الطاف شيخ ڪارنر

هلي ڏسجي هندستان

هن سفرنامي ۾ الطاف شيخ هندستان وڃي ٿي اچڻ دوران مشاهدي ۾ آيل ڳالهين کي تفصيل سان لکيو آهي ۽ گڏوگڏ اُتي جي سنڌين بابت پڻ ڪافي معلومات ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هندستان تي لکيل هي تفصيلي سفرنامو پڙهڻ وٽان آهي.
  • 4.5/5.0
  • 6162
  • 1165
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book هلي ڏسجي هندستان

سنڌ منهنجي امان!

پوني ۾ هلندڙ جشن ۾ جتي صبح جو ادبي ۽ سماجي ڪانفرنسون هلنديون رهيون، اتي شام جو راڳ رنگ جون محفلون به ٿيون ٿي. جن ۾ مختلف سنڌي راڳي پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندا رهيا. هر رات راڳ جي محفل جي شروعات انڊيا جي مشهور سنڌي ڳائڻي ڪاجل چندرامانيءَ، تاجل بيوس جي هن غزل سان ڪئي ٿي:
سنڌ منهنجي امان! سونهن تنهنجيءَ مٿان،
ڇا لکي ڇا لکان؟ ڇا لکي ڇا لکان؟
۽ جڏهن ڪاجل اهو گيت شروع ڪيو ٿي ته سڀ اُٿي کڙا ٿيا ٿي. مون کي به ڏاڍو وڻيو ٿي. مواد جي لحاظ کان به ته سُر ۽ ڪمپوزنگ جي خيال کان به. مون ته اهو پوني ۾ اچي پهريون دفعو ٻڌو جيتوڻيڪ پوءِ مون کي خبر پيئي ته اهو عابده پروين، بيدل مسرور ۽ ٻين به ڳايو آهي ۽ اها به مون کي ڪراچيءَ موٽي خبر پيئي ته اهو اسان واري تاجل بيوس جو لکيل آهي. مون ڏٺو پئي ته تاجل بيوس انڊيا جي اديبن، شاعرن ۽ سنڌي ڳالهائيندڙن ۾ ڏاڍو مشهور آهي. سندس اهو گيت ۽ ٻيا اسم به، دهلي، ممبئي، الهاس نگر ۽ هتي پوني ۾ ٿيندڙ سنڌي سميلن، ميلن ۽ سيمينارن ۾ خوب ڳايا وڄايا وڃن ٿا. تاجل بيوس پاڻ به هتي ڪيترا دفعا اچي چڪو آهي ۽ ڪيترائي شاعر ۽ اديب تاجل جي خير خبر مون کان پڇندا رهيا. تاجل هتي جي ڪيترن همعصر ليکڪن تي هائيڪو ۽ ٽيڙو نما شعر به لکيا آهن، جنهن لاءِ جڳديش لڇاڻيءَ جهڙا بيحد ٿورائتا ٿي ڏٺا، ته تاجل بيوس جهڙي اعليٰ شاعر پنهنجي شاعريءَ ۾ کين ياد ڪري امر بڻائي ڇڏيو آهي. پوني ۾ آخري رات بستر تي ليٽندي ڪا دير آءٌ اهو سوچيندو رهيس ته، “گھر کی مرغی دال برابر” وارو حساب آهي. اسان آهيون جو تاجل بيوس کي وٺ ئي نٿا ڏيون. رڳو ٿا مٿس ۽ سندس شاعريءَ تي چرچا ڀوڳ ڪريون ۽ هتي جي قدردانن لاءِ تاجل بيوس ته پير مرشد بڻيو ويٺو آهي. ٻئي ڏينهن ممبئي پهچي تاج بلوچ کي فون ڪيم ته گوبند خوشحالاڻي کي سندس ڪتاب پهچائي ڇڏيم.
“انڊيا جي اديبن سان ملي، مزو آيئي؟” تاج پڇيو.
“انهن کي ڇڏ”، مون تاج کي جواب ۾ چيو، “مون کي اهو ٻڌاءِ ته تاجل بيوس جو گهر توکان ڪيترو پري آهي؟”
“ڇو ڀلا آهي ته خير؟” تاج وائڙو ٿي پڇيو.
“ڪراچي پهچڻ سان آءٌ هن وٽ ڪرٽسي ڪال لاءِ وڃڻ چاهيان ٿو. ههڙي وڏي شاعر سان قمر شهباز ۽ پاڻ چرچا ڪندا رهون ٿا.” مون يڪساهيءَ تاج کي چيو.
“ابا آهي ته خير؟ پاڻ به ته چرچا ڪندو رهي ٿو، پر تون ايڏانهن پوني ۾ ڪنهن جي پڃاري وڃي لڳئين؟” تاج کِلندي چيو.
ڪراچي پهچي آءٌ تاجل بيوس جي گهر ويس ۽ کيس ٻڌايم ته انڊيا جي سنڌي ماڻهن جي دلين ۾ تو لاءِ ڪيڏي عزت آهي.
پوني ۾ هفتو کن فنڪشن سيمينار هلندا رهيا، جنهن ۾ هندستان کان سواءِ دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن کان سنڌي اديب، شاعر، ڳائڻا ۽ آرٽسٽ اچي گڏ ٿيا هئا، جيئن مهيش چندر ۽ ديوي ناگراڻيءَ لاءِ لکي چڪو آهيان ته هُو آمريڪا جي رياست نيو جرسيءَ کان آيا هئا. سواءِ ڊاڪٽر جڳديش لڇاڻيءَ جي ڪنهن کي به شلوار قميص ۾ نه ڏٺم. جڳديش کي هڪ ڏينهن گيسٽ هائوس جي ميس ۾ چيم ته هي سنڌي جوڙو تاجل بيوس ته نه ڏنو اٿئي. وڏا ٽهڪ ڏئي هُو ڪا دير کِلندو رهيو. سندس زال ۽ اوسي پاسي ۾ ويٺل سڀ وائڙا ٿي ويا، ته مون هن کي هڪڙي جملي ۾ اهڙو ڪهڙو چرچو ٻڌايو آهي، جنهن تي هو کِلَ ۾ کَيرو لڳو پيو آهي. ياد رهي ته ڊاڪٽر جڳديش لڇاڻيءَ تي تاجل بيوس جو هڪ شعر آهي ته:
صبح سبايو،
جوڙو مون جڳديش جو،
اڳٺ ڀي آ مون اُڻايو.
اهڙائي ٽن سِٽن وارا شعر، جن کي اسان وٽ سنڌي توڙي اڙدو ادب ۾ ’جپاني هائيڪو‘ سان مشابهت ڏني وڃي ٿي، تاجل بيوس پنهنجن ڪيترن ئي اديب دوستن لاءِ اهڙا هائيڪا چيا آهن، جيئن:
هيري ٺڪر لاءِ،
هر، هر هند ۽ سنڌ ۾،
واٽون پيو واجهاءِ.
سنڌي فنڪاره اما لالا لاءِ تاجل لکي ٿو:
اُما لالا ڪاڻِ،
آندي اٿم اجمير ۾،
سنڌڙيءَ جي سرهاڻ.
۽ هڪ ٻيو:
نانڪ جي پاڻي
اما لالا هند ۽ سنڌ ۾
راڳن جي راڻي.
سريش ڪيسواڻيءَ لاءِ تاجل لکي ٿو:
ڪيسواڻي سُريش،
لکيل لوح قلم ۾،
سچ، حق جو سنديش.
رينو عيدناڻي، بقول تاج بيوس جي، “معاشي ۽ سماجي حوالن سان هڪ سگهاري، سگهڙ ۽ ڀاڳن ڀري عورت آهي. هُوءَ سنڌيت پرست به لڳي رهي هئي، جنهن تي ٽِه سٽا جوڙي، مون کيس مُرڪن سان مالامال پئي ڪيو...”
رينو عيد ناني
آڇي پئي آسيس مان
مکڻ ۽ ماني.


عيد ناڻي رينو
ڪري آئي ڪلجڳ ۾
اکيون آئينو.
۽ آخر ۾ ڪشور جهامناڻيءَ تي تاجل بيوس جو لکيل ٽِه سِٽو:
ڪشور جهامناڻي
ايندو شهر ڀنڀور ۾
اَوس آرياڻي.
بهرحال تاجل بيوس جا ٽِه سٽا ڪنهن کي پسند هجن يا نه، پر سندس گيت “سنڌ منهنجي امان! سونهن تنهنجيءَ مٿان...” نه رڳو هند سنڌ ۾ وڏي ڌوم مچائي آهي، پر آمريڪا ۾ ٿيندڙ SANA ۽ انگلينڊ ۾ سنڌ ورلڊ ڪانگريس جي ميلن سميلن ۾ پڻ اهو خوب ڳايو وڃي ٿو ۽ اڄڪلهه هي مضمون هتان دبئيءَ مان لکڻ دوران، هتي جي هڪ سنڌي فنڪشن ۾ پڻ ان کي امريتا رائچنداڻيءَ ڳائي داد وصول ڪيو. دبئيءَ ۾ رهندڙ ڊاڪٽر عبدالقادر سرڪيءَ ٻڌايو ته تاجل بيوس جي هن ڪلام جي ڌُن سنڌيءَ جي مشهور فنڪار ۽ موسيقار گهنشام واسواڻيءَ ٺاهي آهي. جنهن جون ڪيتريون ئي ڊسڪون ۽ ڪئسٽون رليز ٿيل آهن، جيئن: سچل سرمست، سڪ ساجن جي دولهه شاهه جا دولها، جهولي لال جهولي لعل وغيره. جن مان ڪجهه ته انڊيا جي مشهور رڪارڊنگ ڪمپني Tips ۽ CBS طرفان جاري ٿيل آهن. کيس ڪيترائي ايوارڊ مليل آهن. گهنشام واسواڻي 1954ع ۾ ممبئيءَ ۾ ڄائو ۽ ممبئيءَ مان ئي B.Sc ۽ وڪالت جا امتحان پاس ڪيائين. هن راڳ ۽ موسيقيءَ جي ابتدائي سِکيا پنهنجي پيءُ سنتداس واسواڻيءَ کان حاصل ڪئي، جيڪو پڻ شاستريه سنگيت جو ڄاڻو هو. گهنشام، ممبئيءَ جي علائقي باندرا (ايسٽ) ۾ ئي رهي ٿو.
تاجل بيوس جو هڪ ٻيو ڪلام “منهنجي سنڌ سدا سوڀاري آ، هيءَ ڌرتي مون نه ڌاري آ.” پڻ هند سنڌ ۾ مشهور آهي. مون اهو به انڊيا جي هڪ نوجوان فنڪار گريش واسواڻيءَ کان ٻڌو، پر “سنڌ منهنجي امان!” ٻڌندڙن کي رئاڙيو رکي. تاجل بيوس جو اهو ڪلام پنهنجي پڙهندڙن لاءِ هيٺ ڪاپي ڪريان ٿو:
سنڌ منهنجي امان!
سنڌ منهنجي امان! سونهن تنهنجي مٿان،
ڇا لکي ڇا لکان، ڇا لکي ڇا لکان؟
هڪ قلم هڪڙو مان، ڪيئن پورو پوان،
ڇا لکي ڇا لکان، ڇا لکي ڇا لکان؟
هن ڪنڌيءَ تي ڪُڏيو جو ابهم ٻار آ،
ڪنهن ته جيجل جو جاني اکين ٺار آ،
هي جو ٻالڪ سڀاڻي جو معمار آ،
اِن جي ٻوليءَ ۽ لوليءَ تان صدقي وڃان.
تنهنجي ماڻهن کي سيني ۾ سانڍيو وتان،
تنهنجي لاڻن لَون کي به چندن چوان،
شال تنهنجي ئي ڪُک مان پيو هر هر ڄمان،
کير تنهنجو پيان، وَير تنهنجو وٺان.
هُوءَ منڇر کُٽي ڪيئن جا کُٽڻي نه آ،
هُوءَ ڪينجهر رُسي ڪيئن جا رُسڻي نه آ،
هُوءَ سنڌو سُڪي ڪيئن جا سُڪڻي نه آ،
ڪَرُ کڻي ڪالهه آئي جا ڪيلاش کان.
ٿر جي ٿوهر مٿان، جهنگ جهر تي لکان،
مينهن جي بوند تي، سائي سَرَ تي لکان،
ڏاٽي، ڪوڏر، کُرئي، گهوٻي، هر تي لکان،
تنهنجو نالو وٺي توتي لکندو رهان.
هُوءَ جا “بيوس” بُکن تي مڙهي منڊ ٿي،
اڄ به جوٽي اَسُر جو اُٿي جنڊ ٿي،
جا گرم کير ۾ پئي گڏي کنڊ ٿي،
اُن سهاڳڻ کي مان ڪيئن نه سجدو ڪيان.
منهنجي خوش نصيبي چئجي جو انڊيا مان موٽڻ بعد مون سڄو ڏينهن اچي تاجل بيوس سان گڏ گذاريو. ٽيهارو سال کن اڳ جڏهن منهنجو جهاز ڪراچيءَ ايندو رهندو هو ته آءٌ ٻارن سان گڏ تاجل جي گهر ويندو هئس. انهن ڏينهن ۾ تاجل جو گهر گارڊن روڊ تي هوندو هو. هُو هميشھ ڳانا پايو ويٺو هوندو هو. ايتريقدر جو منهنجي گهر جا ڀاتي تاجل بيوس کي ڳانن وارو سڏيندا هئا. ان وقت کيس ٻه يا ٽي ٻار هئا ۽ هاڻ هُو پوٽن ڏُهٽن وارو ٿي ويو آهي. سندن ننهن اسان لاءِ گرم گرم ماني پچائِي. تاجل مون کي پراڻيون تصويرون ڏيکاريندو رهيو. موڪلائڻ وقت مون کي پنهنجا ڪجهه ڪتاب تحفي ۾ ڏنائين، جن مان هڪ جيڪو شاعريءَ جو هو، ايڏو ته ٿلهو هو جو اهو شاهه جو رسالو ٿي لڳو. اڄ افسوس ان ڳالهه جو ٿي رهيو اٿم ته اها منهنجي تاجل سان آخري ملاقات هئي. پاڻ بلڪل ٺيڪ ٺاڪ هو. اوچتو کيس ڏينهن لڳي ويو، هفتو کن اسپتال ۾ رهڻ بعد 13 ڊسمبر 2008ع تي گذاري ويو.
تاجل بيوس جو سڄو نالو تاج محمد سمون آهي، هُو 1938ع ۾ خيرپور ضلعي جي ڳوٺ پير حيات شاهه ۾ ڄائو ۽ بنيادي تعليم پنهنجي ڳوٺ ۽ گمبٽ هاءِ اسڪول مان حاصل ڪرڻ بعد سنڌ يونيورسٽيءَ مان ايڪانامڪس ۾ M.A ڪئي. تعليم پوري ڪرڻ بعد هن پنهنجي ڳوٺ ۾ ماستري ڪئي ۽ انگريزي سبجيڪٽ پڙهايو. بعد ۾ تاجل سرڪاري ڪامورو به ٿي رهيو ۽ رٽائرڊ ٿيڻ کان اڳ تائين رجسٽرار پاڪستان حڪومت ۾ ايڊيشنل سيڪريٽري به ٿي رهيو. پاڻ سنڌي ۽ اڙدوءَ ۾ تمام گهڻي شاعري ڪئي اٿس ۽ سندس شاعري پاڪستان ۽ انڊيا ۾ ڪيترن ئي ڳائڻن ڳائي آهي. پاڻ 44 ڪتابن جو مصنف آهي، جنهن مان 34 ڇپجي چڪا آهن. انهن ۾ هڪ اڙدو شاعريءَ جو مجموعو “اندازِ بیان اور” به اچي وڃي ٿو. تاجل بيوس کي سندس وصيت موجب چوکنڊي جي قبرستان ۾ دفنايو ويو. کيس چار پٽ: سليم، نديم، ذوالفقار ۽ بلاول آهن ۽ ست ڌيئون: نورجهان، سهڻي، سنڌو، ڪنول، بينظير، صنم ۽ خوشبو آهن.