جي فلمن جو هيرو بنايائينس. منهنجا همعمر، اشوڪ ڪمار کان چڱيءَ طرح واقف هوندا. مون به هن جي پهرين فلم 1954ع ۾ هالن جي سئنيما ۾ ’بھائی بھائی‘ ڏٺي هئي. بمبئي ۾ ديو آنند جي پهرين فلم 1948ع ۾ ضديءَ نالي ٺهي، جنهن ۾ ساڻس گڏ ڪامني ڪوشل ڪم ڪيو آهي. هن فلم وڏي ڪاميابي ماڻي ۽ ديو آنند جي وڏي ڌاڪ ويهي وئي. ان بعد 1951ع جي ’بازي‘ فلم به هِٽ ٿي، جنهن ۾ ساحر لڌيانويءَ جو لکيل گانو ’تدبیر سے بگڑی ہوئی تقدیر بنا دے‘ تمام پسند ڪيو ويو. ان بعد جال، راهي، آنڌيان فلمون ميدان تي آيون ۽ فلم ’ٽئڪسي ڊرائيور‘ ته تمام گهڻي مشهور ٿي. ديو آنند سان گڏ هيروئن گهڻو ڪري ڪلپنا ڪارتڪ رهي ٿي. اڳتي هلي هنن پاڻ ۾ شادي ڪئي ۽ 1956ع ۾ کين پهريون ٻار سنيل ڄائو. ان بعد به ديو آنند فلمن ۾ ڪم ڪندو رهيو ۽ منيم جي، C.I.D، پيئنگ گيسٽ فلمن ديو آنند کي تمام گهڻو مٿيرو ڪيو.
انهيءَ دور ۾ انڊين فلمون دنيا جي ٻين ملڪن ۾ به مشهور ٿيڻ لڳيون خاص ڪري انهن ملڪن ۾ جتي جتي انڊينز جي گهڻائي هئي. ديو آنند جي فلم ’ڪالا پاني‘ ۽ ’گائيڊ‘ (جنهن ۾ هن وحيده رحمان سان گڏ ڪم ڪيو آهي) اسان ممباسا، بيروت ۽ سنگاپور جهڙن بندرگاهن ۾ ڏٺيون، جتي هنن فلمن جو عربي يا ملئي زبان ۾ ترجمو به لکجندو رهيو ٿي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ديو آنند فلمن ۾ وڏو عرصو ڪم ڪيو. ائين ته اڄڪلهه اها ڳالهه اميتاڀ بچن لاءِ به چئي سگهون ٿا، پر هو عمر مطابق ڪن فلمن ۾ پيءُ جو ته ڪن ۾ ڏاڏي جو به پارٽ ادا ڪري ٿو، پر ديو آنند کي هميشه هيرو جو پارٽ ادا ڪرڻ جو شوق آهي. وار کڻي ڪارا ڪرائي ٿو پر ڳچيءَ جو ماس ته پيو لڙڪيس، ڳالهائڻ ۾ به پيو سهڪي، پر هر فلم ۾ ڪا نت نئين ڇوڪري پڪڙي پنهنجي فلم ۾ آڻي ٿو، جيڪا هن تي فدا ٿيڻ جا محبت جا ڊائلاگ هڻي ٿي. هي اسان جو ديو آنند صاحب ٽوپلي کي ٽنڊ تي رکي ان اظهار جي عڪاسي ڪري ٿو، ته هُو ڇا ڪري ڇوڪريون هن تي ڇتيون ٿي پيون آهن. هن جي بيزاريءَ جي باوجود هن تي مرن ٿيون ۽ هن سان پيار ڪرڻ لاءِ آتيون آهن. ’جويل ٿيف‘ فلم ۾ ته حسينائن جي ڊگهي قطار وٺي آيو هو، جنهن ۾ هيروئن وجينتي مالا کان علاوه تنوجا (ڪاجل جي ماءُ)، انجو مهيندرا، فريال، هيلن وغيره سڀ هن تي مرن ٿيون. اهي فلمي ائڪٽريسون جيڪي هاڻ اسان وانگر ڏاڏيون نانيون ٿي ويون آهن، بهرحال انهن ڏينهن ۾ ته فلمي رسالن جي ٽائيٽل ڪورن جون شهزاديون هيون. سندس 1970ع واري فلم ’جاني ميرا نام‘ هٽ وڃڻ بعد ديو آنند پنجاهه رويهن جي ڄمار ۾ هري راما هري ڪرشن فلم ٺاهي، جنهن ۾ زينت امان کي نه صرف فلم ۾ هيروئن کنيائين پر هن کان مِني اسڪرٽ ۾ اداڪاري ڪرايائين. بس هن آخر تائين رومانٽڪ هيرو جو رول ٻئي کي ڏيڻ بدران پاڻ وٽ ئي رکيو. هڪ ٻي فلم ’تيري ميري سپني‘ ۾ ديو صاحب ممتاز کي هيروئن طور وٺي آيو. اها فلم اسان هانگ ڪانگ ۾ ڏٺي. فلم ته پسند آئي، پر اسان جي هڪ جهازران دوست ڪئپٽن مظهر زيديءَ کي ممتاز سان ڏاڍي همدردي ٿي. جهاز تي موٽڻ لاءِ اسٽار فيريءَ جو انتظار ڪندي هُن چيو هو: ’ڇوريءَ کي فلم ۾ يڪدم هيروئن ٿيڻ تي خوشي ته ٿي هوندي پر هن کي پڪ اها خبر نه هوندي ته هن کي ماس لڙڪيل پوڙهي ديو آنند سان ڪم ڪرڻو پوندو.” اهڙيءَ طرح 1978ع ۾ جڏهن ديو صاحب سٺ سالن جي ويجهو اچي ٿيو ته پنهنجي نئين فلم ’ديس پرديس‘ لاءِ ٽينامنيم نالي هڪ ننڍي نيٽي هيروئن وٺي آيو، پر هيرو پاڻ ئي ٿيو. فلم ته کڻي سٺي هئي، پر اسان کي هاڻ ديو آنند سندس انهن ڪمن ڪري نه وڻڻ لڳو. سوچڻ جي ڳالهه آهي، اسان هيڏا جهاز هليو اچيو مختلف بندرگاهن کان نڪرون، پر اسان سان ڪا ڇوڪري مٺا ٻول ڳالهائڻ لاءِ به تيار نه، پر دنيا جي هر سهڻي فلم ائڪٽريس اسان جي پيئرن جي هم عمر ديو آنند تي اڪن ڇَڪن! ان دوران راجيش کنا ۽ اميتاڀ بچن جهڙا هيرو به اسڪرين تي اچي ويا ۽ اسان جو ڌيان انهن ڏي وڌيڪ وڃڻ لڳو، اسان لاءِ اهي فئوريٽ هيرو ۽ رول ماڊل ٿيڻ لڳا ۽ ديو آنند اوترو ئي جلد اسان جي دلين تان ميسارجڻ لڳو ۽ اها به حيرت جي ڳالهه آهي ته ديو آنند فلمون ٺاهيندو رهيو، پر ’ديس پرديس‘ فلم جي هٽ ٿيڻ بعد سندس اَسي، نوي ۽ ٻه هزار واري ڏهاڪي واريون سموريون فلمون فيل ويون. هن جي تازي ۽ آخري فلم ’مسٽر پرائيم منسٽر‘ آهي، جيڪا ديو آنند 2005ع ۾، يعني 83 ورهين جي ڄمار ۾ ٺاهي. بهرحال ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ديو آنند جون فلمون بهترين گانن کان مشهور آهن ۽ انهن مان ڪيترائي گانا اڄ به وڏي شوق سان ٻڌا وڃن ٿا.